پاڪستان ۾ جمهوري گهوٽالي جو تاريخي پسمنظر: تاج مري

حصو ٻيو ۽ آخري…….

اهڙي طرح 12 آگسٽ 1947ع تي رياست قلات کي پاڪستان ساڻ الحاق تي مجبور ڪيو ويو، غوث بخش بزنجو، گل خان نصير کي گرفتار ڪيو ويو، خان قلات جي ڀاءُ شهزاده عبدالڪريم کي پڻ گرفتار ڪيو ويو ۽ ائين زوري بلوچستان کي پاڪستان جو حصو بڻايو ويو.نوابزاده نصر الله خان لاهور اندر هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسين ملڪ کي بروقت آئين نه ڏئي سگهياسين، جيتوڻيڪ انهيءَ لاءِ حالتون به سازگار هيون، هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هڪ عبوري حڪومت ٺهي، ان ۾ مسلم ليگ جيڪي نمائندا ڏنا، انهن ۾ سردار عبدالرب نشتر، لياقت علي خان ۽ آءِ آءِ چندريگر، ٻئي طرف جوگيندر ناٿ منڊل کي به شامل ڪيو ويو، ان وقت نئين آئين ٺاهڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪونهي پير تنهن هوندي به نه آئين ڏنو ويو ۽ نه چونڊون ڪرائي آئيني حڪومت ٺاهي وئي، جنهن ڪري افسر شاهي پر سورڻ شروع ڪيا ۽ رياست تي قبضو ڪري ورتو، جڏهن ته ڀارتي قيادت بروقت چونڊون ڪرايون، آئين ٺاهيو ۽ وفاق توڙي صوبن ۾ چونڊيل حڪومتون قائم ڪيون، مطلب ته خواجه نظام الدين جي حڪومت کي ڊاٿو ويو ۽ پوءِ محمد علي بوگره، چوڌري محمد علي ۽ حسين سهروري جي حڪومتن کي ڊاٿو ويو، غلام محمد کانپوءِ اسڪندر مرزا آيو، جنهن پڻ ساڳئي روايت برقرار رکي، 1953ع ۾ بنگال ۾ چونڊن ۾ مسلم ليگ کي بري طرح شڪست حاصل ٿي، ترقي پسند ۽ قومپرستن جي اتحاد اڪثريت حاصل ڪئي پر ان اتحاد جي حڪومت کي به ڊاٿو ويو ۽ بنگال ۾ گورنر راڄ  لاڳو ڪيو ويو، بنگالي، سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي کي قومي ٻوليون بڻائڻ بدران اردو کي قومي ٻولي طور ٿوپيو ويو، جنهن خلاف بنگال ۾ سخت ردعمل ٿيو.

1956ع ۾ آئين ٺهيو ته اسڪندر مرزا پاڻ انهيءَ کي معطل ڪري مارشل لا لڳايو ۽ پوءِ 1958ع ۾ ايوب خان اسڪندر مرزا جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا هڻي ملڪ جو سربراهي ٿيو، ان کان اڳ ون يونٽ قائم ڪري سنڌ، بلوچستان، پشتون خواهه ۽ پنجاب جي حيثيت ختم ڪري مغربي پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ بنگال جو نالو تبديل ڪري مشرقي پاڪستان بڻايو ويو، بنگال جي اڪثريت کي ختم ڪيو ويو، جنهن خلاف بنگال ۾ سخت احتجاج ٿيو ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه ۾ پڻ احتجاج ٿيو، نتيجي طور ايوب خان جي حڪومت ختم ٿي ۽ عيسيٰ خان بالغ راءِ دهي جي بنياد تي چونڊون ڪرائڻ ۽ ون يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، چونڊن ۾ عوامي ليگ اڪثريت ساڻ کٽي آئي، انهيءَ کي اقتدار ڏيڻ بدران بنگال کي ڌڪي ڌار ڪيو ويو، لکين بنگالين کي قتل ڪيو ويو، جنرل ضياءَ الحق جي آمريتن ۾ ذوالفقار ڀٽي، نذير عباسي سميت اڻ ڳڻيل سياسي اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو، سنڌ ۾ ڳوٺن تي بمباريون ڪيون ويون ۽ هزارين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ايم آر ڊي تحريڪ جي نتيجي ۾ محمد خان جوڻيجو جي حڪومت قائم ٿي، انهيءَ کي به هٽايو ويو، ضياءَ الحق جي موت کانپوءِ 1986ع جي چونڊن ۾ پ پ ڪاميابي ماڻي ۽ بينظير ڀٽو حڪومت سنڀالي، 18 مهينن ۾ بينظير جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ نواز شريف حڪومت قائم ٿي، اهڙي طرح نواز شريف حڪومت کي پڻ هٽايو ويو ۽ اهو پتلي تماشو 1999ع تائين هلندو رهيو ۽ پوءِ جنرل مشرف راتاهو هڻي آئين معطل ڪري نواز حڪومت کي ختم ڪيو، 1988ع کان 1999ع تائين اسيٽيبلشمينٽ جي راند ۾ سياستدانن جو ڪلهو استعمال ٿيو ۽ اسٽيبلشمينٽ چونڊيل حڪومتون ختم ڪندي رهي، آخر نواز شريف ۽ بينظيرڀٽو وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون، چارٽر آف ڊيموڪريسي جي ڪري پ پ پ حڪومت لوڏن لمن باوجود 5 سال پورا ڪيا، نواز شريف حڪومت قائم ٿي ته پ پ سميت مڙني پارلياماني پارٽين حڪومت ڪيرائڻ ۾ اسٽيبليشمينٽ جو ساٿ نه ڏنو ته اهو ڪم تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ کان ورتو ويو ۽ نواز ليگ کي ڪمزور ڪري انهيءَ کي مجبور ڪيو ويو ته ساڳئي پگهار تي ڪم ڪري ۽ پوءِ 21هين ترميم ذريعي سول حڪومتن جا اختيار اسٽيبلشمينٽ حوالي ڪيا ويا، هاڻي صورتحال اها آهي ته سينيٽ ۾ پ پ پ، مسلم ليگ ۽ ٻين پارٽين کي چوڻو ٿو پوي ته سياستدانن ۽ جمهوريت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. بهرحال اها ڳالهه به درست آهي ته پ پ پ توڙي نواز ليگ حڪومت عوامي امنگن تي پوري نه لهي سگهي آهي، اها به حقيقت آهي ته ماڻهو حڪومت جي ڪارڪردگي کان مطمئن ڪونهن پر في الحال سواءِ جمهوريت جي ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي، انقلاب جي لاءِ صورتحال ته تيار آهي پر ملڪ ۾ انقلابي قوتون نه هجڻ جي برابر آهن، اهو ڪارڻ آهي اسٽيبلشمينٽ جون پارٽيون انقلاب جا نعرا هڻندي نظر اچن ٿيون، ٻئي طرف جنرل راحيل شريف کي ايڪٽيشن ڏيڻ جا اطلاع آهن، ڪراچي ۾ ڳالهائيندي نامياري قانوندان ۽ انساني حقن جي اڳواڻ عاصمه جهانگير چيو آهي ته جنرل ايڪٽيشن ڏيڻ قوم ساڻ ويساهه گهاتي آهي، وزيراعظم نواز شريف پنهنجي مٿي جو تاج ٻئي ڪنهن کي ڇو پارائي رهيو آهي، هن چيو ته مسئلن جي ڄاڻ هوندي به سياستدان اهليت ۽ شعور کان وانجهيل آهن، سچ پچ جنهن طريقي ساڻ جنرل راحيل شريف جي شڪست کي اڀاريو پيو وڃي، انهيءَ مان ڪنهن سازش جي بوءِ اچي رهي آهي، پوءِ اها سازش سياستدانن ۽ جمهوريت خلاف يا پاڻ پنهنجي اهليت ۽ شعور کان وانجهيل سياستدان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *