ٿر، آر او پلانٽس ۽ حڪومتي بي حسي ؛مشتاق گبول

ٿر گذريل سال کان وٺي ڏڪار واري حالت ۾ ورتل آهي. ڏڪر هُجڻ ڪري بُک، موت جي روپ ۾ ٿر ۾ واسو ڪري ويٺل آهي. خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙا موت جو کاڄ ٿي رهيا آهن! ۽ سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي بي حسي تي ڪيترو لکجي؟

ٿر جيڪو سنڌ جو صحرائي خطو آهي، جنهن ۾ محبتن جا عجيب ڏيک ڏسڻ لاءِ ملندا آهن. ٿر جي خوبصورتي، ٿر جا مور، ڪارونجهر، گرينائيٽ ۽ ٿر جو ڪوئلو ته سرنديءَ وارن ماڻهن ۽ حڪمرانن کي نظرن ٿا، پر ٿر جي ماڻهن جا ”گوڙي مندر“ ۽ جين مت مندر“ وانگر کنڊر بڻيل هانءُ ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نٿا اچن ۽ ٿر جي واريءَ جي ذرن ۾ مليل خواب، ممڪن آهي ته واهوندي رُت ۾ کنڀي جي روپ ۾ يا روهيڙي جي روپ ۾ ڦٽي نڪرن. موجوده حالتن ۾ ته ٿرين جون اکيون ئي ڀِٽن ۽ دڙن جون ڏيک ڏين پيون!

قدرت جا به عجيب ڏيک آهن، ڏُڪر جي حالتن ۾ اهي ڀٽون ۽ دڙا، هانءُ کائڻ پيا اچن ۽ وسڪاري کانپوءِ اهي ساڳيون ڀِٽون، نين سامايل نينگرين وانگر اُڀريل ڇاتين سان پنهنجو ڪرڻ لاءِ آسائتيون نظر اينديون آهن.

ٿر جي ماڻهن جا به نينهن عجيب آهن. وڻ اُنهن جا دوست آهن، جيڪي اُنهن جي ڏک ۾ سڙي سُڪي ويندا آهن. سُک جي وقت ۾ ته اهي دوست هنن جي لاءِ ڇپر ڇانءُ بڻيل هوندا آهن. پکي ته ٿرين جي خوابن وانگي اُڏامندا نظر ايندا آهن. سُڪار جي وقت ۾ ٿر جو هر چؤنرو، سُک لڳندو آهي، هڪڙو ديس نظر ايندو آهي، هڪڙي دنيا نظر ايندي اهي، جنهن مان هُو ڪائنات کي فطرت جي حسين رنگن سان ڏسندا آهن. ٿر جو هر چؤنرو ڏڪار جي وقت ۾، ڪنهن ڏک جيان نظر ايندو آهي. ڪنهن وڃايل خواب جهڙو لڳندو آهي ۽ ڪنهن زخم جيان لڳندو آهي. اڄڪلهه اُهو زخم ڏکي پيو آهي، تازو ٿي پيو آهي، اُن مان رت ڳڙي رهيو آهي، الائي موت ڳڙي رهيو آهي، دردن جون ايتريون ته سُيون، ٿرين جي اکين ۾ چُڀيون ويون آهن، جو انهن کي پنهنجون اکيون به زخمن وانگي لڳن پيون!

اهڙين حالتن ۾ به جيڪڏهن اسان جي حڪمرانن جي اکين ۾ پاڻي نه هُجي ته پوءِ ڪهڙي درد دانهجي!

ٿر، سنڌ جو ڏُکايل هانءُ آهي. سنڌ جي انهيءَ زخمي انگ تي آر او پلانٽ لڳائي، حڪمران اِهو راڳ آلاپي رهيا آهن ته ڄڻ اُنهن ڪا وڏي جنگ فتح ڪئي هجي؟ جتي خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا مرندا هُجن، جنهن ڏيهه ۾ 173 داڪٽرن جون پوستون خالي پيل هُجن، جنهن ديس ۾ ڊاڪٽرن جهڙو مخلوق ڏسڻ ۾ نه ايندو هُجي، جتي آر او پلانٽ کان وڌيڪ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي ضرورت هجي، ، اُتي موجوده وقت ۽ حالتن ۾ ته آر او پلانٽ، حڪمرانن پاران ٿرين تي ڪيل ڪنهن طنز وانگي لڳي رهيا آهن!

سنڌ سرڪار آر او پلانٽ جا انگ اکر ٻُڌائي پنهنجي ڪارڪردگي ظاهر ڪري رهي آهي پر اُنهي کي ٿر جا معصوم گلڙا مرُجهائيندي ۽ خاڪ ٿيندي ڇو نظر نه پيا اچن؟ ڇا آر او پلانٽ لڳائڻ سان ٿر جي معصوم ٻارڙن جي موت جي شرح ۾ ڪمي ايندي؟ ڇا سنڌ سرڪار وٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي؟ جو ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلڻ بجاءِ آر او پلانٽ لڳائي پنهنجي اعليٰ ترين ڪارڪردگي ڏيکاري پئي؟

اهو ته ائين ٿيو، جيئن چوندا آهن ته ڪنڊو لڳي پير ۾ کوٽجي گوڏو! جڏهن گوڏ کوٽبو، تڏهن ائين ئي ٿيندو، جيئن موجوده وقت ۾ سنڌ سرڪار ٿرين سان ڪري رهي آهي.

آر او پلانٽس جي حوالي سان اِهي خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن ته اُهي اُنهن علائقن ۾ لڳايون ويون آهن، جن علائقن ۾ جيالن جي اڪثريت هُئي يا جن علائقن ۾ جيالن رضامندي ڏيکاري هُئي. مطلب ته آر او پلانٽس به پنهنجا نواز پاليسي تحت لڳايون ويون آهن ۽ ٻيو اِهي به ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ آيون آهن ته اِهي آر او پلانٽس، ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سولر سسٽم بجاءِ تيل تي لڳايل آهن يعني ائين ٿيندو جو نه تيل هوندو ۽ نه ئي اهي هلنديون! جيڪڏهن تيل ملندو به ته اُهو ڪاغزن ۾ ملندو ۽ حڪمرانن جا جاوا ٿيندا رهندا!

ڏسجي ته اِهي آر او پلانٽس، ايندڙ وقت ۾ ٿر جي لاءِ ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ ڪيتري قدر حڪمرانن ۽ ڪامورن جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿين ٿيون!

جڏهن به ٿر جي ڳالهه ٿيندي، جڏهن ٿر جي معصوم گلڙن جي مُرجهائڻ جو ذڪر ٿيندو، اُتي سنڌ سرڪار جا وزير ۽ مُشير اِها ڳالهه وڏي فخريه انداز سان پنهنجي اعليٰ ترين ڪارڪردگي طور انهن آر او پلانٽس بابت ٻُڌائيندي نه ٿڪبا! ان کان وڌيڪ ٿرين سان ٻي ڪهڙي مذاق ٿي سگهي ٿي.

مون کي مدر ٽريسا جي ڳالهه ياد پئي اچي، جنهن چيو هو ته: ”ماڻهن کي خوراڪ جي کوٽ نٿي ماري، پر ماڻهن کي محبتن جي کوٽ ماري ٿي.“ مدر ٽريسا جي انهيءَ ڳالهه جي حوالي سان ڏسجي ته سنڌ سرڪار ۽ ڪامورن وٽ محبتن، احساسن ۽ مسيحائي جي کوٽ آهي، جيڪي حڪمران، معصوم ٻارڙن جي موت تي سياست ڪن، جيڪي حڪمران، ايڏي وڏي انساني الميي تي ڪجهه نه ڪري سگهيا هُجن، جن حڪمرانن کي آر او پلانٽس ته نظر اچي رهيا آهن (جيڪي اڃا تائين ورڪنگ پوزيشن ۾ ناهن) پر ٿر ۾ روز مرندڙ ٻارن تي نظر پوڻ وقت اُنهن جي اکين ۾ جهڙوڪر ”موتيو“ لهي ايندو آهي!

سياست به عجيب گورک ڌنڌو آهي، جنهن ۾ حڪمرانن ۽ ڪامورن جي اکين جون به حدون مقرر ٿيل آهن. موجوده حڪمرانن جي ”اکين جي حدن“ ۾  ٿري ماڻهو شامل ناهن! حڪمرانن جي ”اکيون جون سرحدون“ ڪيڏيون نه ننڍيون ٿينديون آهن، انهن جي اکين جي حدن ۾ اُنهن کي پنهنجا ڪيل ڪم، پنهنجا علائقا ۽ پنهنجا ماڻهو نظر ايندا آهن. حڪمرانن جي اکين جي اُپٽڻ ۽ پُورڻ جي روش کي ڏسندي ائين لڳي رهيو آهي ته ٿر، ڄڻ سنڌ جو ’ڏکايل هانءُ‘ نه آهي پر سرحد پار جي دشمنن جو ڪو خطو آهي، جنهن سان هو پنهنجا ازلي وير پاڙي رهيا آهن!

اهڙي بي حسي، اهڙي روش کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟

سنڌ حڪومت جي اهڙي روش ۽ اعليٰ قسم جي ڪارڪردگي ڏسندي، اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. حڪمرانن پاران هاڻي جڏهن ماڻهو اهِو نعرو ٻُڌندا آهن ته هڪڙي طنزيه مُرڪ مُرڪي ڇڏيندا آهن!

هڪ پاسي ٿرين جي دلين جون چِٿڙون لٿل آهن ۽ ٻئي پاسي حڪمرانن جون اکيون ٻوٽيل آهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌ باغي ٿيندي يا نه؟ اهڙين حالتن ۾ سنڌ جا ماڻهو تبديل ٿيندا يا نه؟ جيڪي چوندي نه ٿڪبا آهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، اُن کي لهر نڪي لوڏو، انهن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هاڻي انهن شهيدن جي پارٽي ۾ شهيدن جي خاندان جو ڪو ماڻهو ناهي رهيو. ماڻهن جون پارٽي سان محبتون ۽ همدرديون، ”ڀٽوز“ جي ڪري هيون. ماڻهو ته ”ڀٽوز“ جا ديوانا رهيا آهن ۽ انهن جي ڪري پ پ پ سان محبتون ۽ همدرديون رهيون. هاڻي وقت تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي اڳواڻ تبديل ٿي چُڪا آهن، تنهن ڪري هاڻي سنڌ جا ماڻهو به تبديل ٿي رهيا آهن. ڇو ته ماڻهو سمجهي ويا آهن ته موجوده وقت جا حڪمران انهن جي چِٿڙون لڳل، دلين جو درمان نه ڪري سگهندا. سنڌ جي ڏُکايل هانءُ جي لاءِ اُنهن وٽ دارون درمل ناهي.

سنڌ سڄي سُورن، اهنجن ۽ آزارن ۾ ورتل آهي. موجوده حڪمران انهن آزارن ۽ اهنجن جي لاءِ ويڄ ۽ طبيب نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪو امڪان نظر پيو اچي ته اُهي ٿر جي ماڻهن لاءِ مسيحا ٿي سگهندا!

پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ”بصر“ جي اگهه وڌي وڃڻ جي ڪري، اُتان جي وزير استعيفيٰ ڏني هئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به اهڙا کوڙ مٿال ملي ويندا ته پنهنجن ماڻهن کي سهولتون ۽ حق نه ڏيڻ جي سبب وزيرن پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڏنيون آهن. سنڌ سرڪار جي وزيرن اُن جي ابتڙ، پنهنجي سڄي ڪاوڙ ميڊيا تي ڪڍي هُئي ته ميڊيا انگ اکر وڌائي پيش ڪري رهي آهي ته اهڙي سوچ تي ڪڙهجي نه ته ٻيو ڇا ڪجي؟

ٿر، سنڌ جو هانءُ آهي، جيڪو زخمي آهي ۽ مسيحا ڪو به نه رهيو آهي! هڪڙو دفعو رڳو هڪڙو دفعو، سڀني کي پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته ٿر جي معصوم گلڙن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *