پ پ ۽ متحده ٺاهه سان سنڌ کي ڇا ملندو؟ ؛مشتاق گبول

هڪ دفعو ٻيهر پ پ ۽ متحده وچ ۾ ٺاهه ٿي چُڪو آهي. انهيءَ ٺاهه جي پُٺيان بظاهر رحمان ملڪ اهم ڪردار ادا ڪيو پر ان ٺاهه پُٺيان متحده جي لاچاري ۽ مجبوري به شامل آهي. ڇو ته بلديه ٽائون سانحي جي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ انهيءَ سانحي جي ذميوارن جو تعلق محده سان ٻُڌايو پيو وڃي، جنهن متحده کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه انهيءَ رپورٽ جتي متحده کي مُلڪي ۽ غير مُلڪي ميڊيا تي بدنام ڪيو آهي، اُتي عمران خان جي ٻاريل باهه به متحده کي ساڙڻ لڳي آهي، انهيءَ کان علاوه ڪراچي آپريشن ۾ جنهن رفتار سان ڏوهاري گرفتار ٿي رهيا آهن، اُنهن مان گهڻن جو تعلق متحده سان ٻُڌايو پيو وڃي ۽ 12 مئي واري واقعي جا ڇنڊا به متحده جي دامن تي لڳي رهيا آهن. اهي اهڙا معاملا آهن، جن ايم ڪيو ايم کي لوڏي ڇڏيو. انهيءَ صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪٿي پناهه وٺڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي، جن کي  پ پ وارن سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪري، هڪڙي قسم جي پناهه ڏني آهي. انهيءَ ٺاهه تحت، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي پارٽيون سينيٽ جون چونڊون گڏجي وڙهنديون.

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم موجوده وقت ۾ اهڙي موڙ تي اچي بيٺيون آهن، جيڪي بيساکين جي سهاري هلي رهيون آهن. پ پ وارن جي رڌڻي ۾ رولو آهي ته ٻئي پاسي ڪجهه اهڙيون ئي حالتون متحده کي به درپيش آهن ۽ انهيءَ کان علاوه موجوده وقت ۾ ٻئي پارٽيون عوام ۾ پنهنجو ساک وڃائي ويٺيون آهن.تاريخ تي نظر وجهنداسين ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم رُسامي ۽ پرچاءُ جي ڪهاڻي 88ع واري ڏهاڪي کان شروع ٿي هُئي، جيڪا اڃا تائين ”اسٽار پلس“ جي ڊرامن وانگر هلي رهي آهي.ٻنهي پارٽين ۾ جڏهن رُساما ٿيندا آهن ته ٻئي پارٽيون مخالفت جي آخري سرحد تي وڃي بيهنديون آهن، جتي هڪڙي پارٽي جا بيان، سنڌ دشمني ۽ سنڌ جي وجود تي وار جهڙا هوندا آهن ته ٻي پارٽي اُن وقت پاڻ کي سنڌ جي سڀ کان وڏي ”قومپرست“ پارٽي سڏائڻ واري پوزيشن تي اچي ويندي آهي ۽ پوءِ ’مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون‘ جهڙا نعرا ايوانن ۾ گونجڻ لڳندا آهن! ان وقت هوشوءَ جو روح ڪيترو تڙپندو هوندو؟ انهيءَ جو احساس، ايوان ۾ نعرا هڻندڙن کي نه هوندو.هوشوءَ پنهنجي نعري جي”ٽوئيٽ“ ٿيڻ وقت ۽ ”ايوان“ ۾ گونجڻ وقت جنهن اذيت مان گذريو هوندو، انهيءَ درد کي سنڌ جو ڪو عاشق ئي سمجهي سگهي ٿو. هوشوءَ جو نعرو تاريخي پس منظر رکندڙ آهي، جنهن جي اڳيان انگريز سنڌ دشمن جيان بيٺا هئا، جيڪي سنڌ کان سنڌ جي آزاديءَ کسڻ آيا هئا.خير، پ پ، ايم ڪيو ايم وچ ۾ جڏهن به اهڙي قسم جا جهيڙا ٿيا آهن، اُنهن جهيڙن سان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ تڪليف پهچندي رهي آهي. سنڌ، جنهن جي نه ڪڏهن پ پ کي پرواهه ڪئي آهي ۽ نه ڪڏهن ايم ڪيو ايم.سنڌ جي اقتداري سياست ۾ انهن ٻنهي پارٽين هميشه سنڌ کي اهنجن ۽ تڪليفن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. ٻنهي پارٽين جي ڪري سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، انهن ٻنهي پارٽين هميشه پنهنجن مفادن کي اهميت ڏني آهي. سنڌ، نه پ پ جي اوليت رهي آهي ۽ نه ايم ڪيو ايم جي. ڇو ته گذريل ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ ۾ انهن ٻنهي پارٽين جي حڪومت رهي آهي. ڪنهن به سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ ڏانهن ڪڏهن ڌيان ناهي ڏنو!هڪڙي پارٽي کي ”شهري ڀائي“ عزيز آهن ته ٻي پارٽي کي ”وڏيرا ڀائي“ ساهه کان پيارا آهن. ڇو ته ٻنهي کي اهي ڀائي لوڪ کٽرائيندا آهن. سنڌ ڪنهن کي به پياري ناهي!جيڪڏهن سنڌ، ٻوڏ ۾ ٻُڏي ٿي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪراچي جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا. پر ڪراچي جا دروازا، سوات ۽ وزيرستان جي ماڻهن ۽ دهشتگردن لاءِ کليل ئي رهن ٿا!ڪيتري ئي وقت کان وٺي ڪراچي ۾ سنڌ جي شاگردن جي داخلا بند آهي! اُتي نه ئي پ پ ڪجهه ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سنڌي نوجوان ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اچي تعليم پرائن! ڀلي ڪراچي جي ادارن ۾ مذهبي پارٽيون ۽ ڪجهه دهشتگرد حمايتي پارٽين جا نوجوان پڙهن پر سنڌ جي  پرامن سنڌي نوجوانن لاءِ اُتي داخلا ناهي! پ پ جي حڪومت هوندي، ڪجهه نه ڪري سگهڻ لاءِ ماٺ ۽ بي حسي کي ڪهڙي کاتي ۾ ليکجي؟ ۽ ايم ڪيو ايم جي اهڙي عمل کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟جڏهن به پ پ ۽ متحده جي وچ ۾ جنگ لڳندي آهي تڏهن سڀ کان وڏو نقصان سنڌ ۽ سنڌ جا  ماڻهو ڀوڳيندا آهن. لساني نفرتن کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ ٻي پاسي پ پ ۾  ”قومپرست“ سڏائڻ جو جنون جاڳڻ لڳندو آهي. اهڙو تماشو 88ع کان وٺي جاري آهي. موجوده وقت ۾ جهڙي نموني متحده جي لاءِ ڏکيا ڏينهن آيا آهن، اهڙي وقت ۾ اُن جي پت وائکي ٿيڻ کانپوءِ به پ پ، ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٺاهه ڪيو آهي. اهڙين ڳالهين کي ڏسندي اهو سوال ڪري سگهجي ٿو، ٻنهي پارٽين جي ٺاهه سبب، سنڌ کي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ملندو؟ ڇا انهيءَ ٺاهه کانپوءِ، متحده سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ جهڙا بيان نه ڏيندي؟ ڇا  متحده سنڌ جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهندي؟

بظاهر ڏسڻ ۾ ته ائين نٿو اچي ته ڪو متحده جي پاليسين ۾ ڪا واضح تبديلي ايندي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *