ڪراچي سنڌ جي راڄڌاڻي آهي , سنڌ جو شان ۽ مانُ آهي، ڪراچي کي سنڌ پنهنجو رت ۽ ست ڏئي پالي وڏو ڪيو آهي، اڄ انهيءَ ڪراچي ۾ بار بار رتو ڇاڻ ٿئي ٿي، انهيءَ رتو ڇاڻ ۾ ڪيئي لاش سنڌ جي اندرين علائقن ۾ به ويندا رهيا آهن پر انهن لاشن جو ته ڄڻ ڪو ڌڻي سائين به نه آهي، لاشن جو ڪهڙي به علائقي ۽ ڪميونٽي سان تعلق هجي اها افسوس ناڪ ڳالهه آهي ۽ هر لاش درد جي الڳ ڪهاڻي آهي. سنڌ امن وادي آهي. انهن لاشن تي هر سنڌ واسي جي دل ٽهڪندي هوندي ۽ رت هاريندي هوندي، پر سنڌ ان سلسلي ۾ ڪجهه به ڪانه ٿي ڪري سگهي. سنڌ کي ان سڄي صورت حال کان پري رکيو ٿو وڃي. اهڙي طرح پنهنجي راجڌاڻي ۾ بار بار رتوڇاڻ ڏسندي به سنڌ ڪجهه ڪونه ٿي ڪري سگهي بس سنڌ بيوس آهي ,
اهو تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ته سنڌ ان وقت به بيوس هئي جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان ستت پوءِ سن 1948ع ۾ جڏهن سنڌ جي راڻي ڪراچي کي سنڌ کان زوري کسيو پئي ويو ته سنڌ ان وقت به ڪجهه ڪونه ڪري سگهي ۽ سنڌ ان وقت به بيوسي جو شڪار هئي, هتي اها ڳالهه پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ ان وقت به بيوس هئي جڏهن سندس راڄڌاڻي زوري ۽ زبردستي ۽ اخلاق جي مڙني تقاضائن کي پٺي ڏيندي کانئنس ڦري پئي وئي ۽ سنڌ اڄ به بيوس آهي جڏهن سندس راڄڌاڻي ۾ بار بار انسانن جو ڪوس ڪيو پيو وڃي , اها ڳالهه به عجيب آهي ته سنڌ جي اها بيوسي هر دور ۾ برقرار رهي آهي. چاهي مٿس آمرن طرف مڙهيل حڪومت رهي آهي يا اها حڪومت رهي آهي جنهن کي سنڌ جي عوام پنهنجو مئنڊيٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو هجي، جڏهن به اهڙي حڪومت آئي آهي ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ان جا هٿ ٻڌل هوندا آهن. اها به خبر نه هوندي آهي ته سندس هٿ ڪو ٻيو ٻڌندو آهي يا پاڻ کي پنهنجا هٿ ٻڌي ڇڏيندي آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ماضي ۾ جڏهن به موجوده حڪومت صورت حال انتهائي خراب ٿيڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجا هٿ کولڻ جي ڪوشش ڪئي به کيس گهر ڀيڙو ڪيو پئي ويو , هن وقت ته عجيب صورت حال آهي. نه فقط حڪومت بيوس آهي پر هن ڀيري، سنڌ جا قوم پرست ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ٻه قدم ڀرڻ لاءِ تيار ٿيندا نظر ڪو نه ٿا اچن.
سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ هر روز پوليس جي جڙتو مقابلن ۾ مبينه جوابدارن جي مارجي وڃڻ يا وري زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيڻ جون خبرون ايترو ته معمول بڻجي ويون آهن جو هاڻي اهڙين خبرن کي قومي ميڊيا سنجيدگي سان وٺي ئي نٿي. اها حيرت جي ڳالهه ان ڪري به ناهي جو اهڙن واقعن وانگر هر ننڍي خبر به ميڊيا تائين پهچندي پهچندي ڪنهن وڏي خبر هٿان مارجي وڃي ٿي. سمنڊ جيڏي شهر ۾ اهڙا مقابلا سڀ کان وڌيڪ ملير ۾ ٿيندي نظر اچن ٿا ۽ اهڙي سيريز جي شروعات رائو انوار جي دور کان شروع ٿي، رائو انوار جو داغدار ڪيريئر ته پڄاڻي تي پهتو ۽ سندس ڪرسي تي عرفان بهادر اچي ويٺو پر مجال آهي جو ايس ايس پي عرفان بهادر پنهنجي پٽي ڀائي کان وراثت ۾ مليل ٽرينڊ کي ڇڏي. تازو 2 ڏينهن اڳ اربع جي شام جو عرفان بهادر جي ان (ريتي بجري جي ڪاروبار جي حوالي سان) مالامال ملير ۾ پوليس مقابلن جهڙو ئي هڪ مقابلو ٿيو، فرق صرف اهو هو ته هن مقابلي ۾ پوليس جي جاءِ تي هڪ مقامي سياستدان هو ۽ مقابلي جي زد ۾ ايندڙ به هڪ سياسي ڪارڪن هو. الزام به اهي هئا، جيڪي پوليس هر مقابلي بعد هڻندي آهي، مبينه جوابدار سان ورتاءُ به اهڙو ڪيو ويو، جيڪو ورتاءُ پوليس جي ورهين کان روايت رهي آهي. اها عدالت ڀينس ڪالوني موڙ وٽ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڀينس ڪالوني مان چونڊيل يوسي چيئرمين رحيم شاهه مبينه ڦر مزاحمت تي جست ڪراچي جي صدر ارشاد رانجھاڻي کي 3 گوليون هنيون. جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي ٿيڻ بعد هڪ ڪلاڪ تائين ارشاد تڙپندو رهيو پر کيس اسپتال منتقل نه ڪيو ويو. ارشاد کي تڙپندو ڏسي هڪ شهري يوسي چيئرمين کي منٿون ڪندو رهيو ته “هي منهنجو ڀاءُ آهي، کيس اسپتال منتقل ڪريو نه ته مري ويندو!” پر ان باوجود ارشاد کي اسپتال منتقل نه ڪيو ويو. اتي موجود هڪ شهري اهڙي دل ڏاريندڙ منظر کي پنهنجي موبائيل ڪئمرا ۾ محفوظ ڪيو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل پڻ ٿي. هيڏانهن ارشاد تڙپندو رهيو پر پوليس روايتي انداز ۾ ڪلاڪ دير سان پهتي. جنهن بعد ارشاد کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ اسپتال پهچايو ويو، تيستائين ارشاد جو قصو تمام ٿي ويو.
شاهه لطيف ٿاڻي تي يوسي چيئرمين طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته هو پوڻين پنجين وڳي نرسري بينڪ مان پنهنجي پارٽنر کان 10 لک ڪڍرائي اچي رهيو هو ته ڀينس ڪالوني موڙ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 جوابدارن گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نه بيهارڻ تي جوابدارن اسان مٿان فائرنگ ڪئي. ايتري ۾ اسان جي گاڏي اڳيان ٻي گاڏي آئي ۽ منهنجي پٽ شاهه حسين گاڏي روڪي ورتي. جنهن بعد 2 هٿياربند منهنجي سائيڊ کان اچي بيٺا ۽ هٿيار تاڻيندي چيائون ته گاڏي جو شيشو لاهه ۽ رقم اسان جي حوالي ڪر. مون پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت خاطر نائن ايم ايم پسٽل سان فائرنگ ڪري ڏني، هٿياربندن به فائرنگ ڪئي، منهنجي فائرنگ ۾ هڪ نامعلوم ڦورو زخمي ٿي پيو ۽ سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا. يوسي چيئرمين طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ هن جو اهو بيان به ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. هي بلڪل اهڙن ئي پوليس مقابلن جهڙو مقابلو آهي، جنهن ۾ پوليس کي ڪو به نقصان نٿو پهچي. هن واقعي ۾ به گاڏي جي سائيڊ کان هٿيار تاڻي بيٺل جوابدار رحيم شاهه جو ڪجهه به بگاڙي نه سگھيا ۽ رحيم شاهه وڏي تجربي سان هڪ “ڦورو” کي ڪيرائي وڌو. بهرحال ، واقعو شڪي آهي، ان جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گھرجي، ان جي به جاچ ٿيڻ گھرجي ته روڊ تي ڪلاڪ تائين تڙپندڙ زخمي کي اسپتال منتقل ڇو نه ڪيو ويو ؟ پوليس دير سان ڇو پهتي؟ پوليس پهچڻ بعد زخمي کي اسپتال بدران پهرين ٿاڻي ڇو منتقل ڪيو ويو؟ هڪ شخص ڀلي اهو ڏوهاري ڇو نه هجي، ان جا بنيادي حق کسڻ يا علاج کان محروم ڪري مارڻ به خود هڪ ڪرائيم آهي، ان جي ايف آءِ آر به داخل ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته تازو سنڌ اسيمبلي اهڙو بل به پاس ڪيو آهي ته ڪنهن به ڏوهه، جھيڙي يا مقابلي ۾ زخمي ٿيندڙ شهري جو پهريون علاج ٿيندو بعد ۾ ٻي ڪارروائي.
هتي ارشاد جي ڀاءُ خالد ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ مسعود جو ڏنل بيان به اهميت رکي ٿو ، بقول مقتول ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءُ خالد جي ته “ارشاد کي 3 نه پر 10 گوليون لڳل هيون، جن مان مٿي تي 5، ٻانهن ۾ 2، پيٽ ۽ ڪک ۾ 2 ۽ هڪ گولي سيني تي لڳل هئي،“ سندن موجب ارشاد کي اضافي گوليون اسپتال نيئڻ دوران هنيون ويون آهن. مسعود ۽ خالد جي انهي بيان کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي، جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته پوءِ هي ڦر مزاحمت نه پر سوچيل سمجھيل سازش تحت قتل سمجھيو ويندو ۽ ان متعلق اڳ ئي رحيم شاهه ۽ پوليس جي ڪردار کي ڏسندي شڪ شبهن جنم ورتو. هي رياست آهي، رياست جي اندر رياست قائم ڪري روڊ تي عدالت لڳائڻ جي اجازت ڪنهن کي ڪيئن ٿي ملي سگھي؟ جيڪڏهن ايئن ئي روڊن تي عدالتون لڳائي ڦر، مقابلن ۽ ٻين ڏوهن جي الزام ۾ ماڻهن کي ماريو ويندو ۽ پوليس سميت ٻيا ادارا وري اهڙن واقعن جي جاچ ڪرائڻ به پسند نه ڪن ته پوءِ رياست جھنگ بڻجي ويندي. ارشاد رانجھاڻي واري واقعي تي ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. سوشل ميڊيا تي ڪالهه تائين جسٽس فار ارشاد رانجھاڻي جو هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ رهيو. ضروري آهي ته آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام خاص ڪري ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائين ، جيڪڏهن ارشاد ڏوهاري آهي ته اهو ٻڌايو وڃي، جيڪڏهن بي ڏوهي آهي ته واقعي جي ذميوارن ۽ سببن کي وائکو ڪيو وڃي.