پاڪ ڀارت لاڳاپا ۽ آمريڪي ڊپلوميسي ۡ: جاويد ابڙو

دنيا ۾ سمورن ملڪن جي لاڳاپن جو بنياد اڪثر ڪري گڏيل مفادن تي هوندو آهي، اهڙا مثال گهٽ ملندا آهن ته ڪي ٻه ملڪ هميشه لاءِ خوشگوار لاڳاپن جي ٻنڌڻن ۾ جُڙيل رهن، هر نئين ڏينهن بدلجندڙ مفادن جي ڪري لاڳاپن ۾ لاها چاڙها به ايندا رهندا آهن. ڀارت جيڪڏهن ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان کان وڏو ملڪ آهي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته هو خطي جي ٻين ملڪن تي علائقائي بالادستي مڙهي رڳو پنهنجي مڃرائي، پر جيڪڏهن اهڙي قسم جا خواب هو لهي ٿو ۽ انهن جي ساڀيان نٿي ٿئي ته پاڪستان جو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي. پاڪستان جنهن خطي ۾ موجود آهي، ان لحاظ کان کيس وڏي اسٽريٽجڪ اهميت حاصل آهي، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ڀارت جي ڀيٽ ۾ آبادي، ايراضي ۽ وسيلن جي لحاظ سان ننڍو ملڪ آهي پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان دنيا جي ستين ائٽمي قوت آهي ۽ ان جو شمار دنيا جي بهترين فوج رکندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو. گهٽ وسيلن ۽ ايراضي جي باوجود دنيا پاڪستان، سندس فوج ۽ دفاعي صلاحيتن کي تسليم ڪري ٿي.

آمريڪا جي اها خواهش پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوشون به ڪندو رهيو آهي. ڪڏهن سندس ڪوششون کلي نموني ٿيندي نظر اينديون آهن ته ڪڏهن بيڪ ڊور ڊپلوميسي به استعمال ڪئي ويندي آهي پر بدقسمتي سان سندس ڪوششون مستقل طور ڪامياب نه ٿي سگهنديون آهن، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آمريڪا جا پنهنجا مفاد به آهن، ڇو ته آمريڪا رڳو پاڪستان سان لاڳاپا وڌائي ڀارت کي وڃائڻ نٿو چاهي، فرض ڪريو ته هن وقت آمريڪا جا ڀارت سان جيتري قدر لاڳاپا آهن، اهي ساڳيا پاڪستان سان هجن ها ته آمريڪا اهو هٿيار وڃائي چڪو هجي ها، جنهن کي هو خطي ۾ اڀرندڙ نئين طاقت چين خلاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.

ڀارت ڪشمير جي ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي ڪيل معاهدي جي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي پاڪستان شهيد ٿي چڪا آهن، پاڪستان پاران ڀارتي اڳرائين خلاف گڏيل قومن آڏو احتجاج به ڪيو ويو ۽ معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو پر ان جي باوجود عالمي اداري جي ماٺار ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو جانبداري سان پنهنجي پاليسي تي عمل پيرا آهن. عالمي مبصرن ڀارتي اڳرائين سبب سرحدي علائقن ۾ ٿيل تباهي پنهنجي اکين سان ڏٺي پر ڀارت خلاف ڪو ايڪشن نه کنيو ويو ۽ پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

سوال اهو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري لاءِ جيڪي ڪوششون ٿينديون آهن، اهي آخر نتيجي جوڳيون ۽ لاڀائتيون ثابت ڇو نٿيون ٿين؟ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڀارت ۾ انتهاپسند گروپن کي پاڪستان جو وجود تسليم ناهي، جنهن ڪري پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جڏهن به امن لاءِ ڳالهين جي راهه هموار ٿيندي آهي ته اهي انتهاپسند گروپ متحرڪ ٿي ويندا آهن ۽ هن ڀيري به ائين ئي ٿيو آهي. ڀارت ۾ موجود انتهاپسند گروپن جي دٻاءُ سبب مودي سرڪار پاڪستان سان امن ڳالهين کان پير پوئتي ڪيا ۽ گذريل مهيني 23 ۽ 24 آگسٽ تي پاڪ ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهيون ٿي نه سگهيون. ڀارت جا ڪيترائي اهڙا حڪمران به آهن، جيڪي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جي سوچ ۽ نظريو رکن ٿا پر پاڪستان سرحد تي حملن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيڻ باوجود صبر، تحمل ۽ دانشمنديءَ سان ڪم وٺندو پيو اچي ۽ ڀارتي اڳرائين جي جواب ۾ جنگ جو دائرو وڌائڻ کان به پاسو ڪندو پيو اچي. گذريل سال به پرڏيهي سيڪريٽري جي سطح تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ واريون هيون پر ڀارت اهي ڳالهيون رد ڪندي صرف اهو جواز پيش ڪيو ته پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڪشميري حريت پسند اڳواڻن سان ملاقات ڇو ڪئي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته پاڪ ڀارت ڳالهين ۾ ڪنهن ٽين ڌر کي شريڪ نٿو ڪري سگهجي. هن ڀيري به ڀارت ساڳي روايت اختيار ڪري امن لاءِ ٿيندڙ ڳالهين کي نقصان پهچايو، جنهن سبب ڀارتي ميڊيا به مودي سرڪار جي انهيءَ پاليسي تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ ان تي سخت تنقيد ڪئي، پر نڪ جي پڪائي جي ڪري مودي سرڪار تي ڪو به اثر نه پيو. ڏٺو وڃي ته ڪشمير اصولي طور تي بنيادي ڌر آهي، جنهن کانسواءِ ڳالهيون يا تڪرار حل نٿا ٿي سگهن. ڪشمير رڳو ايراضي يا زمين جو مسئلو ناهي، اهو اتي رهندڙ ڏيڍ ڪروڙ انسانن جي زندگين ۽ موت جو مسئلو آهي. سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن ڀارت امن ڳالهين کان پرهيزگار آهي ته پوءِ ڇا ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمورا بنيادي تڪرار جنگ سان حل ٿيندا؟ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ گولا باري مان لڳي ٿو ته هو ڪنهن شرارت جي موڊ ۾ آهي.

هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار سوزن رائس اسلام آباد پهچي وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پاڪستان ايل او سي تي ٿيندڙ ڀارتي اڳرائين ۽ حملن ۾ ٿيل جاني نقصان جا ثبوت سوزن رائس حوالي ڪيا ويا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا ڀارت تي دٻاءُ وجهي کيس سرحد تي فائربندي واري ڪيل معاهدي تي قائل ڪري سگهندو يا هو به ٺاپر اختيار ڪري رڳو بيان جاري ڪرڻ تائين محدود رهندو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ته اهو واضح ۽ چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته ڀارت دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث آهي، ان جو مطلب اهو به آهي ته ڀارت جيڪي مقصد پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ۽ پنهنجي ڳجهي ايجنسي ”را“ کان سرگرميون ڪرائي حاصل نه ڪري سگهيو، اهي هاڻ سرحد تي جنگ ڇيڙي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن کان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي لنگهه سميت اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جا معاهدا طئي ٿيا آهن ان وقت کان ڀارت پنهنجي ناڪامين ۽ نااهلين تي مڇريل آهي، پر پاڪستان ته سندس ناڪامين جو ذميوار ناهي ته پوءِ هو پاڙيسري ملڪ سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪندو پيو اچي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته ڀارت پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن، گوادر بندرگاهه تي چيني سرگرمين ۽ ٻنهي ملڪن جي ويجهڙائي کان پريشان ٿي چڪو آهي ۽ هو سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ڪري پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ رڪاوٽ وجهڻ چاهي ٿو پر پاڪستان کي پنهنجي ساڳي پاليسي ۽ دانشمندي تي برقرار رهڻ گهرجي. ڳالهين لاءِ آمريڪي قومي سلامتي جي مشير سوزن لائس اچي يا صدر اوباما، پاڪستان کي پنهنجي بالادستي ۽ خودمختياري جو مڪمل اختيار آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *