پوليس کاتي ۾ به رينجرز آپريشن جي سخت ضرورت آهي؛ايم حسن ناز سومرو

سنڌ اندر ڏوهن ۾ گھٽتائي جو سبب رينجرز فورس پاران آپريشن ڪرڻ آهي، جنهن ۾ بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو نتيجو سمورن سنڌ واسين جي سامهون آهي پر اڃان به ڪجھ اهڙا ڏوهاري موجود آهن جن کي پوليس جي پشت پناهي حاصل آهي ۽ پوليس وارا انهن جي مدد ڪندي وڏو فخر محسوس ڪري رهيا آهن، اسان وٽ سنڌ اندر اهو ڏاڍو ماڻهو ليکيو ويندو آهي جنهن جي ياري دوستي ڌاڙيلن سان هجي ۽ پو۽ ان شخص کان هر ماڻهو ڊڄندو به آهي ۽ خوف وڃان عزت به ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن عزت نه ڪئي ته صبح جو ياته ان جو لاش ملندو يا مال چوري ڪيو ويندو، مطلب ته هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون رائج ٿيل آهي اهڙي طرح سنڌ اندر ٿيندڙ ڏوهن ۾ جيسيتائين ڪو پوليس عملدار ساٿ نه ٿو ڏئي ايسيتائين تائين ڪوبه ڏوهاري ڏوه نه ٿو ڪري سگھي.

سنڌ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پوليس قانون جي گھٽ پر هڪ وڏيري جي غلام ضرور هوندي آهي، ڳوٺن اندر ٿيندڙ هر ٻڌي ۽ ڇوڙي وڏيرڪي حڪم تحت ٿيندي آهي، هڪ وڏيرو جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو بادشاه هوندو آهي ان وڏيري جي حڪم ۾ تر جا سمورا ڏوهاري سندس هٿ هيٺ هوندا آهن، ان کان علاوه سندس علائقي جو صوبيدار به وڏيري جو هر حڪم بجا آڻيندو آهي، سو اهڙي طرح ڳوٺ جو وڏيرو پنهنجي اڻپڙهيل سوچ سان پيو ڳوٺ جي غريبن جي رت پيئندو رهندو آهي.

سنڌ جي ٻهراڙين وارن ٿاڻن جو حال ڏسڻ وٽان هوندو آهي، هڪ ڀيري هڪ ٿاڻي تي منهنجو وڃڻ ٿيو جتي صوبيدار صاحب هڪ ڪڪڙ کي بادام کارائي رهيو ۽ پاسي ۾ هڪ تتر به پڃري ۾ ٻوليون ڪري رهيو هو، اسان کي ڏسندي کي صوبيدار صاحب وڏو وات ڦاڙي چيو ته اچو سائين اچو …….!! اسين به ٿاڻي تي ويا سين ته صاحب سنتري کي چانهه آڻڻ لاءِ چيو مونکي دوست اڳ ۾ ئي چيو هو ته ڪري صاحب وٽ گھڻو نه ويهجو، معاف ڪندا اسان پنهنجي ڳوٺ جي صوبيدار کي اڪيلائي ۾ ڪرو ڪري سڏيندا آهيون ڇاڪاڻ ته هڪ ڀيري ڪتي ۽ سوئر جي شڪار دوران هڪ ڪتي جو چڪ سندس ڪن ۾ پئجي ويو ۽ ڪتي به رعايت ڪون ڪيس ۽ صاحب جو ڪن ڪٽي کائي ويو ۽ ان ڏينهن کان اڪثر ڳوٺاڻا صوبيدار کي ڪرو صاحب ڪري ڪوٺيندا آهن، سو صوبيدار صاحب تر جي اڪثر ڌاڙيلن جي شادين ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي ۽ ڌاڙيلن پاران ٺهرايل موويز ۾ اڪثر ڪرو صاحب ويٺل نظر ايندو آهي اهڙي طرح هڪ ڀيري رينجرز آپريشن ۾ اهڙيون موويز هٿ آيون جنهن ۾ ڪرو صاحب نمايان ويٺل هو سو ايس پي صاحب ان کي فقط رورٽ ڪري اي ايس آءِ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته باقي ڪيل گناه سندس معاف ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته هو پوليس وارو هيو.

.سو سائين پوليس ۽ ڏوهارين جو ساٿ صديون پراڻو آهي، هڪ ڀيري اسان جي ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن ماڻهو اغواءَ ڪيا هئا سو مونکي چڱي طرح ياد آهي ته پوليس جا چڱا ڀلا آفيسر ڌاڙيلن سان موبائيل فون تي ڳالهيون ڪري رهيا هئا پر جڏهن پوليس ۽ ڌاڙيل ڀنگ جي رقم تي نه ٺهيا ته ڌاڙيلن موبائل فون بند ڪري ڇڏيا، ۽ پوءِ وري پوليس وارا وڏيرن کي منٿون ڪندا رهيا ته اسان جي عزت جو ڀرم رکو ۽ ماڻهو موٽرائي ڏيو، سو اهڙي طرح پوليس ۽ ڏوهارين جو پاڻ ۾ چولي دامن جو ساٿ رهيو آهي پر ڇاڪجي شينهن کي ڪير چئي ته تنهنجي منهن ۾ ڌپ آهي….؟؟

جڏهن ته پوليس ۽ ڌاڙيلن جي دوستي جي مونکي ڇا پر پوري سنڌ جي ماڻهن کي خبر آهي پر سنڌ جا سٻاجھڙا ماڻهو ظلم سهي ڪري به ڪجھ ڪونه ڪڇندا آهن.

ڌاڙا هجن يا ڦرون هجن اڪثر موقعن تي پوليس وارا ڪافي ڀيرا پڪڙيا به ويا آهن پر پوليس جي نوڪري هجڻ ڪري انهن سان هر موڙ تي رعايت ٿيندي رهي آهي.اڄ به توهان ڌاڙيلن ۽ پوليس وارن جون موبائلون ٽريس ڪري ڏسو ته اڌ کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ملوث نڪرندا پر ڪنهن کي دانهن ڏجي، جيڪڏهن ڌاڙيل سول ڪپڙن ۾ ڏوهاري آهن ته پوليس وارا وري سرڪاري وردي جا ڌاڙيل آهن، جيڪڏهن ڪو پوليس اهلڪار خود ڏوه نه ڪري سگھندو آهي ته پوءِ پنهنجي رائيفل يا پسٽل ضرور ڏوه ڪرڻ جي ارادي سان موڪلي ڇڏيندو آهي ته جيئن ڦر جي مال ۾ حصو پتي وڌيڪ اچي سگھي، اڪثر ڦرن ۽ ڏاڙن جي وارداتن ۾ خود پوليس وارا پڪڙيا ويا آهن يا وري سرڪاري هٿيار پڪڙيا ويا آهن پر سائين پوءِ به ڪير نالو کڻي……….!!

جي اگر اسين نالو کڻنداسين ته پوءِ ڀلا ڇا اسان کي هتي رهڻو نه آهي ڇا…..؟؟

اسين پوليس جي خلاف هرگز نه آهيون، ڇاڪاڻ ته پوليس ۾ ڪجھ اهڙا اهلڪار به آهن جن جي سهاري اسين زندگي گذاريون پيا ۽ اهي آفيسر پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌ جي عوام سان محبت به ڪن ٿا پر پوليس اندر داخل ٿيل ڪجھ سياسي سپورٽ وارا يا وڏيرڪي حمايت رکندڙ ماڻهو جيڪي پنهنجي بالا آفيسرن کي به بدلين جو ڌمڪيون ڏيئي ڪم وٺندا آهن ۽ هر ڪڌي ڪم ۾ ملوث هوندا آهن اهڙن پوليس اهلڪارن لاءِ رينجرز آپريشن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن انهن ڏوهارين کي پوليس مان ڪڍي عبرتناڪ سزا ڌني وڃي ۽ پوليس کي ڏوهاري ماڻهن کان پاڪ ڪيو وڃي.

هن وقت گھوٽڪي ضلعي اندر رانوتي ٿاڻي جي حد اند هلندڙ آپريشن دوران پوليس کي شڪست حاصل ٿي ۽ ان کان پوءِ اتان جو آپريشن رينجرس حوالي ڪيو ڇاڪاڻ ته پوليس وارا آپريشن به پاڻ پيا ڪن ته ڌاڙيلن کي اطلاع به خود ڪن پيا ته هيڏانهن پوليس اچي پيئي توهان هوڏانهن نڪري وڃو، سو سائين جڏهن گھر جا ماڻهو بيٺا خود ڏوهارين جي سرپرستي ڪن ته پوءِ اهي ڌاڙيل ڪيئن پڪڙي سگھجندا ۽ پوءِ ظاهر آهي ته پوليس کي شڪست ئي ملندي ۽ پوءِ انهيءَ جڳه تي جڏهن رينجز کي موڪليو ويو آهي ته هاڻي نتيجا گارگر نڪرندا.

سو پوليس ۽ ڌاڙيلن جي رابطن کي ختم ڪيو وڃي ۽ پوليس اند موجود ڏوهارين جي ساٿاري پوليس وارن جي به فل فرائي ڪئي وڃي ته جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ڌرتي کي امن جو گهوارو بڻائي سگھجي.

هڪ ڀيري جاپان، آمريڪا ۽ پاڪستان جي پوليس آفيسرن جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي جنهن دوران هو هڪ ٻئي سان پنهنجي بهادري ۽ ڏاهپ جا قصا ٻڌائي رهيا هئا، ايتري ۾ جاپان جي پوليس آفيسر چيو ته اسين پنهنجي ملڪ ۾ ڏوه ٿيڻ کان پوءِ هڪ هفتي اندر ڏوهاري کي پڪڙي وٺندا آهيون …….!!

آمريڪي پوليس آفيسر چيو ته اسين واردات ٿيڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن اندر ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهيون …..!!

پاڪستاني پوليس آفيسر اهو سڀ ٻڌي خاموش ٿي ويو …….!! جاپاني ۽ آمريڪي حيران ٿي پاڪستاني کان پڇڻ لڳا ته توهان به ته ٻڌايو ته توهان ڪيتري دير ۾ ڏوهاري پڪڙي وٺندا آهيو….؟؟

تنهن تي پاڪستاني پوليس آفيسر چيو ته اسين هڪ هفتو اڳ ۾ ٻڌائي ڇڏيندا آهيون ته فلاڻي هنڌ تي ۽ فلاڻي وقت تي ڦر ٿيندي يا ڌڙو لڳندو………!! انهيءَ ڳاله مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ پوليس اندر اهڙيون ٻوٿ ڪاريون رڍون موجود آهن جيڪي ڌاڙيلن سان رابطي ۾ آهن ۽ هر وقت سندن مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن سو اهڙن ڏوهاري پوليس وارن جو رينجرز آپريشن ٿيڻ ضروري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *