ٿر جي مسئلي جو حل ڇا آهي؟ ؛عاجز جمالي

هلندڙ سال ۾ ٻيو ڀيرو ٿر ڏسڻ جو موقعو مليو. هن دفعي سرڪاري مهمان هجڻ ڪري ٿر جا چار ئي تعلقا سولائيءَ سان ڏسي سگهياسين. جيتوڻيڪ اسان جي مٺي پهچڻ شرط مٺي جي مقامي صحافي دوستن جو خيال هو ته جيئن ته اسان سرڪاري مهمان آهيون، ان ڪري لازمي آهي ته سرڪار جي حمايت ۾ لکنداسين. پر صحافي جو خبر تائين پهچڻ جو رستو ڪهڙو به هُجي، ڪو سچو يا پروفيشنل صحافي خبر سان ئي لاڳاپيل آهي. اسين صحافي لازمي آهي ته سرڪار جي ذريعي ئي گهڻن هنڌن تائين پهچندا آهيون، پر اتان خبر ڪڍي عوام تائين پهچائيندا آهيون. صحافتي دنيا ۾ اهو اهم ناهي ته خبر حاصل ڪيئن ڪئي وئي پر اهو اهم آهي ته ڪهڙي حقيقت عوام جي سامهون آندي.

سنڌ ڌرتيءَ جي رومانوي داستانن جو خطو ٿر نه اسان لاءِ نئون آهي، نه ڪي ٿر جا مسئلا نوان آهن. نه ڏڪار اچڻ ڪا نئين ڳالهه آهي، نه ڪي ڏڪار، بُک، بيمارين ۽ غربت سبب معصوم ٻارن جو مرڻ نئين ڳالهه آهي. ٿر ۽ ڏڪار هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، پر اصل سوال ڏڪاريل انسانن جي مدد ڪرڻ، انهن کي قدرتي آفت مان ٻاهر ڪڍڻ، انهن کي زندهه رکڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني پهچائڻ ۽ انهن کي بيمارين کان بچائڻ آهي. ظاهر آهي ته هڪ جمهوري رياست ۾ اهي سڀ ذميواريون حڪومت جون هونديون آهن.

سنڌ سرڪار جو خيال آهي ته ان ٿر جي ڏڪاريل ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي پر ميڊيا ان جي خلاف آهي. ٿر ۾ معصوم ٻارن جو مرڻ روزانو رپورٽ ٿي رهيو آهي ۽ اهو هڪ معمول بنجي ويو آهي. ٿر بابت ڇپجندڙ غير سرڪاري انگن اکرن موجب هلندڙ سال 600 (ڇهه سؤ) کان وڌيڪ ٻارڙا مري ويا آهن. سنڌ جي صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر گذريل ڏينهن 300 کان وڌيڪ ٻارڙن جي مرڻ جي تصديق ڪئي آهي. مطلب سرڪار اهو ته مڃي ورتو ته ٿر ۾ بهرحال ٻار مري رهيا آهن. ٿر ۾ ڏڪار سبب مال، ڍور مري رهيا آهن، انسان مري رهيا آهن، اهو خود سرڪار به مڃي ٿي. ان سرڪاري تصديق جو مطلب به اهوئي نڪتو ته مسئلو بهرحال ڳنڀير آهي. ۽ هي اهڙو مسئلو آهي جيڪو مستقل بنيادن تي حل چاهي ٿو. سرڪار ضرور چوي ٿي ته ڏڪار کي روڪڻ اُن جي وس ۾ ناهي پر قدرتي آفتن ۾ عوام کي آفت کان بچائڻ بهرحال سرڪار جي بنيادي ذميواري آهي. ۽ اها سرڪار، هڪ عوامي سياسي پارٽي جي چونڊيل هجي ته ان جي ذميواري اڃا به وڌي وڃي ٿي. ڇو ته سنڌ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار آهي، ان ڪري سنڌ جو عوام ان سرڪار کان وڌيڪ اميد به رکي ٿو. جڏهن ان سرڪار ۾ ابهم ٻارڙا مرن ته پوءِ سرڪار تي تنقيد وڌي وڃي ٿي.

ٿر جو هيڊ ڪوارٽر مٺي آهي ۽ مٺي ۾ ڪو ڏڪار ناهي. مٺي شهر جي سول اسپتال ۾ به ڏڪار ناهي، پر ٻاهران ايندڙ سڀني ماڻهن جو زور مٺي تي آهي. اسان پنهنجي سرڪاري ميزبان رشيد چني کي چيو ته مٺي بدران اسان کي ٿر جون ٻهراڙيون ڏيکاريون وڃن ته سٺو هوندو، ان ڪري اسان ڏيپلي جو رُخ ڪيو.

صحت جو مسئلو: مٺي سول اسپتال کان علاوه ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ جون اسپتالون سهڻيون آهن، انهن ۾ سهوليتون به آهن، پر مون کي بنيادي طور تي سرڪاري اسپتالن ۾ ٽي چار وڏا مسئلا نظر آيا، جن تي سرڪار کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. نج ٻهراڙين ۾ جيڪي رورل هيلٿ سينٽرز، بنيادي صحت مرڪز يا ڊسپينسريون آهن، انهن جا ٻيا مسئلا آهن. پر پهرين وڏين اسپتالن جي ڳالهه ٿا ڪريون.ليڊي ڊاڪٽرز جو فقدان يا گائني اسپيشلسٽ نه هجڻ ٿر جي سرڪاري اسپتالن جو وڏو مسئلو آهي، پر ان هوندي به ڪجهه اهڙيون ليڊي ڊاڪٽرز مليون، جيڪي نج ٻهراڙين ۾ رهن ٿيون. ائين اهي ٿر جون مقامي به ناهن. ڳوٺ مالڻهور ويڻا جي ٻهراڙين ۾ اسان ڊاڪٽر جوڙي سان ملياسين. ڊاڪٽر اشتياق بخاري ۽ سندس وني ڊاڪٽر شگفته بخاري گذريل ست سالن کان ٿر جي هن ڳوٺ ۾ ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن ۽ ڏاڍو خوش به آهن. هو چون ٿا ته سندن لاءِ هتي ئي جنت آهي. هن ڳوٺ ۾ پي پي ايڇ آءِ جو مرڪز آهي. اسان جڏهن ڳوٺ پهتاسين ته شام جي وقت به پنجاهه سٺ ڳوٺاڻا اسان جو انتظار ڪري رهيا هُئا. اهڙو ئي هڪ منظر اسان کي ننگر پارڪر جي تعلقي اسپتال ۾ مليو، جتي ٽنڊو الهيار جي ڊاڪٽر نجمه کوسو آهي، هوءَ پڻ ڪافي مطمئن آهي. هن اسپتال ۾ نون ٻارن جي ڄمڻ جي شرح به وڌيڪ آهي ۽ موت جي شرح به گهٽ آهي. پر ڏيپلو جي تعلقه اسپتال ۾ روزانو ڪلوئي کان ايندڙ ليڊي ڊاڪٽر چوي ٿي ته سرڪار جن سهولتن جو اعلان ڪيو هو، اُن تي عمل ڪونه پيو ٿئي. هوءَ چوي ٿي ته روزانو ڪلوئي کان اچڻ سبب منهنجا ٽيهه هزار پيٽرول تي خرچ ٿين ٿا، پر اسان کي چيو ويو هو ته ڊبل پگهار ملندي، اها نه پئي ملي، صرف ڏيڍ هزار اضافي ملندا آهن، اُهي ناڪافي آهن.

اسان کي اها به خبر پئي ته ڏيپلي سميت ٿر جي ڪيترن ئي علائقن جون ليڊي ڊاڪٽرز ٻين هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيون آهن، پر اُهي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اُن کان سواءِ ٿر ۾ ميٽرنٽي هومز ۽ پاپوليشن جو مسئلو وڏو آهي. مان، جڏهن مارچ ۾ ٿر ويو هوس ته ڏيپلي جي تعلقي اسپتال ۾ مون هڪ اڌوري شاندار عمارت ڏٺي هُئي، جنهن جو اڏاوتي ڪم رڪيل هو، خبر پئي هُئي ته 90 لک رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ميٽرنٽي هوم (ويم گهر) جو ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي ڀڄي ويو هو ۽ ٺيڪيدار بااثر آهي، ساڳي وقت ميمڻ به آهي، سينيٽر جو ويجهو مائٽ به آهي، سو ڪير چوي انهيءَ کي. اسان اُن وقت ميڊيا ۾ واويلا ڪئي هُئي، انکان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه ڏيپلو پهتو هو ته انهيءَ ميٽرنٽي هوم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ڪم شروع ٿيو، پر هاڻي جڏهن اسان ست مهينن کان پوءِ ٻيهر ڏيپلو اسپتال ۾ هُئاسين ته ميٽرنٽي هوم جو ڪم صرف ايترو ٿيو هو جو اُن ۾ بجليءَ جون تارون لڳيون ۽ دروازا لڳا هئا، پر اُنهن دروازن ۾ به پراڻن دروازن جون ڀڳل ڪاٺيون استعمال ڪيون ويون آهن، جيڪي وري ڇهن مهينن ۾ ختم به ٿي ويندا، پر مزيدار ڳالهه ته ميٽرنٽي هوم جو ڪم اڄ تائين اڌورو آهي. تصور ڪريو ست مهينن ۾ صرف اڌورا دروازا لڳي سگهيا. هن ويم گهر جو اسٽاف به آهي، ڊاڪٽر به آهن پر ڪو به پيچيده ڪيس ٿئي ٿو ته مريض کي مٺي سول اسپتال موڪليو ويندو آهي. اصولي طور تي ٿر جي چئني تعلقن ۾ ميٽرنٽي هوم، ايل ايڇ ويز، ليڊي ڊاڪٽرز جو هر وقت هجڻ ضروري آهي. ان سان گڏ ٻهراڙين ۾ ماڻهن کي ويم لئه عورتن کي اسپتال موڪلڻ لاءِ آماده ڪرڻ ضروري آهي. ڇو جو ٻهراڙين ۾ اڪثر ڊاڪٽر ويم جو مرحلو اڻ پڙهيل دايون ڪرائين ٿيون، جنهن سبب موت جي شرح وڌيڪ آهي.

مارچ ۾ ڏڪار دوران سنڌ جي وڏي وزير فوري طور تي هڪ سؤ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ ۽ ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، خبر پئي ته ستر کن ڊاڪٽر ڀرتي ٿيا هيا، پر انهن مان ڪجهه غائب ٿي ويا، جيڪي اڃا تائين غائب آهن، پر ليڊي ڊاڪٽرز بنهه گهٽ هيون. ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي اڃا تائين ڪانه ٺهي آهي. ذريعن چواڻي جلد اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ٿيڻو آهي.

ٿر ۾ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ، ٻارن کي ماءُ جو کير نه ملڻ، غذائي کوٽ اهڙا مسئلا آهن، جنهن سبب نون ڄميل ٻارن کان وٺي هڪ سال جي عمر تائين جي ٻارن جي موت جي شرح وڌيڪ آهي. ان ڪري روزانو ٿر ۾ معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن.

منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي صحت جي وزير کي هڪ مهينو ٿر ۾ لڏو لاهي ويهڻ گهرجي. سموري اسٽاف کي اتي ويهاري، روزانو جي بنياد تي معاملن کي ڏسي ٿر جي صحت جي مسئلي جو ڪو پائيدار حل ڳولڻو پوندو. في الحال ته عارضي علاج تلاش ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر ۽ ايمبولينسز موڪليا پيا وڃن. ٿر ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ ليڊي ڊاڪٽر، پنج سو ايل ايڇ ويز ۽ تربيت يافته دايون، ٻهراڙين ۾ ايمبولينس سروس، دوائون ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻيون پونديون. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻهن تائين پيغام پهچائڻو پوندو. ٿر ۾ پاپوليشن جو کاتو ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “ٿر جي مسئلي جو حل ڇا آهي؟ ؛عاجز جمالي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *