پاڪستاني سياست جا ٽي اهم ٿنڀ؛احمد عثمان

پاڪستان ۾ هر خرابيءَ جو ذميوار سياستدان کي سمجهيو وڃي ٿو، پر اها به حقيقت آهي ته سياستدان به پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترين ئي شين تي ڀاڙين ٿا، جن مان سڀ کان وڌيڪ اهم ٿنڀ ٽي آهن.

اُهي ٽي ٿنڀ هي آهن: تر جو کڙپيل وڏيرو، ايس ايڇ او ۽ تپيدار. اڄ مان توهان کي پاڪستاني سياسي ڍانچي جي ٽن اهم ٿنڀن جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جن جي صلاح مشوري سان پاڪستاني سياستدان ايوانن تائين پهچندا آهن ۽ پوءِ اسان جي تقدير جا فيصلا ڪندا آهن. اچو ته انهن ٽنهي بنيادي اڪائين جي مقصدن تي تفصيلي روشني وجهون.

کڙپيل : هتي کڙپيل مان مراد علائقي جو اهو معزز ماڻهو جيڪو پاڻ کي ”چوڌري“ يا ”وڏيرو“ سڏائي ٿو ۽ ان جو بنيادي مقصد علائقي جي عوام تي پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ هوندو آهي. هو زبردستي شادين، جنازن ۽ مصالحتي ڪميٽين جو حصو ٿيندو آهي ۽ اُتي پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائيندو آهي.

ڳوٺن ۾ انهن جو اثر رسوخ شهر جي بنسبت وڌيڪ هوندو آهي. سمورن سرڪاري کاتن، پوليس ۽ تپيدارن سان ان جو ڳٺ جوڙ هوندو آهي. ڪڏهن هو ڪنهن غريب جي زمين ڦٻائيندو آهي ته ڪڏهن ڪنهن جي مال ملڪيت! ان جي خلاف نه ته ڪوئي ڪيس داخل ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن شريف انسان کي ان سان جهيڙو ڪرڻ جي همت ٿيندي آهي.

هو بنا سبب ماڻهن جي مسئلن ۾ ٽنگ اڙائيندو آهي ۽ انهن مان پنهنجو مقصد حاصل ڪندو آهي. علائقي جي سياسي شخصيتن سان ان کي خاص قرب حاصل ٿيندو آهي ۽ ان سبب ڪري ئي هُن جي الڳ اهميت هوندي آهي. سڄو سال بدمعاشي ۽ غنڊه گردي ڪرڻ بعد جڏهن اليڪشن جا ڏينهن ايندا آهن ته اهو ئي کڙپيل، عام ماڻهن سان همدردي ڪندي نظر ايندو ۽ علائقي جي سياسي شخصيتن جي چونڊ مهم هلائڻ ۾ به اڳيان اڳيان هوندو آهي.

ٿاڻو انچارج (ايس ايڇ او): (ٿاڻو انچارج پوليس کاتي جو اهم عهدو آهي. ان جي طاقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هو چاهي ته ايف آءِ آر اهڙي نموني سان ڪٽي جو مظلوم ظالم ۽ ظالم مظلوم ٿي وڃي. عام طور تي جڏهن ڪو سياستدان اقتدار ۾ ايندو آهي ته سڀ کان پهرين هو علائقي ۾ پنهنجي پسند جو ايس ايڇ او کڻي ايندو آهي ۽ پوءِ ان جي مدد سان مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندو آهي ۽ پنهنجي حامين جا ڪيس خارج ڪرائيندو آهي.

جتي کڙپيل، سياستدانن کي اقتدار ۾ آڻيندو آهي، اُتي ايس ايڇ او سياستدانن جي اقتدار کي مضبوطي فراهم ڪندو آهي. پنهنجي خلاف اٿندڙ هر آواز کي ٿاڻي انچارج جي حوالي ڪيو ويندو آهي، جيڪو اُن آواز کي دٻائڻ واري فن کان بخوبي واقف آهي. هتي ايس ايڇ او جي جيڪڏهن هڪڙي جملي ۾ معنيٰ ڪڍي وڃي ته ان مان مراد ته اُهي سڀ ڪرپٽ آفيسر، جيڪي سياستدانن جي اشاري تي ان جي ”ويجهن دوستن“ کي قانون جي پڪڙ کان بچائڻ جا فرض سرانجام ڏيندي نظر ايندا آهن.

تپيدار: تپيدار به ايس ايڇ او وانگر هڪ اهم عهدو آهي. ايس ايڇ او وانگر تپيدار جيڪڏهن ڪو لفظ لکيو ته اهو پڻ هيڏانهن کان هوڏانهن نٿو ٿي سگهي ۽ ائين زميندار هاري ۽ هاري زميندار ٿي ويندا آهن. تپيدار پنهنجي چالبازين ۽ مهربانين سان ڪک پتيءَ کي لک پتي ٺاهي ڇڏيندا آهن ۽ جنهن شخص سان زيادتي ٿيل هجي ته اهو ديواني ڪيسن ۾ ائين ڦاسندو آهي جو تپيدار پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪري رٽائر به ٿي وڃي پر سائل جو ڪيس حل نه ٿو ٿي سگهي.

سياستدان جتي ايس ايڇ او کي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪندو آهي اُتي تپيدار ان لاءِ مال گڏ ڪرڻ جو ڪم به ڪندو آهي ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ پئسي جو استعمال ڪري ڌانڌلي ڪري سگهجي. مون کي پنهنجي بئنڪ جي ملازمت دوران پاڪستاني سياست جي اهم ٿنڀن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو. سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڊپارٽمنٽ (SME) ۾ هئس ۽ مون کي پراپرٽي مارگيج ڪرڻ لاءِ مال کاتي جي آفيسرن سان ملڻو پوندو هو، ان کاتي جي ڪجهه اکين ڏٺن واقعن جا مثال توهان آڏو پيش ڪريان ٿو.

هڪ ڀيري هڪ غريب آبادگار زرعي قرض وٺڻ لاءِ بئنڪ آيو، مون ان کي قرض وٺڻ لاءِ ڪجهه ڪاغذن جو ٻڌايو، جن مان هڪ پاس بُڪ هو، جيڪو علائقي جو تپيدار ٺاهي ڏيندو آهي. ان جي سرڪاري في ان وقت شايد 80، 90 يا ان کان به گهٽ هئي.

ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن اهو شخص پاس بُڪ کڻي ٻيهر آيو ته مون کانئس پڇيو ته ايڏي وقت کانپوءِ ڇو آيو آهين؟ ته هن جواب ڏنو ته تپيدار صاحب چيو ته تنهنجي زمين جي کاتي  ۾ وڏي گڙٻڙ آهي ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وڏو وقت گهرجي، تنهن ڪري مان ٻه مهينا تپيدار جي آفيس جا چڪر ڪٽيندو رهيس ۽ هر چڪر جا هو مون کان 1000 روپيا وٺندو هو. اهڙي نموني تقريبن 12000 ڏيڻ کانپوءِ مون کي پاس بُڪ مليو. پوءِ مون کي خبر پئي ته پاس بُڪ ۾ ڪا به گڙٻڙ نه هئي پر تپيدار رشوت وٺڻ جي لاءِ هن کي بيوقوف بڻايو ۽ 80 روپين وارو پاس بُڪ 12000 ۾ ڏنو ۽ وقت الڳ برباد ڪيو.

ٻيو واقعو به هڪ تپيدار صاحب جو آهي جنهن جي ذاتي غلطيءَ جي ڪري هڪ صاحب پاس بُڪ، خسرو ۽ ايراضي ۾ فرق آيو، جڏهن اهو شخص بئنڪ کان قرض وٺڻ آيو ته ان شخص ڪاغذنجي جاچ پڙتال دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته پاس بُڪ جي خسرو ۽ ايراضي ۾ فرق آهي.

ان درخواست گذار کي سڏائي مذڪوره غلطيءَ جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ ان کي تپيدار کان پاس بُڪ کي ٺيڪ ڪرائي کڻي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن اهو شخص اُن تپيدار وٽ پهتو ته خبر پئي ته مذڪوره تپيدار جي بدلي ٿي وئي آهي، اُن جي جاءِ تي نئون تپيدار اچي چڪو آهي. نئين تپيدار خسرو ۽ ايراضي کي ٺيڪ ڪرڻ جا هڪ لک روپيا رشوت جا گهريا.

ان شخص مختيارڪار کان وٺي ڊي سي او تائين سڀني کي درخواست ڏني پر ڪا به پيشي نه ٿي سگهي. سڀني هن کي تپيدار ڏانهن اماڻيو، اُهو ئي مسئلو حل ڪري سگهي ٿو. تپيدار رشوت کان بنا اهو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو.

ٿڪجي اُن شخص قرض کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پاس بُڪ جيئن جو تيئن رهيو. هڪ سال کانپوءِ ان شخص کي پئسن جي شديد ضرورت محسوس ٿي ته هن پنهنجي جڳهه وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو پر ان دفعي پڻ خسرو جي خرابي آڏو آئي.

هن تپيدار کي هڪ لک روپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر جيئن ته تپيدار کي خبر پئي ته ان شخص کي پئسن جي سخت ضرورت آهي ته هن 5 لک روپيا گهري ورتا پر 3 لک روپين ۾ معاملو طئي ٿي ويو ۽ ائين هڪ تپيدار جي غلطي سبب هڪ شريف شهريءَ کي 3 لک ادا ڪرڻا پيا. ذهني پيڙا الڳ ٿي ۽ جيڪڏهن هن کي بروقت قرض ملي وڃي ها ته شايد هن جو گهر وڪرو ٿيڻ کان بچي وڃي ها. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ان تپيدار کي سزا ملي ها ۽ ان تي محڪماجاتي ڪارروائي ٿئي ها پر بدقمستي سان تپيدار به ايس ايڇ او وانگر سياستدانن جو ويجهو دادلو هوندو آهي. ان جي خلاف به ڪارروائي ممڪن ناهي هوندي. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي سي او جي ماتحت هجڻ باوجود وڏا وڏا سي ايس پي آفيسر ان تي هٿ وجهڻ کان لهرائيندا آهن.

ٽيون ۽ آخري واقعو به مال کاتي جي هڪ آفيس جو آهي، جتي عام طور تي زمين جا ڪاغذ تيار ٿيندا آهن، ان موقعي تي زمين خريدڻ وارو ۽ زمين وڪرو ڪندڙ ٻئي پيش ٿيندا آهن. مون کي به بئنڪ جي نالي زمين مارگيج ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وڃڻو پوندو هو. اُتي ڪنهن نه ڪنهن جي زمين جا ڪاغذ تيار ٿيندا رهندا آهن.

ان آفيس ۾ هڪ ريڊر صاحب هو، جنهن جي عادت هئي ته جتي به ڪو پلاٽ يا گهر وڪرو ٿيندو هو ته ان جا ڪاغذ تيار ڪرڻ بعد ٻنهي پارٽين کان سرڪاري فيس کان علاوه 5-5 هزار طلب ڪندو هو، جنهن جو عذر هو منجهند جي ماني جو ڄاڻائيندو هو، ڇو ته اها روايت پراڻي هئي. تنهن ڪري ٻئي پارٽيون ان کي به سرڪاري فيس سمجهي بخوبي ادا ڪنديون هيون ۽ اُهي 10 هزار روپيا ريڊر صاحب جي خزاني ۾ جمع ٿيندا هئا.

هڪ ڏينهن مون فيصلو ڪيو ته پتو لڳائيندس ته آخر ريڊر صاحب ٻنپهرن جي ماني ۾ 10 هزار روپين جو ڇا کائيندو آهي؟ پتو پيو ته ٻاهر بيٺل ريڙهي واري کان 10 روپين جا ڇولا ۽ خادم اعليٰ کي ٻه روپين واري ماني ۽ روزانو ست اٺ رجسٽريون ٿي وينديون هيون، جنهن مان ريڊر صاحب کي روزانو تقريبن 80 هزار روپيا ملندا هئا ۽ اِها اُها آمدني هئي جيڪا بلڪل ”جائز“ هئي. ان کانسواءِ ناجائز ڪم لاءِ هو ڪيترا پئسا گهرندو هوندو، ان جي باري ۾ ڪوئي اندازو ناهي.

سياستدان تپيدارن کان غريب ماڻهن جون زمينون ڦٻائڻ جو ڪم وٺندا آهن ۽ قبضا گروپن جي سرپرستي به ڪندي نظر ايندا آهن. جيڪڏهن اسان وڏي تناظر ۾ ڏسون ته اسان کي اندازو ٿيندو ته روينيو ڊپارٽمينٽ جا وڏا آفيسر، تعلقه ميونسپل اٿارٽي (ٽي ايم اي) ۽ ٻيا عوامي مسئلا حل ڪرڻ وارا کاتا به انهيءَ ڪيٽيگري ۾ ايندا آهن.

ائين انهن ٽنهي جي ڳٺ جوڙ سان پاڪستاني سياست خوب چمڪندي آهي ۽ پوءِ جڏهن اهي ٽيئي ڪرپشن ڪندا آهن ته سياستدان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سامهون ٿي بيهندا آهن.

انهن ماڻهن کي پنهنجين من مانين ڪرڻ جو موقعو ان لاءِ ملندو آهي جو انهن کي معلوم هوندو آهي ته سياستدان ان تي ڀاڙيندا آهن ۽ ائين ڪو به انهن جو ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙيون تبديليون اچڻ گهرجن جو عام ماڻهو به اهڙن ماڻهن جي ڪرتوتن کان محفوظ رهي سگهي. زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ۽ پوليس ڪلچر ۾ اصلاحات آڻي عوام کي انهن ماڻهن جي ڦندي مان آزاد ڪري سگهجي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنٽي ٻڌندو ڪير ۽ ٻڌندو به ڇو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *