پلان ’سي‘ ۽ سرڪار لاءِ وڌندڙ چئلينج ؛غلام حسين خاصخيلي

پاڪستان ۾ دهشتگردي جي صورتحال گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. دهشتگرديءَ جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. ملڪ جو عوام حڪمرانن مان اها اُميد ڪري رهيو آهي ته هر صورت ۾ امن بحال ٿئي ۽ دهشتگرديءَ جو خاتمو ٿئي. ڪراچيءَ اندر دهشتگرديءَ جا واقعا گهڻي عرصي کان جاري آهن ۽ اُتي وڏي انگ ۾ دهشتگرد گرفتار به ٿيا آهن پر اڃا تائين دهشتگرديءَ جا واقعا ختم نه ٿي سگهيا آهن. دهشتگردي جي صورتحال وڌڻ جي ڪري عام ماڻهو روزانو ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ نشانو بڻجي رهيو آهي. مذهبي اسڪالر ۽ سنڌ سان محبت رکندڙ ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي به دهشتگردن سکر ۾ نشانو بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو. پوري سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل واري واقعي تي سوڳ ۾ ورتل آهي. قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي کڻڻ واري صورتحال به وڌي رهي آهي. آصف پنهور، وحيد لاشاري جي قتل واري واقعي خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. حڪمرانن طرفان اهڙي صورتحال ۾ عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڳالهيون ته وڏيون ڪيون پيون وڃن پر عملي طور تي ڪجهه به نظر نه پيو اچي جنهن ڪري عوام ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ واري لهر به پکڙيل آهي. پاڪستان تحريڪ  انصاف طرفان نئين پاڪستان ٺاهڻ جو نعرو هڻندي ملڪ ۾ عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد شروع ڪئي وئي آهي، اها جدوجهد جلسن ۽ ڌرڻن جي صورت ۾ 110 ڏينهن تائين پهچي چڪي آهي. ڌرڻن جي صورتحال کي سامهون رکندي حڪمرانن نرمي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ ٻه ڀيرا لاٿ ڪئي وئي آهي. حڪمران تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي اهو تاثر ڏيڻ چاهين پيا ته اسان عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻون پيا پر ڳالهه صرف تيل جي قيمت گهٽ ڪرڻ سان عوام جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. عوام، ملڪ ۾ اها حڪومت چاهي ٿو ۽ اها تبديلي چاهي ٿو، جنهن ۾ عوام کي سندن بنيادي حق ملن. ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ هر طرف امن امان جي صورتحال بهتر هجي. غريبن جي ٻارن کي نوڪريون ميرٽ تي ملن. سفارش ڪلچر جو خاتمو هجي. ڪو به جاگيردار، وڏيرو، چوڌري پنهنجي مرضي سان پوليس آفيسر جي مقرري نه ڪرائي سگهي ۽ جيڪو به ماڻهو ٿاڻي تي انصاف لاءِ پهچي ته ان جي ڳالهه ائين ٻڌي وڃي جيئن ملڪ جي عدليه ۾ درخواست داخل ڪرائڻ وقت عدالتون ٻڌن ٿيون.

تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي تعداد ۾ پي ٽي آءِ جا مرد توڙي عورت ڪارڪن وڏي انگ ۾ اسلام آباد پهتا. هڪ طرف اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ۽ ڌرڻو حڪمرانن خلاف ڏچو بڻيل رهيو ته ٻئي طرف ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل واري واقعي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ قومي شاهراهن تي ڌرڻا لڳل رهيا، جنهن ڪري رستن تي ٽريفڪ جي آمد رفت معطل رهي. خيبر پختونخواهه ۾ جي يو آءِ جي طرفان رستن تي لڳل ڌرڻن دوران پي ٽي آءِ جا ڪارڪن انهن روڊن تان اسلام آباد وڃڻ لاءِ جلوس وٺي پهتا ته ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ چڪريون پڻ ٿيون ۽ ڪيترائي ڪارڪن زخمي به ٿي پيا.

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گهرجي ها ته اُهي جن به هنڌن تي سوڳ ۾ جي يو آءِ جا ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل خلاف جيڪي ڌرڻا لڳل هئا انهن ۾ شامل ٿي وڃن ها ۽ سندن سوڳ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي منزل اسلام آباد ڏانهن وڌن ها ته ڪيڏو نه بهتر ٿي پوي ها ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪرين واري صورتحال به سامهون نه اچي ها. سياستدان جيڪي عوام جي ڳالهه ڪن ٿا انهن کي سوڳوار ماحول ۾ ڪارڪنن کي جذبات ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ به تربيت ڏيڻ کپي، جنهن سان اهڙي قسم جا ٽڪراءُ سامهون نه ايندا.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ هزارين ڪارڪن شريڪ ٿيا ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان واضح طور تي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته پلان سي غريبن کي حق ڏيارڻ لاءِ شروع ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ هر صورت ۾ عوامي جمهوريت بحال ٿيندي، جنهن ۾ هر ماڻهو کي انصاف ملندو ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. اسلام آباد ۾ حڪمرانن طرفان پي ٽي آءِ کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو عمل بهتر آهي ۽ جمهوريت ۾ اها ئي روايت هوندي آهي ته هر سياسي پارٽي کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ملڻ کپي. پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري ڌرڻي سان جيڪڏهن ملڪ ۾ تبديلي اچي ٿي ته اُها عوام جي بهتري واري هجڻ کپي ۽ ملڪ ۾ جلسن ۽ ڌرڻن دوران اها تبديلي عوام کي هر صورت ۾ قبول نه هوندي جيڪا جمهوريت کي نقصان پهچائي ۽ ملڪ ۾ آمريت مڙهجي وڃي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته جڏهن احتجاجي تحريڪون زور وٺنديون آهن ته پوءِ ملڪ ۾ آمريت جا ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن. ان ڪري عمران خان طرفان جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد شروع ڪئي آهي اُن مان اها اُميد رکجي ٿي ته عمران خان ڪنهن به آمريت کي قبول نه ڪري ۽ ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان تبديلي آڻڻ لاءِ جدوجهد کي برقرار رکندو.

اسلام آباد جي ڌرڻي واري صورتحال بابت مختلف تجزيه نگارن جي اها راءِ آهي ته ملڪ اندر وزيراعظم نواز شريف لاءِ ڏکيا ڏينهن سامهون اچي ويا آهن. ملڪ  اندر سياسي اڳواڻن جي قتل وارن واقعن ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ سبب عوام ۾ به ڪافي ڪاوڙ پکڙيل آهي. جڏهن ته عوام جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو هن وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ وارو ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو آهي. ملڪ جي اندر وڏي پئماني تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ سياري جي موسم شروع ٿيڻ سان گئس ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي. اهڙي لوڊشيڊنگ سبب ملڪ جي معيشت تمام گهڻو متاثر ٿي رهي آهي. وزيراعظم نواز شريف کي پنهنجي ڪابينا ۾ ويٺل ماڻهن تي نظرثاني ڪرڻ کپي. ڇو ته انهن جي طرفان حڪومت کي هلائڻ لاءِ جيڪي صلاحون ڏنيون پيون وڃن اُهي صلاحون عوام جي بنيادي مسئلن کي حل نه ڪري رهيون آهن. ان ڪري انهن ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي ته جيئن عوام کي رليف حاصل ڪري سگهي. جيڪڏهن نواز شريف ان سڄي صورتحال ۾ پنهنجي وزيرن ۽ صلاحڪارن ۾ تبديلي نه آندي ۽ انهن جي مشورن تي هلندو رهيو ته پوءِ سندس حڪومت جي لاءِ خطري جون گهنٽيون وڄي سگهن ٿيون. ڇو ته عمران خان لڳاتار تحريڪ هلائي رهيو آهي ۽ عوام به حڪمرانن جي طرفان نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ کان وٺي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ امن امان جي خراب صورتحال ڪري رستن تي آهستي آهستي نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ عوام جو اهو اٿندڙ طوفان ڪٿي سونامي جو رخ نه اختيار ڪري وجهي ۽ جي عوام جو پاڻمرادو سونامي جو سلسلو عمران خان جي سونامي سان گڏجي ويو ته پوءِ اهو وڏو طوفان ملڪ اندر ڪا وڏي تبديلي به آڻي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ عمران خان واري ڌرڻي جلسي جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي کڻڻ ۽ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل وارن واقعن ۽ امن امان جي خراب صورتحال تي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عوام جي طرفان موجوده حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙي صورتحال ۾ عوام جو ڪو وڏو ردعمل به سامهون اچي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *