پ پ پ متبادل قيادت ۽ نئون سياسي اتحاد؛حميد ڀٽو

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف متبادل قيادت تي مشتمل سياسي اتحاد جوڙڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ٿي رهي آهي ۽ اندازو آهي ته عيد الفطر کان فورن بعد ان سياسي ”اتحاد“ جو اعلان ٿيندوجنهن لاءِ اڻ اعلانيل ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. ان ٺهندڙ نئين اتحاد ۾ سنڌ جا 27 کان وڌيڪ اهم خاندان شامل ٿيندا، انهن خاندانن جوسندن علائقن ۾سهگاري حيثيت رکڻ سان گڏو گڏ اثر و رسوخ وارا ڊگها هٿ موجود آهن، اهي بااثر ماڻهو اڪثر ڪري پنهنجن علائقن منجهان قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جون سيٽون کٽندا رهندا آهن.  پيپلزپارٽي جي نهائت ئي اوج وارن ڏهاڙن ۾ پڻ پيپلزپارٽي جي اميدوارن سان سخت مقابلو ڪندي انهن بااثر شخصيتن کي تمام ٿورڙن ووٽن جي نسبت سان ڪڏهن ڪڏهن شڪست حاصل ٿيندي رهي آهي، جنهن جي ڪارڻن ۾ سنڌ جي عوام ۾ ڀٽو دوستي وارو عنصر شامل آهي پرسنڌ ۾ ٺيڪيدار بڻيل پيپلزپارٽي جي موجودا ضلعي صدرن توڙي جنرل سيڪريٽرين سميت ٻين عهديدارن جي ڪيل ڪرپشن ۽ لاقانونيت، اقربا پروري سبب پيپلزپارٽي جي ساک کي مسلسل نقصان رسڻ کان پوءِ سنڌ جا سگهارا سياستدان نئون سياسي اتحاد قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن، انهيءَ اتحاد جي بنيادي مقصدن ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن  کي سخت شڪست ڏيڻ جي لاءِ چئن کان پنج نڪاتي ايجنڊا تحت سنڌ ۾ اتحاد جوڙيو ويندو، جنهن ۾ ”ڪرپشن جو خاتمو، ڪرائيم کان پاڪ معاشرو، گوڊ گورنينس قائم ڪرڻ، لاقانونيت، غربت جو خاتمو،. اقرباپروري جي خاتمي، سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم ۽ صحت کي هٿي وٺرائڻ سميت سماجي زندگي ۾ بهتر تبديلي واري ايجنڊا شامل آهي. اهڙو نئون جڙندڙ اتحاد عيدالفطر کان بعد باضابطه طور تي اعلان ڪرڻ جا تمام گهڻا اشارا ملي رهيا آهن. پيپلزپارٽي مخالف اتحاد جي جڙندڙ اتحاد جو ڪنوينر هر ايندڙ ٽن مهينن لاءِ مقرر ڪيو ويندو. اتحاد جي ممڪن مول ۽ متن تحت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ضلعي اتحاد قائم ڪري چونڊن لاءِ ماحول جوڙيندو ۽ اندازو آهي ته ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ اتحاد پاران ڪيل ڪوششون اثرائتيون ثابت ٿينديون. ان جڙندڙ نئين اتحاد ۾ يوسي سطح کان ضلعي سطح تائين ضلعي اتحاد جي سرپرستي هيٺ بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو، جنهن ۾ متوقع طورتي ان جڙندڙ مخالف اتحاد کي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ٿيندي. اهڙي اتحاد جوڙڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو، مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر اسماعيل راهو۽ حڪميم بلوچ، پيپلزپارٽي جو باغي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس وني فهميده مرزا، ايم  ڪيو ايم کي خدا حافظ چوندڙ نبيل گبول، مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل ٽي اڳوڻا وڏا وزير سردار ممتاز علي ڀٽو، لياقت علي جتوئي، ارباب غلام رحيم، مسلم ليگ فنڪشنل ليگ جو سربراهه پير پاڳاري سميت مسلم ليگ (ف) سان لاڳاپيل ڄام مدد علي، سيد مظفر شاهه، مهتاب اڪبر راشدي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل ۽ نوازليگ جا بااثر ٻيا اڳواڻ ان نئين جڙندڙ اتحاد ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته نيشنل پيپلزپارٽي جو سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس خاندان سميت اڳوڻو سفارتڪار حسين هارون، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شهيد بينظيرڀٽو جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ۽ موجوده دور ۾ پيپلزپارٽي جو نظر انداز ٿيل مشهور عباسي خاندان حاجي منور علي عباسي، سندس ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ان جي وني ناهيد خان، باقراڻي جي انڙ فئملي، ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ شيرازي ڀائر سميت پيپلزپارٽي ۾ موجود پنجن کان وڌيڪ موجود صوبائي وزيرن سميت پيپلزپارٽي جا ناراض ايم پي ايز۽ ڪجهه موجوده توڙي اڳوڻا پ پ پ جا عهديدار جيڪي ڊگهي عرصي کان وٺي پيپلزپارٽي ۾ اهميت نه ملڻ سبب نئين جڙندڙ اتحاد جو حصو بڻجندا. اهڙي طرح سان سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، جنهن تحت ايم ڪيو ايم خلاف دهشتگردي ۽ ڪرپشن جي الزامن تحت جاري آپريشن کي اثرائتو بڻائڻ سميت ايم ڪيو ايم جي طاقت مان جان آجي ڪرائڻ جي لاءِ اسٽبلشمنٽ هن ڀيري ايم ڪيو ايم کي ديوار سان لڳايو ويندو۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي پاسي تي رکڻ جي لاءِ يوسي سطح کان وٺي سٽي گورنمينٽ  سخت مقابلو ڪرڻ جو طئه ڪيو ويو آهي، جنهن تحت تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، مسلم ليگ(ن)، قومي عوامي پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي سامهون سخت مقابلو ڪندا. هن ڀيري ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اڌ کان وڌيڪ بلدياتي سيٽون ايم ڪيو ايم کي نه ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت ايندڙر عام چونڊن ۾ ايم ڪيو جي لاءِ ڪراچي مان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ نهايت ئي ڏکي صورتحال هوندي. اهڙي صورتحال تحت ايم ڪيو ايم کي ڪراچي مان رڳو ستن کان  چوڏنهن سيٽن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهندي. ڪراچي ۾ پڻ نئون سياسي اتحاد جڙڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، جنهن کي نئين جڙندڙ”سنڌ اتحاد“ جي پٺ ڀرائي حاصل هوندي.اهڙي طرح سان مسلم ليگ (ف) جي سربراهه پير پاڳارو مستقبل ۾ جڙندڙ نئين اتحاد م سگهاري حيثيت تحت شامل هوندو. ان نئين اتحاد ۾ پير پاڳارو، اياز لطيف پليجو، جلال محمود شاهه، ممتاز علي ڀٽو، ذوالفقار علي مرزا، لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم، حسين هارون کي پڻ اهم حيثيت حاصل هوندي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين قومپرست جماعتن جي هن جڙندڙ نئين اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جا چٽا امڪان پڻ  موجود آهن ۽ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه قادر مگسي سميت ٻيون سنڌ دوست ڌريون نئين جڙندڙ اتحاد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. نئين جڙندڙ اتحاد تي يقينن کوڙ سارن الزامن لڳڻ واريون روايتون سامهون اينديون جئين ماضي ۾ ايم آرڊي وارو اتحاد جڙندڙ وقت کيس ٽانگا پارٽيون ۽ مختلف نالن سان کيس ڀيٽا ڏني وئي هئي، پر اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ايم آرڊي تحريڪ ملڪ جي سگهاري آمر حڪمران خلاف طاقتور آواز اڀريو ۽ مزاحمت ڪئي، ان ڪري ايم آرڊي جمهوري سسٽم کي بچائڻ ۾ ڪامياب وئي.اهڙي طرح سان نئين جڙندڙ سياسي اتحاد کي سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سهگاريون جماعتون ان ٺهندڙ اتحاد کي روايتي” ٽانگا“ پارٽي جي لقب سان نوازينديو ويندو پر لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ ننڍين پارٽين سميت سنڌ  جي سگهارن خاندانن کي سنڌ جو عام ماڻهو ووٽ ڏئي سوڀارو ڪندوباقي پاڪستان پيپلزپارٽي جي هميشه اها خام خيالي رهي آهي ته سندن جماعت جو سنڌ ۾ ڪوبه متبادل ناهي، جنهن ڪري پيپلزپارٽي جي قيادت اهڙن وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏئي صوبائي، قومي اسيبملين سميت سينيٽ تائين رسايو جتي ملڪ مان جائز توڙي ناجائز ناڻو ڪمائڻ کان سواءِ سنڌ حڪومت ۾ 50 سيڪڙو صوبائي وزير اهڙا به موجود آهن، جيڪي پنهنجي آفيسن، گهرن توڙي حلقن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن سميت ميڊيا توڙي ڪنهن به ماڻهو سان ملڻ لاءِ هرگزتيار ناهن. اهڙا صاحب سڳورا منجهند جو ٻي وڳي ننڊ مان آرس ڀڃندي اٿي ناشتو ڪري چئين وڳي آفيس پهچندا آهن جتي هڪ ڪلاڪ کاتي مان ڪمايل يا پرسنل سيڪريٽري پاران گڏ ڪيل ڏوڪڙ کڻندا ڄڻ پنهنجي وڏڙن جي زمين يا ڪنهن دڪان تان سموري ڏينهن جي ڪيل پورهئي واري رقم هجي. ان هڪ ڪلاڪ جي مخصوص دڪانداري واري ميٽنگ ڪرڻ بعد وزيرصاحب سرڪاري پروٽوڪول ۽ ٻين لوازمات جو بي دريخ استعما ل ڪندي شام جو ڇهين وڳي کان رات جو هڪ وڳي يا ٻي وڳي تائين چئن کان پنجن مختلف دعوتن ۾ شرڪت ڪندا آهن، جتي شراب ۽ شباب سميت زندگي جون سموريون آسائشون کين ميسر ٿيل هونديون آهن ۽ ڏينهن جو سرڪاري توڙي عوامي خزاني مان لٽيل لکين رپيا رات جو مجرن ۾ نچندڙ ۽ ڪڏندڙ عورتن مٿان  گهور ڪرڻ لڳندا آهن. کين ايترو به خيال ناهين ايندو ته گهور ٿيندڙ ”پاڪستاني روپين“ وارن نوٽن تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح  رحه جي تصوير به هوندي آهي، جڏهن ته اُهي صوبائي وزير توڙي ڪامورا اهڙين بي خود ٿيندڙ پروگرامن ۾ خود بيخود بڻجڻ لڳندا آهن ۽ پنهنجي پروٽوڪول جي پرواهه ڪرڻ بنا خود جهومڻ لڳندا آهن. جن  جا فوٽا وري انهن جي پيارن  پاران ميڊيا حوالي ڪيا ويا،  اهڙي طرح سان ڪجهه ڪامورا،پوليس آفيسر توري ڪجهه ميڊيا جا دوست هڪ ٻئي جي دلالي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ٿا ڇڏين. اهڙن سمورن ڪردارن جي تڌا ويڙهه ڪرڻ جي سلسلي ۾ موجوده سنڌ حڪومت جي خلاف متبادل قيادت گڏجي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا اديب، دانشور، صحافي، فنڪار، قلمڪار ۽ سنجيده حلقن سان لاڳاپيل مختلف ماڻهو پليٽ فارم تي گڏجي سنڌ جي بهتر مستقبل ۽ خوشحال سنڌ وارن مفادن تحت گڏ ٿيڻ وارو عمل يقينن ايندڙ وقت ۾ سنڌ واسين لاءِ خوشخبري جي نويد ثابت ٿيڻ جو امڪان  آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *