پوليس کاتو ۽ عوام هڪ چڪي جا ٻه پُڙ: عبدالله شيخ …ڊي آءِ جي سي آئي اي ڪراچي

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ پوليس ۽ عوام وچ ۾ ويڇا ايترا وڌيل آهن جو ان کي ورهائڻ ۾ ٻنهي ڌرين جي اڻٿڪ جدوجهد گهربل آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون اڄ ڪلهه پنهنجي وقت جو هڪ وڏو حصو پوليس سڌاري تي غور ڪندي گذاريان ٿو. ان سڌاري جي بنيادي خدوخال ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو وڌيڪ پئسو خرچ ڪرڻ کانسواءِ کاتي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اپاءُ شامل آهن. موجود پوليس سسٽم جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اعليٰ آفيسرن کي فوري طور ڪوبه ريليف نه به پر هيٺين سطح جي اهلڪارن جي انداز ڪار ۽ سهولتن تي لازمي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

ٿورو سوچيو ته جڏهن هڪ پوليس اهلڪار ناڪافي خوراڪ ۽ آلوده ماحول ۾ 12 ڪلاڪ گرمي هجي يا سردي، آنڌي اچي يا طوفان پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪرڻ تي مجبور هوندو ته ان پاران اعليٰ ڪارڪردگي جي اميد محض اميد ئي ٿي سگهي ٿي. ان کي حقيقي معنيٰ ۾ عملي جامعو پهرائڻ مشڪل آهي. ترقي يافته ملڪن جيان پوليس کي هڪ مثالي ادارو بڻائڻ لاءِ اسان کي بطور قوم گڏيل فيصلن جي ضرورت آهي. موجوده سسٽم ۾ پوليس جي اعليٰ قيادت کي پنهنجي فورس جي هيٺين طبقي جي اهلڪارن سان سڌوسنئون رابطو نٿو ٿي سگهي، جنهن سبب هيٺين طبقي جا اهلڪار پنهنجي هدف ۽ ذميوارين جو درست ادراڪ نه هجڻ سبب اڪثر وقت پريشاني جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. هيٺين طبقي جي انهن اهلڪارن جو ڇو ته عوام سان وڌيڪ واسطو پوي ٿو جيڪي ان پريشاني جي ڪيفيت ۽ پنهنجن مسئلن جي ڪري عوام سان خراب رويي سان پيش اچن ٿا. اعليٰ ترين سطح تي عقل ۽ دانش جي جن اپائن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ٿي اهو هيٺين طبقي تائين نه پهچڻ جي ڪري نه صرف هو سڪيورٽي بلڪ خود پنهنجي حفاظت لاءِ ضروري اپائن کان به غفلت جو مظاهرو ڪري وڃن ٿا.

پوليس جي هيٺين اهلڪارن کي پيش ايندڙ چئلينجن کي ڏسندي اميد آهي ته سينيئر ڪمانڊ هاڻ اهلڪارن جي گڏيل ڀلائي مثال طور ميڊيڪل، تعليم ۽ رهائشي سهولتن جي فراهمي جو جائزو وٺي اهم اپائن جو اعلان ڪندا. موٽر وي پوليس جي ڪارڪردگي اسان جي سامهون آهي. مون سنڌ پوليس جي جوانن ۾ وڏو ٽئلينٽ ڏٺو آهي. جيڪڏهن مقامي پوليس کي به پيش ايندڙ چئليجن سان منهن ڏيڻ لاءِ سخت ٽريننگ ۽ ذهني سڪون جي فراهمي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته ڪوبه سبب نه آهي ته هو مثالي پرفارمنس جو مظاهرو نه ڪري سگهن. عوامي سطح تي شعور جي بيداري به ان مقصد جي حصول ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان کي ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو ته پوليس اهلڪارن جو تعلق به اسان جي ئي معاشري سان آهي، جنهن ۾ اسان رهون ٿا، جهڙي ريٽ هر شهري کي ڪنهن شخص جي هٿان ٿيندڙ ڏوهه جو الزام نٿو ڏئي سگهجي اهڙي طرح ڪنهن پوليس اهلڪار جي غلطي تي سموري فورس کي ذميوار نٿو بڻائي سگهجي.

روين جي تبديلي خواهه اهو شهري هجي يا اهلڪار، ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. آئون ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آهيان ته شهرين جي اڪثريت ڪنهن ايمرجنسي يا شڪايتن جي صورت ۾ ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ وڃڻ کان ڊڄن ٿا. اهڙن ماڻهن جي به کوٽ نه آهي جيڪي لٽجڻ کان پوءِ به ٿاڻي تي وڃڻ جي نالي کان توبهه ڪن ٿا. جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه جو يقين ڪريو ٿا ته هر ٿاڻي ۾ اهڙي صورتحال ناهي، تازو عشره جي دوران پوليس کاتي ۾ گهڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته کاتو هر طرح جي حرڪتن کان پاڪ ٿي ويو آهي. پوليس کاتو منهنجي خاندان جيان آهي. آئون پنهنجي خاندان ۾ برٽش دور جي قديم وقتن کان هلندڙ خامين کان آگاهه آهيان. اهو ئي سبب آهي ته آئون پوليس کاتي ۾ سڌاري جو عزم رکان ٿو. مون پنهنجي ان عزم کي عملي جامعو پهرائڻ لاءِ پنهنجي جيترن ساٿين ۽ سينيئر سان ڳالهه ڪئي انهن به ان سوچ جو اظهار ڪيو.

نه صرف آئون بلڪ پوليس آفيسرن جي اڪثريت ان حقيقت تي يقين رکي ٿو ته ڪوبه جوابدار ان وقت تائين بي گناهه هوندو آهي جيستائين ان خلاف ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جو ڪو ناقابل ترديد ثبوت نه ملي وڃي ۽ قانون جي عدالت ان ثبوت کي تسليم نه ڪري وٺي. ان حقيقت تي يقين رکڻ سبب مون پنهنجن سمورن ماتحتن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته آئون ڪنهن بي گناهه تي تشدد برداشت نه ڪندس. منهنجي انهن لفظن جو اهو مطلب نه ورتو وڃي ته آئون ڏوهه ۾ ملوث شخص تي تشدد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اصل ۾ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به الزام تحت ٿاڻي آندل شخص عدالت کان سزا ٿيڻ تائين بي گناهه آهي ان لاءِ جوابدار تي تشدد بجاءِ ان جي خلاف ثبوت حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي.

جديد دنيا ۾ چهره شناسي، باڊي لينگويج، هينڊ رائٽنگ ايڪسپرٽس، فرانزڪ سائنس، ڊي اين اي ۽ ٻي ڪيميائي ٽيسٽ ذريعي جوابدار کان ڏوهه تائين جو سفر ڪافي شفاف ٿي ويو آهي. بلاشبه سنڌ پوليس کي هڪ ٻن کان علاوه فرانزڪ جي وڌيڪ سهولت حاصل نه آهن ۽ ان جي فراهمي ۾ وقت لڳندو. هڪ ڊي اين اي ليبارٽري ڄامشورو ۾ زير تڪميل آهي. اسان کي ان کان تمام گهڻيون اميدون آهن.

پوليس کاتو جوائن ڪرڻ ۽ ان کان اڳ به منهنجو پرڏيهه جي ڪافي شهرن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو آهي. پوليس سروس جوائن ڪرڻ کان پوءِ پرڏيهه جي دورن ۾ منهنجو ڌيان جو مرڪز مقامي پوليس ۽ ڪميونٽي وچ ۾ تعلقات هوندا آهن. اڄ دنيا ۾ مالياتي سرگرمين جو مرڪز تصور ڪيو ويندڙ سنگاپور هڪ زماني ۾ ڪرپشن ۽ ڏوهه جو ڳڙهه تصور ڪيو ويندو هو. اهو ئي حال ٿائي دارالحڪومت بئنڪاڪ جو هو. اصلاحن جي نتيجي ۾ جنوبي ايشيا جي انهن شهرن جو ماحول تبديل ٿي چڪو آهي. خود دنيا جي ترقي يافته ترين ملڪن خاص ڪري آمريڪا جي رياستن ٽيڪساس، ڪولوراڊو ۽ نيويارڪ به ڏوهه جا مرڪزا سمجهيا ويندا هئا. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪجهه آمريڪي رياستن ۾ ڏوهه جي شرح اڄ به اسان جي ملڪ جي اوسط شرح کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته پوليس ۽ ڪميونٽي وچ ۾ مثالي تعلقات جي نتيجي ۾ نه ته عام شهري کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ نه ئي پوليس کي جوابدار تائين پهچڻ ۽ ان کان ڏوهه باسرائڻ لاءِ تشدد جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. اهائي مثالي صورتحال پاڪستان ۾ به ممڪن آهي. پوليس سڌاري لاءِ منهنجون ڪوششون پرڏيهي ملڪن جي مثالي مقامي ماحول کي ڏسي ڪري شروع ٿيون آهن.

پنهنجي موجوده ماحول کي تبديل ڪرڻ، نوجوانن ۾ ڏوهه کان نفرت پيدا ڪرڻ، ٻارن کي گهٽ عمر کان ڏوهه کان بچائڻ ۽ پري رکڻ لاءِ اسان کي پنهنجي نصابي ڪتابن ۾ به ترميمون ڪرڻيون پونديون. پوليس آفيسرن کي به انساني نفسيات جي باريڪ ۽ اهم پهلوئن جي تعليم ڏيڻي پوندي. هڪ قابل پوليس آفيسر هڪ عادي جوابدار کان انساني نفسيات ۽ فرانزڪ جي شهادتن کي نظر ۾ رکندي جنهن آساني سان ڏوهه باسرائي سگهجي ٿو اهو تشدد ذريعي ممڪن نٿو ٿئي. اهو خدشو به هوندو آهي ته شڪ ۾ ڪٿي بي گناهه ته تشدد جو نشانو ناهي بڻجي رهيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *