پ پ ۽ پي ٽي آءِ سياسي بلوغت جو ثبوت ڇو نه ٿيون ڏين؟ ؛نسيم بخاري

لنڊن ۾ ٽرافالگر اسڪوائر کان وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي گهر ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تائين جيڪو ڪشمير ملين مارچ ٿيو آهي، ان ۾ بلاول ڀٽو جي تقرير دوران تقريب ڦِٽائڻ جون ڪوششون ڪارگر ثابت ٿيون يا نه پر واقعي سبب نه رڳو بلاول ڀٽو ڀٽي کي تقرير مختصر ڪرڻي پئي پر هڪ تڪرار جو تاءُ، سنڌ جي شهر حيدرآباد تائين به پڳو آهي. لنڊن ۾ ٿيل واقعي کانپوءِ عمران خان جي ڀائٽي حسن نيازي جي گرفتاري، پڇا ڳاڇا ۽ وضاحتن کانپوءِ آزادي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ محسوس ٿيندڙ  تلخين کي وڌيڪ تيز ڪري ويون آهن. اڳ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن وچ ۾ اها پٽڪا لاهه مهم هلندڙ هئي. هاڻ اهو سلسلو ڏيهان ڏيهه وڌڻ لڳو آهي. ان ڪري نه رڳو وطن جا ماڻهو پر هاڻ دنيا وارا به هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ يا هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ واري سياست تي چٿرون ڪري رهيا آهن.دنيا حيران ۽ دنگ آهي ته جنهن ملڪ جي سياسي قيادتن جا اهڙا افال هجن، تن جا  پونئير وري ڪهڙي پير تي هوندا؟ رحمان ملڪ نالي کڻڻ کانسواءِ جهڙي ريت تحريڪ انصاف تي اشارن ۾ تنقيد ڪئي آهي ۽ ان مٿان هندستان کان پئسا وٺي تقريب ڦِٽائڻ جو الزام مڙهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته اهڙي تنقيد جو سلسلو نه رڳو پنهنجو تسلسل برقرار رکندو پر اُهو وڌيڪ سياسي گدلاڻ به پيدا ڪندو. بلاول ڀٽو جي تقرير دوران اسٽيج طرف اڇلايل خالي بوتلون، جيڪا باهه ٻاري ويون آهن، اهو ان باهه جو ئي اثر آهي جو حيدرآباد ۾ جيالن جا جٿا روڊن تي نڪري آيا آهن. هنن هوائي فائرنگ ڪئي آهي. تحريڪ انصاف جي ماڻهن تي حملا ڪيا آهن ۽ عمران خان جي پارٽي جو ضلعي دفتر ڀڳو آهي. جي او آر ڪالوني پونم پيٽرول پمپ راڻي باغ ۽ شهباز بلڊنگ تي گاڏين مٿان جيڪو پٿراءُ ۽ هوائي فائرنگ ٿي آهي، اها ٻڌائي رهي آهي ته اها جذباتيت ۽ اُهو جنون گهڻو اڳتي وڌڻو آهي، جنهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي پر اُن کي روڪڻ بدران ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جون ڪوششون ئي ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، جيڪا ڳالهه ڪنهن به صورت ۾، ڪنهن به سطح تي ۽ ڪنهن به لحاظ کان درست ناهي.پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف ان وقت هڪ ٻئي تي هلان ڪري رهيون آهن، جڏهن عمران خان جي لاڙڪاڻي ۾ 21 نومبر تي اعلانيل جلسي ۾ رڳو ٽي هفتا بچيا آهن ۽ تحريڪ انصاف اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته ان جي سونامي زرداري جي پارٽيءَ جا سنڌ ۾ تڏا ويڙهائيندي. سياسي ڇڪتاڻ جو وڌڻ، جنهن خطري جو گهنڊ وڄايو آهي، تنهن امڪاني خونريزي جو به احساس ڏياريو آهي. اهڙي صورتحال هوندي ته ڪير ڪيئن ڪا تقريب ڪري سگهندو يا ڪيئن عام ماڻهو، اهڙن جلسن جلوسن ۾ بي خوف ٿي شريڪ ٿي سگهندا.تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي کي تاريخ جنهن موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، اُهو موڙ سياسي محاذ آرائي نه پر فضيلت ڀريي سياسي ماحول جو سڏ ڏئي ٿو. تهذيب جو طلبگار آهي ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جي التجا ڪري ٿو. پارٽين  ۾ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جون ڇڙواڳيون ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪڏهن به برداشت ٿيڻ نه گهرجن. ڇو ته اهڙي ڇوٽ يا بَڇ، سماج جو توازن بگاڙيندي آهي ۽ معاشرو رتوڇاڻ واري صورتحال طرف ڌڪجي ويندو آهي. ڪارڪنن تي قيادتن جو ڪنٽرول ۽ نظم و ضبط جي پابندي انتها تي ضروري آهي پر هنن سٽن لکڻ تائين مٿي ڄاڻايل ٻنهي قيادتن پاران ڪا اهڙي پڌرائي جاري نه ٿي هئي، جنهن ۾ ٻنهي پارٽين پنهنجي پنهنجي طور تي پنهنجي پارٽين سان لاڳاپيل ڪارڪنن ۽ عهديدارن طرف کڄيل آڱرن ۽ پيدا ٿيل صورتحال جي ڇنڊڇاڻ جي ڪا جاچ جوچ ڪئي هجي. اها صورتحال انتهائي ڳنڀير، ڳڻتي جوڳي، افسوسناڪ ۽ المناڪ آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ جيترو ٿي سگهي، اهڙن شرمناڪ واقعن جو گهيرو تنگ ٿيڻ کپي، ڇو ته فقط اهڙي سماجي دٻاءُ ذريعي ئي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ماڻهن جا قبلا  درست ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيڻ به گهرجن.

ميڊيا آئينو آهي، ان جو رڳو اهو فرض ڪونهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو رپورٽ ڪجي پر ان جو اهو به فرض آهي ته جيڪو ڪجهه جيئن هئڻ گهرجي سو به ٻڌائي پر بدقسمتي سان پاڻ وٽ پوئين ڳالهه تي عمل نٿو ٿئي، جيڪا ڳالهه هر حال ۾ هاڃيڪار آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ يا ته ڪن جا حامي ويٺل آهن يا وري مخالف اڻ ڌريا ۽ غير جانبدار جيڪڏهن ڪي آهن ته اُهي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ انهن جو آواز  ايترو گهٽ آهي جو اُهو مٿئين سموري سياسي لُڙ تي اثرانداز نه ٿو ٿي سگهي.

جڏهن ته اُن کي اثرائتو هئڻ گهرجي پر پاڻ وٽ ان سوال تي ڪا سوچ ويچار ٿئي ئي نٿي ته اهڙي احوال ۽ احساس کي اجاگر ڪرڻ ۽ اثرائتي بڻائڻ لاءِ ڇا ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ۽ ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو؟ هاڻ ته سياسي پارٽين، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ادارا خريدڻ شروع ڪري ڏنا آهن. اوهان کي ياد هوندو ته ڪجهه وقت اڳ اهڙن اينڪر پرسن جي لسٽ پڌري ٿي هئي، جن سياستدانن، حڪمرانن۽ سياسي پارٽين کان پئسا وٺي، سندس طرفداريءَ ۾ تبليغي ڪردار ادا ڪيو هو پر هاڻ جڏهن ادارن جا مالڪ ئي سياستدان بڻجي رهيا آهن ته توهان تصور ڪيو ته سندن ڇانو ۾ هلندڙ ادارا، ڪيترو حق سچ جو آواز بلند ڪري سگهن ٿا؟ ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غلط کي غلط ۽ درست کي درست چوڻ وارا، وسيلا ۽ آواز نه رڳو برقرار رهڻ کپن پر اُهي وڌيڪ اثرائتا به ٿيڻ گهرجن پر هتي انهن جو دٻجڻ ۽ انهن جو گهٽجڻ، جنهن تيز رفتاري سان جاري آهي، تنهن مان ائين ٿو لڳي ته مستقبل ۾ جنهن سياسي پارٽيءَ وٽ جيترو وڌيڪ سرمايو هوندو، اُها پروپئگنڊا جي ذريعن کي اوترو ئي اثرائتي انداز سان پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندي.

سو ڳالهه اها آهي ته لنڊن ۾، جيڪو لقاءُ خلق ڏٺو آهي ۽ ان جو تاءُ جيئن حيدرآباد ۾ پسيو آهي، تنهن جي رستا روڪ ٿيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي ته اها پارٽي آهي، جنهن جي شهيد اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر 2007ع تي جڏهن بم ڌماڪن ۾دم ڌڻي حوالي ڪيو هو ته ٽي ڏينهن سمورو ملڪ ۽ خاص طور تي پوري سنڌ پورا ٽي ڏينهن هر حوالي سان مفلوج رهي هئي. مواصلاتي نظام درهم برهم هو، ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار رضاڪاراڻا طور تي ماڻهن ٽي ڏينهن بند رکيو هو ۽ انهن ٽن ڏينهن دروان ڪنهن بلڊنگ کي ڪا باهه نه لڳي هئي، ڪو ماڻهو مئو يا ڦٽي نه ٿيو هو. ان غم کي پيپلزپارٽي جي جيالن ۽ ملڪ جي عوام وڏي صبر سان سَٺو هو سو اهڙي تاريخ رکندڙ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي! جو لنڊن ۾ اڇلايل ڪجهه خالي بوتلن کي بنياد بڻائي، هنن حيدرآباد کي حراسان ڪيو آهي! لنڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ جهڙي ريت ٿيو، ان جي عمران خان کي به مذمت ڪرڻ کپي ۽ پڪ سان ان سموري معاملي جي برطانوي پوليس به ڇنڊڇاڻ ڪندي ۽ اُها هر حال ۾ ٿيڻ به گهرجي. لنڊن پوليس جي جاچ کانپوءِ جيڪڏهن ملوث ماڻهن جو تعلق تحريڪ انصاف سان ثابت ٿئي ٿو ته انهن خلاف لنڊن جي قانون کانسواءِ پارٽي جي طرفان به ڪا ڪاروائي ضرور ٿيڻ کپي. حقيقت ۾ ضرورت ته ان ڳالهه جي آهي ته جاچ کان اڳ ئي اهڙن عنصرن ۽ ڪردارن کان تحريڪ انصاف لاتعلقي جو اعلان ڪري. سياسي بلوغت جو ثبوت ڏئي. ڇو ته ان عمل سان عمران خان جي عزت ۽ وقار ۾ ڪا ڪمي نه ايندي پر مٿيون ڪارنامو، سندس مان مٿانهون ڪندو ۽ هن وقت ملڪ کي صاف سٿري سياسي بصيرت جي ضرورت آهي، سوچ سمجهه جي ضرورت آهي، سرت ۽ ساڃاهه جي ضرورت آهي، نه ڪو ٽڪراءُ جي! ڇو ته ٽڪراءُ هر حال ۽ هر صورت ۾ ڀياڪ نتيجا ڏيندو آهي ۽ هي ملڪ ايترا بحران ڏسندو آيو آهي جو هاڻ ان ۾ وڌيڪ سياسي ڇڪتاڻ سهڻ جي سٽ ناهي.

ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ پنهنجي ورڪرن جو هڪ آئيڊيل انسان هوندو آهي. پوئلڳ ان جي واٽ حڪم ۽ هدايتن تي هلندا آهن، ان ڪري جيڪڏهن اڳواڻ ئي چڙ ڏياريندڙ ۽ جنون طرف وٺي ويندڙ جملا ڳالهائيندا ته تصور ڪيو انهن جو پيروڪار ڪيئن نه اثر قبوليندا! سو مٿئين سطح جي قيادتن کي ڳالهائڻ يا پاليسي بيان ڏيڻ کان اڳ پوءِ ضرور جاچڻ گهرجي پر ائين ٿئي نٿو. جڏهن ته ائين ٿيڻ جي جيتري اڄ ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، اوتري اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي وئي هئي پر اهو احساس عام ماڻهن کان ويندي عالمن، اديبن ۽ ڏاهن ماڻهن تائين جيئن محسوس پيو ڪيو وڃي، ڇا تنهن کان سياست جا سردار واقف به آهن؟ جي ها ته ازالو ڪهڙو ٿا ڪن؟ جي نه ته انهن جي ڪن مهٽ ڪرڻ ڪنهن جو فرض آهي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *