پريشان حال نظرايندي نواز حڪومت ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ …!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف سان ڪجهه عرصي کان وٺي جيڪو ٿي رهيو آهي،اهي سموري لڪاءُ ۽ ڳالهيون ميان صاحب پاڻ وٽ رکي اهو سوچڻ تي مجبور هوندو، ته وٺس پاڪستاني وزيراعظم جي ڪرسي آهي،پر ڇا وٺس پنهنجو ڪو معيار به آهي.؟ جيڪو کيس پنهنجو سياسي ڪرندڙ معيار کي برقرار رکي سگهي.ڇو ته جيڪڏهن تاريخ جا روق اٿلائينداسين ته ڪيتريون ئي اهڙيون مثالون ڳولڻ لاءِ گهڻو پري نه وڃڻو پوندو،ڇو ته پنهنجي پنهنجي ملڪ جي عظِيم ترين حڪمرانن جيڪي وڏن عهدن تي فائز هئا،پر جڏهن کين اهو محسوس ته جنهن عهدي تي ويهي ڪري راڄ ڪري رهيا آهن،انهن عهدن تي هوندي به سندس عزت آبرو ۽ معيار ختم ٿيڻ جو خدشو آهي ته انهن پنهنجي عهدن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي عزت آبرو کي پيارو سمجهي ڪري پنهنجي عهدن تان هٽي پري ٿي ويا،ڇو ته کين پنهنجي عهدن کان وڌيڪ عزت ۽ آبرو جو خيال هو. جنهن جي ڪري هنن پنهنجي عهدن جي قرباني ڏني،جيڪي لفظ تاريخ اندر محفوظ ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن انهن جا ويهي قصا بيان ڪنداسين ته پنهنجو اصل موضع اڌ ۾ رهجي ويندو،پر پوءِ به اوهانکي تاريخ جي پراڻن پنن مان ڪجهه اهڙا واقعا ٻڌائڻ ضرور پسند ڪندس،اوهانکي ياد هوندو ته ابراهيم اسماعيل چنديگر(آئي آئي چنديگر)جڏهن پاڪستان جي وزير عظميٰ جي عهدي تي ويٺو ته کيس پنهنجي عهدي تي ويهڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ تي تنقيد ٿيندي محسوس ڪئي،ته هن صرف ٻن مهينن جي اندر پنهنجي عهدي کي الوادع ڪري ڇڏيو،انڪري شايد ابراهيم اسماعيل چنديگر پنهنجي ذات تي ٿيندڙ تنقيد پسند نه آئي ۽ هن منهنجي ذات جو ڪنڌ اونچو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عهدي جي قرباني ڏئي ڇڏي،جڏهن ته پاڪستان جو پهريون آئين ٺاهيندڙ چوڌري محمد علي،۽ پنهنجي عهد جا عظيم سياسسي دانشور سيد حسين شهيد به صدر سڪندر مرزا جي چالبازن کان متاثر ٿيندي هن به پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿي ويا،ڇو ته ان وقت پاڪستاني سياست اندر ۽ پاڪستاني عوام اندر اها ڳالهه عام ٿي چڪي هئي ته پاڪستان جي صدر سڪندر مرزا ايران جي انهي دور جي شهنشاه محمد زضا شاهه پهلوي جي فيصلن جي تتعبع ۾ پاڪستان اندر ڪنهن وزيراعظم کي سال يا ڏيڍ سال کان وڌيڪ جي عرصي تائين وزيراعظم رهڻ نه ٿي ڏنو،ڇو ته ان زماني ۾ پاڪستاني جي وزيرعظميٰ جي تحريرن ۾ ايتري ته تيزي آئي جو ان وقت ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو به ان وقت پنهنجي طنزي لهجي ۾ اهو چيو هو ته مون اڃان تائين ايتريون ڌوتيون ناهن بلديون جيترا پاڪستان جا وزيراعظم بدلي ٿي چڪا آهن،  پر بهتر ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته ان وقت پاڪستان جا جيترا به وزيراعظم پنهنجي پنهنجي عهدن تان لٿا انهن وزير مان ڪو هڪ اهڙو وزيراعظم نه هو جيڪو پنهنجي عهدي تان بي آبرو ٿي نڪتو هجي.! ڇو ته انهن سموري وزيراعظمن  پاڻ مٿان ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي عهدي کان وڌيڪ عزت کي ڏٺو ۽ عهدو ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي ساڳ برقرار رکي.!

انڪري شايد اڄ به پنڊت جواهر لال جي انهي تنظيي لهجي کي جڏهن ياد ڪيو ويندو آهي ته کل وري به جواهر لال نهرو جي بيان تي ٿيندي آهي،جيڪو شايد ان وقت ايترو غريب ۽ مسڪين هو جو وٺس ايترو پئسو  به نه هو جو هوُ پاڻ لاءِ نئي ڌوتي وٺِي سگهي،پر خير اڄ جي ماحول اندر ۽ ان وقت جي ماحول ۾ ڏينهن رات جو فڪر آهي، ڇو ته هن وقت جيڪو پاڪستاني سياستدانن سان ٿي رهيو آهي ڀلي اهو ڪهڙي به سياسي پارٽي تان تعلق رکندڙ ڇو نه هجي پر مان سمجهان ٿو ته ان ته ان مٿان پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو ڪو به اثر نه پوي،جنهن جي ڪري هوُ ڪرسي کي نه ڇڏڻ ڪري پنهنجي عزت آبرو داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن،انڪري هن وقت ميان نواز شريف سان جيڪو ڪجهه رهيو آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته اهڙي ماحول اندر ميان نواز شريف مٿان ڀلي ڪيتري به تنقيد ٿي پر هو عهدو نه ڇڏيندو.!! جنهن جنهن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ کان پهرين ئي ميان نواز شريف پنهنجي عهدي تان لهي ويندو ته اهي ماڻهو پنهنجي دماڳ مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏين،انڪري ڊگهي عرصي کان وٺي ميان نواز شريف جيڪي پريشانيون ڏسي رهيو آهي شايد هاڻ هو انهن جو عادي ٿي ويو آهي ۽ الڪيشن ۾ به وقت ٿورڙو آهي جنهن ڪري اڃان به ڪجهه ڳالهيون ميان صاحب سهي ويندو پر پنهنجي عهدي تان هٿ نه کڻندو،ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته ميان نواز شريف شريف پهرين ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جنهن کانپوءِ هو جي آءِ ٽي جي اڳيان پيش ٿيو جنهن جي آءِ ٽي ميان نواز شريف جي سموري خاندان جي ماڻهن کي پيشي ڪرائي،ان هوندي به ميان نواز شريف پنهنجي عهدي تي چنبڙيو رهيو،ڇو ته کيس پاڻ اندر آئيندا جو وزيراعظم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي،سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ميان نواز شريف هن وقت پاڪستاني وزيراعظم آهي ۽ سندس ڀاءُ ميان شهاز شريف پنجاب جو وزيراعليٰ آهي ۽ وزير خزانه به پنهنجو اٿس ان هوندي به کين چين آرام ناهي ڇو.؟هن وقت ميان نواز شريف سموري پاڪستاني ميڊيا توڙي پاڪستاني عوام ۽ پاڪستاني سياستدانن جي زبانن تي بحث جو مزڪر بڻيل آهي،پر ان هوندي به ميان نواز شريف سمورين پارٽين جي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي حڪومت به هلائي رهيو آهي،ان مان اهو ثابت ٿي ٿو ته ن ليگ حڪومت پنهنجو تخت بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي،ڪالهه سپريم ڪورٽ پاران جيڪا پاناما ڪيس لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي هئي انهي جي آءِ ٽي ڪالهه سپريم ڪورٽ اندر پنهنجي هڪ تحقيقاتي رپورٽ پڻ پيش ڪئي،جڏهن ان وقت  جسٽس  اعجاز افضل پنهنجا ريماڪس ڏيندي چيو ته جنهن حسين نواز جي  تصرير ظاهر ڪئي هئي انهي جو نالو به سامهون اچڻ گهرجي،جڏهن ته جسٽس اعجاز اهو به چيو ته انهي معامعلي تي وڌيڪ ڪاميٽي جوڙڻ جي ڪا به ضرورت ناهي،ان هو به چيو ته ڪميشن جوڙڻ لاءِ سندس اختيار به ناهن،پر جيڪڏهن حڪومت انهي ۾ دلچسپي رکي ٿي ته  هوُ ان جي ڪميشن قائم ڪري،جڏهن ته اهو واضع رهي ته ان وقت ميڊيا جي خبرن اندر اها گردش پيدا ٿي چڪي هئي ته حسين نواز جي تصوير ظاهر ڪئي هئي ته ان ماڻهو جو نالو به جي آءِ ٽي ۾ شامل آهي،۽ ان جو تعلق پاڪستان جي ڪنهن خفيه اداري سان سندس تعلق آهي،جڏهن ته هاڻ سپريم ڪورٽ انهي معاملي تي هڪ واضع رپورٽ سامهون ڏيارڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي،

جڏهن ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ڪئي پئي وئي ته ان وقت مختلف سياسي پارٽين جي ماڻهن جا بيان سامهون اچي رهيا هئا،پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌهري چيو ته رڪارڊ ٽمپرنگ معاملي تي پاڪستاني وزيرخزانه اسحاق ڊار به انهي معاملي جو هڪ ڏوهاري آهي ڇو ته چيئرمين  ايس سي پي ظفرحجازي  سندس رڪارڊ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،جنهن ڪري هو ڏوهاري آهي ۽ کيس گرفتار ڪيو وڃي،پرآئون سمجهان ٿو ته پاناما ڪيس ۾ اڃان به ڪيترائي موڙ ايندا،جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آءِ ٽي جي تحيقاتي رپورٽ جي جانچ کانپوءِ  ڏهه ڏينهن اندر سيڪريٽ خالي ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،۽ جن جن ماڻهن جا نالا پاناما لڪيس اندر آهن ۽ جي آءِ ٽي انهي معاملي جي تحقيات ڪري رهي آهي ان سمورن ماڻهن ۽ سندس خاندان جي حفاظت جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،

*******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *