پيپلز پارٽي، سي پيڪ۽ قائد عوام ۽ شهيد راڻي جو تصور: ڪاشف نوراني

سنڌ ۾ ڄڻ اها روايت بڻجي وئي آهي ته سڀني مسئلن جو ذميوار پيپلز پارٽي کي قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ تنقيدن جا تير پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائي هنيا وڃن ٿا. جڏهن ته پ پ پ پنهنجن چئن ڏاڪن واري عمر ۾ لڳاتار آمرن ۽ دشمنن جي نشاني تي رهي آهي ۽ ان جي قيادت کي  جيل، ڪوڙا، ڦاسيون ۽ بم ڌماڪا پلئه پيا آهن. ان هوندي به پيپلز پارٽي قيادت عظيم قربانيون ڏيئي جمهوريت جو جهنڊو بلند رکيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي چاليھ سالن جي سياسي تاريخ تي نظر وجھبي ته اها پيپلز پارٽي ئي آهي جنهن جمهوريت جي بحالي ۽ بقا لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شاهنواز ڀٽو، مير مرتظٰي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سميت سوين ڪارڪنن جا جانين جا نذرانا ڏيڻا پيا آهن ۽ نه ڄاڻ مستقبل ۾ به اڃان ڪيتريون قربانيون ڏيڻيون پونديون پيپلز پارٽي هن ملڪ۾ غريب عوام جي راڄ لا۽ هر وقت قرباني ڏيڻ لا۽ تيار رهي آهي. پيپلز پارٽي جا سچا ۽ جيالا هر دور ۾ اياز سمي وانگر ڦاسيءَ جي تختي تي به نچندا ڪڏندا چڙهي ويندا آهن. هي واحد پارٽي آهي جنهن ۾ اهڙا دلير ڪارڪن آهن جڏهن ته ٻين پارٽين ۾ ڪارڪنن ۾ اهڙي دليري نظر نه ايندي يا هر وقت ڪا نه ڪا قرباني ڏيڻ لا۽ هر وقت تيار هجن.

پيپلز پارٽي سنڌ جي لا۽ جيڪي ڪوششون ڪيون آهن اهي به ڪنهن کان لڪل نه آهن. پر هڪ سازش تحت پ پ پ جي باري ۾ اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اه سنڌ دشمن آهي ۽ سنڌ جي مفادن جو بچاءُ نه ڪري رهي آهي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته  اها پيپلز پارٽي ئي آهي جنهن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ وڏيرن جي بجا۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي اڳيان آڻي نوڪرين ۽ ٻين شعبن، جهڙوڪ تعليم، صحت وغيره ۾ ڀرپور موقعا فراهم ڪيا. جنهن جي ڪري سنڌ جي وچولي طبقي 70 واري ڏهاڪي ۾ اسرڻ شروع ڪيو. پ پ پ اها روايت جاري رکندي شهيد بينظير جي حڪومتن به آصف زرداري جي اڳواڻي۽ ۾  لکين نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڏنا. بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ جهڙا سکيا جي پروگرامن مان فني مهارتون حاصل ڪري مختلف کاتن ۾ روزگار وٺي ويا. پ پ پ صوبائي خودمختياري جي بحاليءَ لا۽ قدم کڻندي 22 جي لڳ ڀڳ کاتن کي صوبن جي حوالي ڪيا. پوئتي پيل بلوچستان کي هڪ نئين بلوچستان جي طور تي اڳڀرو ڪيو ويو جنهن جي ڪري اڄ جي پاڪستان جي صوبن جي حالت ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي حد تائين بهتر ٿي چڪي آهي.

پاڪ-چين راهداري پ پ پ حڪومت جو ڏنل منصوبو آهي، ان جو خيال ۽ پاليسي ڏئيپ پ پ  پنهنجو اشتهار تاريخ ۾ ڏنو آهي، باقي جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) وارا ان تي پنهنجي نالي جي تختي لڳائي ميڊيا جي ذريعي ڪريڊٽ کڻڻ چاهين ٿا ته ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي، ان بابت ڪير ڪيترو به چوي ته هي ٿي ويو، هو ٿي ويو، ڪنهن کي ڇا مليو؟ سي پيڪ سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ وڏو فائدي وارو آهي، ڀٽو جي سوچ تي ايمان رکي،  ذوالفقار آباد ٺاهي سمنڊ پاران پائي ويل ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين کي واپس ڪرڻ ٿي چاهيو پر ڪجهه عنصرن سنڌ جي مستقبل ۾ چين سان ڀائيواري کان ڊڄي ان تي ناڪاري پروپئگنڊا ڪئي، ماضي ۾ ڪجهه ڌرين غلطيون ڪيون ۽ ملڪ جي گادي واري هنڌ کي “نه کپي” وارو نعرو هڻي تبديل ڪرايو، جيڪڏهن اهو تبديل نه ٿئي ها ته سنڌ ترقي ۾ الائي ڪٿي هجي ها، اها شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دورانديشي هئي جو هن چين سان ڳالهيون ڪري ڪي ٽو حاصل ڪيو، چين سان لاڳاپن جو بنياد شهيد ڀٽو رکيو ۽ ان کانپوءِ انهن تعلقاتن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽آصف  زرداري اڳتي وڌايو، 500 چيني پاڪستان تي پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي اهي اردو ۾ ڳالهائين ٿا،  شهيد بينظير ڀٽو ڪيٽي بندر منصوبو ڏنو جتي هن وقت جا 5 هزار ڊالرن جي سيڙپ ٿئي ها، اهڙي طرح هن 50 هزار ميگاواٽ بجلي جو به منصوبو ڏنو پر ان وقت جي پ پ حڪومت کي وقت کان اڳ ۾ ئي ختم ڪيو ويو، جنهن جي ڪري اهي منصوبا به ختم ٿي ويا، پيپلز پارٽي دورانديش نظرئي تي هلي رهي آهي ۽ اهو نظريو اسان جي نسلن کانپوءِ به قابل عمل هوندو، ماضي ۾ ڪجهه ڌرين جي غلطي سبب ملڪ جو گادي وارو هنڌ ڪراچي کان اسلام آباد تبديل ٿي ويو، جيڪڏهن اهو تبديل نه ٿئي ها ته سنڌ ترقي ۾ هن وقت الائي ڪٿي هجي ها، ڪجهه عقل جا گهٽ ماڻهو غلط پاليسيون ڏين ٿا ۽ واويلا ڪن ٿا، سي پيڪ اهڙو منصوبو آهي جيڪوسنڌ جي ايندڙن نسلن کي به ياد رهندو، سي پيڪ نج پ پ پ جو تصور هو، باقي ان تي تختي ڪنهن ٻئي هنئي آهي پر اسان کي فرق نٿو پوي. سي پيڪ ۾ سنڌ جي ڪيٽي بندر، ڪراچي سرڪيولر ريلوي، ڌاٻيجي معاشي زون ۽ توانائي جي مختلف منصوبن کي شامل ڪيو ويو آهي، سي پيڪ پيپلز پارٽي جو منصوبو آهي ان ڪري واضح آهي ته اهو پ پ حڪومت جو ڏنل آهي، باقي (ن) ليگ وارن صرف ان تي پنهنجو نالو لکيو آهي پاناما ليڪس جي اهم ڪردار شريف ڀائرن ۽ انهن جي انتظاميا جي ناقص منصوبابندي جي ڪري پنجاب جا گهڻا منصوبا معيار مطابق نه هجڻ ڪري سي پيڪ مان خارج ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت مختلف منصوبا شامل ڪرايا آهن، سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن جا 2 شهر ڪراچي ۽ سکر سي پيڪ جو حصو آهن. چائنا ۽ پاڪستان جي دوستي جو پيڙهه جو پٿر شهيد ذوالفقار ڀٽو رکيو ۽ اهڙا منصوبا ٿيندا آهن جن جو بنياد ڪوئي ٻيو رکندو آهي ته افتتاح ڪو ٻيو ڪندو آهي، سي پيڪ آصف زرداري جي محنت آهي.

پيپلز پارٽي تي اهي به الزام لڳايا ويا ته ان هميشه ايم ڪيو ايم سان سياسي مفاهمت ڪندي رهي آهي ۽ ان عمل کي سنڌ دشمني قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي حالانڪ الزام هڻندڙ پاڻ به ڪيترائي ڀيرا ايم ڪيو ايم سان اتحادي رهندا آيا آهن. انهن عقل جا انڌن کي اها خبر نه آهي اهو به ڀٽي شهيد جو تصور ئي هو جنهن شهري ۽ ٻهراڙي جي نمائنده پارٽين کي اقتداري ڌارا ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي جيئن ڀائيچاريءَ وارو عمل اچي. جڏهن ته سنڌ ۾ نه ته ڪنهن سياسي مخالف کي قيد ڪيو ويو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو.پيپلز پارٽي جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي سوچ ٿي سگهي ٿي ته اها پنهنجي مخالفن جي ڳالھ به ٻڌي ۽ برداشت به ڪري ۽ اڃان به سياسي مخلفن کي مفاهمت جي روپ آڻڻ جي ڪوششن ۾ لڳي پئي هجي. يقيني طور تي اها پيپلز پارٽي جي سياسي بردباري ۽ جمهوري سوچ هئي جنهن سان سياسي مخالفن کي مڪمل جمهوري آزادي ڏني ۽ سندن سياسي  عمل ۾ ڪا رنڊڪ به نه وڌي.

اهي سموريون ڳالهيون واضع ڪن ٿيون ته پيپلز پارٽي نه رڳو سنڌ جي ماڻهن جي مفادن جو عملي طور تي تحفظ ڪندي رهي آهي پر مستقبل ۾ اها سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي جا فيصلا ڪندي رهندي.

justkashif88@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *