پاڪستان جي موجوده صورتحال ؛ محمد لقمان پنهور

                         پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن کان پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جن مان هڪ سياسي ۽ ٻي مذهبي پارٽي انقلاب ۽ آزادي جي جدوجهد جي مارچ ۾ ڌرڻا هڻي، اسلام آباد جي ريڊ زون ايريا مطلب پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ، وزيراعظم هائوس ۽ صدر پاڪستان جي گهر سان گڏوگڏ پاڪستان جي نجي توڙي سرڪاري عمارتن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب اسلام آباد شهر ۽ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڪاروهنوار ٺپ ۽ سخت متاثر ٿيو آهي.

انهيءَ سڄي صورتحال جو ذميوار آخر ڪير آهي؟ حڪومت، اسٽيبلشمينٽ، خفيا ادارا، سياسي پارٽيون، سماجي پارٽيون، مذهبي پارٽيون، ميڊيا يا ڪا ٻاهرين قوت؟ انهيءَ سوال جو جواب ڏکيو ئي نه پر مشڪل به آهي ڇو ته اسان جي ملڪ جا ادارا پنهنجون حدون پار ڪري ٻين ادارن جي معاملن ۾ مداخلت ڪندا رهندا آهن، تنهن ڪري اهو ممڪن آهي ته انهيءَ مسئلي ۾ ڪنهن هڪ يا سڀني ادارن جو ٿورو يا گهڻو حصو ٿي سگهي ٿو، خير مان اهو ته نٿو ڄاڻان ته انهيءَ سڄي معاملي جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي، پر ڪجهه حقيقتون انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.

14 آگسٽ 2014ع تي جڏهن انقلاب ۽ آزادي مارچ اسلام آباد لاءِ روانا ٿيا، تڏهن شايد حڪومت ۽ سياسي سماجي ادارن کي علم ئي نه هو ته اهو مارچ ايڏو وڏو ۽ سخت ٿيندو جو اڄ 70 کان وڌيڪ ڏينهن گذري چڪا آهن، تڏهن اهو اندازو ٿيو آهي ته اهو مارچ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ثابت ٿيو آهي. جڏهن ته حڪومت بلڪل مايوس ۽ منجهيل نظر اچي رهي آهي. هن تاريخي مارچ جو سبب 2013ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌليون ۽ لاهور جي ماڊل ٽائون وارو واقعو جنهن ۾ 14 بيگناهه ماڻهن کي پوليس هٿان موت جي ننڊ سمهاريو ويو، جڏهن ته ان واقعي جي ايف آءِ آر حڪومت جي دٻاءَ جي ڪري درج نه ٿي سگهي، جيڪا وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ شهباز شريف ۽ ان جي ڪابينا جي 5 ميمبرن جي نالن سان گڏ سرڪاري ادارن جي ڪابينا سميت ڪل 21 ڄڻن جي خلاف ٻن مهينن کانپوءِ مارچ ۽ ڌرڻن جي دٻاءَ سبب داخل ڪئي وئي آهي ۽ ان سڄي صورتحال تي نظر وجهڻ کانپوءِ اهو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو ته، اسان جي ملڪ ۾ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا جو راڄ آهي. ڇو ته 14 ماڻهو مارجي ويا پر لاڳاپيل ادارن مان ڪنهن به پنهنجو فرض نه نڀايو، ڪنهن به اداري ان واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي تڪليف ئي ڪو نه ڪئي ۽ ٻيو وڏو سبب انقلاب ۽ آزادي مارچ جو خطرناڪ ۽ سنگين حالت اختيار ڪرڻ آهي.

سڀ کان اهم مسئلو 2013ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي آهي، ڇو جو سرڪار پنهنجي هوڏ نه ڇڏيندي، انهن ڌانڌلين جي جاچ ڪرائڻ لاءِ قطعي راضي ڪو نه هئي، پر هاڻي سرڪار جون اکيون کلي چڪيون آهن جو ڌانڌلين جي جاچ ڪرائڻ لاءِ حڪومتي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جيڪو مان سمجهان ٿو ته هڪ بي مهلو فيصلو آهي.

اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ غير سياسي ۽ غير جانبدار ضرور آهي، پر اها ملڪي مسئلن کي سلجهائڻ ۾ اڃا تائين ڪو خاطر خواهه ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته پوليس سياسي ماڻهن جي تابع ٿي چڪي آهي، جيڪا ڪنهن غريب ۽ بي پهچ انسان جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ملڪي عدالتون به سياسي ڍانچي ۾ جذب ٿيندي پيون نظر اچن، ڇو جو اهي حڪومت جي چوڻ تي بي وقتائتا فيصلا ٿيون ٻڌائين ۽ اهي فيصلا به تڏهن ٿيون ٻڌائن جڏهن ڪو مسئلو شدت اختيار ٿو ڪري، جيڪو هڪ نالي ماتر عدالتي ڪميشن جوڙي فيصلو ٻڌايو ٿو وڃي، جنهن ڪري اڄ تائين عدالتن سڳورين ڪو مؤثر ڪردار ادا ڪري نه سگهيون آهن. ڪجهه ڪيسن جا ته انگ اکر به ميسارجي ٿا وڃن ۽ بنا ڪنهن عمل جي پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه جي لاءِ دفن ٿيو وڃن.

ملڪي ميڊيا به سياسي پارٽين جي ور چڙهيل آهي. ڇو ته ڪجهه ماڻهو حڪومت جي حمايت ۾ ڳالهائن ٿا ۽ ڪجهه وري حڪومت جي مخالف انقلاب ۽ آزادي مارچ وارن جي حق ۾ ڳالهائن ٿا ۽ اهڙي طرح ميڊيا اصل فرض کان هٽي ڪري چند لکن جي عيوض ملڪ کي بدنام ڪري رهي آهي، ڪجهه اينڪر صاحبان هلندڙ پروگرام دوران سياستدانن سان پئسن جي ڊيل ڪن ٿا ۽ ڪجهه وري جان بچائڻ خاطر ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا. ڪجهه ميڊيا جا چئنل ته هڪٻئي جا سخت مخالف آهن. صحافين ۾ ڌڙابندي ٿي چڪي آهي ۽ ان کي وري ميڊيا جي آزادي جو نالو ڏنو پيو وڃي. پرويز مشرف ميڊيا کي آزادي ته ڏني پر ان جو شڪار به پهرين پاڻ ئي ٿيو. اهو ميڊيا جو ڪردار آهي، جنهن ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي.

سماجي ادارن کي به ڏٺو وڃي ته انهن ۾ به ڪرپشن عروج تي آهي. اهي رڳو جيئي جيئي ڪرڻ ۾ پورا آهن. انهن ادارن ۾ به ظاهري طور وڏي انسان دوستي ۽ همدردي جا جذبا ڏيکاريا پيا وڃن، پر پردي جي پٺيان ڪجهه ٻيا ئي ڪم پيا ٿين. خانگي، نيم سرڪاري ۽ سرڪاري تنظيمن بابت به هر ماڻهو ڀلي ڀت واقف آهي. سماجي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪا گڏجاڻي، ڪو سيمينار يا سماجي ڀلائي لاءِ سڌارا آڻڻ خاطر بنهه ڪا ڪوشش نظر ڪانه پئي اچي، پر جڏهن جڏهن به ڪا غير ملڪي امداد ملڪ ۾ اچي ٿي ته سماجي ڀلائي لاءِ هٿ ٺوڪيون تحريڪون هلائڻ جو جواز ڏينديون آهن ته سڀ سماجي مسئلا حل ڪرڻ ۾ اسان جو ئي ڪردار آهي. جيڪڏهن ڪو امداد مان حصو گهٽ ٿو ملي ته گهوڙا ڙي گهوڙا پئي ٿئي. اڄڪلهه ميڊيا ته آهي ئي آزاد، جنهن کي ڪرپشن ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي، سو سڌو ڪنهن ميڊيا چئنل تي وڃي پريس ڪانفرنس ڪرڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري، چاهي اهو ڪو ادارو هجي يا ڪو فرد پوءِ ڀلي اهو هٿ جو ٺاهيل ڪوڙو ڊرامو ئي ڇو نه هجي.

انهيءَ سڄي مسئلي جو حل آخر ڇا نڪرندو؟ اها ته خبر ناهي پر مان ايترو ضرور چوندس ته اسين جيستائين پنهنجو قبلو درست نه ڪنداسين ۽ هڪ ذميوار قوم جيان فرض نه نڀائينداسين تيستائين، اسان جو سڌرڻ مشڪل آهي. ڇو ته اسان جو ملڪ ڪرپشن، ناانصافي، دهشتگردي، لاقانونيت، سماجي براين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، اڻپڙهيل وڏيرن جي ظلمن، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ سرڪاري ڪامورن جي رحم ڪرم ۽ انهن سڀني مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.