اگهور ننڊ مان اٿي پاڪستان پيپلز پارٽي، ڀٽو سياست جي نوجوان وارث ۾ اميدون رکندي ٻيهر جيئندان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪنهن زماني ۾ ملڪ جي اهم سياسي قوت رهندڙ هيءَ جماعت هاڻي ڄڻ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪي آهي. جيڪا ملڪ جي نئين سياسي حقيقت بڻجي چڪي آهي. جيڪا ملڪ جي نئين سياسي حقيقت کان ڏور بيٺل نظر اچي ٿي.
هڪ سياسي سيکڙاٽ لاءِ پست حال ۽ زوال جو شڪار ٿيل پارٽي کي فقط ڀٽي جي نالي تي نئين سر اڀارڻ ممڪن هوندو! ڇا هيءَ پارٽي سرزمين تي پنهنجي جيڪا جاءِ ۽ ساک اڳ ئي وڃائي چڪي آهي، تنهن کي ٻيهر حاصل ڪري سگهندي؟ اهو ڏسڻ ۽ پرکڻ انتهائي دلچسپي هوندو ته هيءَ پارٽيءَ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ۽ اڀرندڙ نئين سماجي ۽ سياسي صورتحال ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿي ڇنڊي ڇاڻي اڳتي اچي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ن سياسي سرگرميون ته ڳچ عرصو اڳ شروع ٿي ويون هيون. پر سندس باضابطا ۽ باقاعده سياسي سفر گذريل ڪجهه مهينن کان سندس عوامي سرگرمين ۾ آيل واڌ سان شروع ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هو اڃا تائين پنهنجي والد جي رهنمائي ۽ نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس چريائپ وارا بيان سندس ئي عملي سرگرمين جي نفي هجن ٿا. عملي سياست جي لاهن چاڙهن مان گذرڻ بنائي قيادت سونپڻ يقينن نوجوان ڀٽي(بلاول) جي خامي نه ٿي چئي سگهجي. پر فقط ڀٽو هجڻ سان ئي فطري اڳواڻ يا قائد بڻجي نه ٿو سگهجي.
حقيقت ۾ سندس والد ۽ پڦي پارٽي تي ڪنٽرول ڪري ۽ هلائي رهيا آهن، جن هن جماعت کي هڪ بزنس ڪارپوريشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پارٽيءَ جي وفادار جي رشتو ناتو ٻيهر پارٽيءَ سان جوڙڻ لاءِ هڪ ”ڀٽي جو چهرو“ ضروري سمجهيو پيو وڃي، پر ڇا ايئن ڪرڻ سان پ پ ۾ نئون روح ڦوڪجي سگهندو؟ اها به حقيقت آهي ته مکيه قومي ڌارا وارين ٻين سياسي جماعتن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي حقن مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ بابت پيپلز پارٽيءَ جو موقف ترقي پسنداڻو آهي تنهن هوندي به هي پارٽي اسٽيٽسڪو خوف ۾ بند نظر ايندي. شهري علائقن مان تڏا ويڙھ ٿيڻ کانپوءِ ڳچ عرصي کان وٺي هيءَ جماعت ٻهراڙيءَ وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي آهي، جيڪو ئي سندس سپورٽ بيس به آهي. پنجاب ۾ سندس جيڪو به حمايتي حلقو هئو سو عمران خان جي تحريڪ انصاف پاڻ ڏانهن ميڙي کڻي وئي آهي. پارٽيءَ وٽ نوجوان آباديءَ کي آڇڻ لاءِ هٿ ۾ ڪجهه به ناهي. هيءَ جماعت فقط ان اميد ۾ آهي ته ڀٽي جو نئون رتُ يا جوان ڀٽو سموري لهر جو پلٽو ڦيرائي پ پ جي پاسي ڪري ڇڏيندو، جنهن جي ملڪ جي وڏي صوبي منجهان تقريبن تڏا ويڙھ ٿي چڪي آهي. پنجاب لاءِ جتي پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ نواز ۾ ويڙھ هلي رهي آهي، اتي هي جماعت نظرئي نه ٿي اچي ۽ غير واسطيدار بڻجي وئي آهي.
اڳواٽ چونڊن جي امڪانن سبب آصف علي زرداري پنهنجو هيڊ ڪوارٽر لاهور منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلاول به صوبي ۾ پارٽيءَ کي نئين سر جيئارڻ لاءِ ريلين جو منصوبو رٿيو آهي پر ان جو تصور ڪرڻ به مشڪل آهي ته پ پ پنجاب جي صوبائي پارٽي ۾ رد ٿيل چهرن جي ذريعي پي ٽي آءِ جي اڀريل لهر جو ڪو ٽوڙ ڳولي سگهندي يا ان کي مات ڏئي سگهندي. پارٽي ڪارڪن ۽ جهونا وفادار انتهائي مايوس ٿي چڪا آهن. ڇاڪاڻ جو پ پ پنجاب ۾ ڄڻ ته ن ليگ جي ماتحت جماعت طور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بينظير ڀٽو جي مرتئي کانپوءِ پارٽي قيادت سنڀاليندي مسٽر زرداريءَ پنجاب ۾ پارٽي جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي آهي، پارٽيءَ جي جهونن وفادارن کي ڪنڊائتو ڪري ان جي جاءِ نون آيلن حوالي ڪري ڇڏي. مسلم ليگ(ن) سان تعاون ڪرڻ تي پ پ جي جهونين شخصيتن ۾ پارٽيءَ کان بغاوت جهڙي صورتحال آهي.
اهو ڏسي تعجب به ٿئي ٿو ته بلاول پنهنجي ناني ذوالفقار علي ڀٽو جي پيروي ۽ ان جهڙو موقف اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت مخالف قومپرستيءَ کي اڀاري رهيو آهي. هن کي يا ته پنهنجي استاد غلط مشورو ڏنو آهي يا وري هو ذوالفقار علي ڀٽي جون چار ڏهاڪن کان به مٿي پراڻيون رڪارڊنگ ڏسي، انهن جي تاريخي پسمنظر کي سمجهي نه سگهيو آهي.
بلاول ڀٽو جيڪا شئي سمجهي نه سگهيو آهي، ساهي آهي ته مسٽر ڀٽي جو تبديلي لاءِ لڳايل نعرو، جيڪو عوام، خاص ڪري ورڪنگ ڪلاس ۽ نئين نسل کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آيو. پ پ جي قسمت جيئن کوٽ کاڌي آهي ته عمران خان طرفان ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي معاملن تي اٻهرو موقف اختيار ڪرڻ جي قطعي نظر هو تبديليءَ واري مقبول لهر جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ جيڪي سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديليون آيون آهن، تن نئين سياسي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، جيڪا نئين سماجي ۽ سياسي معاهدي جي گهر جائو آهي. پر اهڙي صورتحال ۾ پ پ جي قيادت جمود جي ورچڙهيل نظر اچي ٿي، پارٽي نه رڳو وڌندڙ وچولي طبقي ۽ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن آڻڻ ۾ ناڪام ٿي آهي پر اها شهري غريب طبقي ۽ ورڪنگ ڪلاس ۾ به پنهنجو روايتي ڳڙھ ۽ حمايت وڃائي رهي آهي. ڳچ عرصو اڳ ئي پ پ جي شهري علائقن مان ته تڏا ويڙھ ٿي چڪي آهي. ٻهراڙي وارن علائقن خاص ڪري سنڌ ۾ به ان جو ڳڙھ، سندس غلطي حڪمرانيءَ سبب سندس هٿن کان کسڪي رهيو آهي.
هيءَ تقريبن اٺون سال آهي جو پارٽي سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي پر ان عوام جي فلاح، بهبود ۽ ترقيءَ لاءِ تقريبن ڪجهه به نه ڪيو آهي، انساني ترقيءَ جي سمورن اهڃاڻن ۾ سنڌ ملڪ ۾ باقي صوبن کان پٺتي آهي صوبي ۾ اهڙي ڪا شئي ناهي، جيڪا سنڌ سرڪار ترقياتي ڪم جي نالي ۾ ڏيکاري سگهي. بي تهاشا بدعنواني، ان جي سرپرستي ۽ خراب حڪمراني پ پ سرڪار جو نصب العين آهي. تنهن ڪري تعجب نه ٿيڻ کپي ته ڊونر ۽ گهڻ قومي امدادي ادارا سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ کان لنوائن ٿا. هيءَ هڪ اڀرندڙ سچ آهي ته پ پ جيڪڏهن طرز حڪمراني بهتر نه ڪئي ته سنڌ مان به ان جي تڏا ويڙھ ٿي ويندي، تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ شهادتن ۽ خانداني وراثت تي دارومدار رکندڙ سياست گهڻو عرصو جٽاءُ ڪري نه ٿي سگهي. اهو چوڻ مشڪل آهي ته پ پ قيادت کي انهيءَ صورتحال جو ادارڪ ۽ احساس آهي به الائي نه. گهڻو ڪري ناهي. چيو وڃي ٿو ته پارٽيءَ جي تازو ٿيل مرڪزي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ جڏهن پارٽيءَ جي ڪنهن سينيئر ميمبر صوبي ۾ خراب حڪمراني جو ذڪر ڪيو ته مسٽر زرداريءَ کيس ڳالهائڻ ئي نه ڏنو. مرڳو هن وراڻيو ته ملڪ اندر هيءُ سڀ کان بهتر حڪمراني آهي اهو چوڻ مشڪل ٿيندو ته پنهنجي ڏک ۽ نئين سياسي حقيقت کي قبولڻ بنا پارٽي پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪري سگهندي. جيڪڏهن پارٽي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڀٽي جي نالي اکيون ٻوٺي ووٽ شايد نه پئي.