پاناما ليڪس بعد مُلڪ ۾ وڌي ويل سياسي گرمي!: گل مورو

پاناما ليڪس ذريعي دنيا جهان جي حڪمرانن، دولتمند سيٺين، ڪاري ڌن جي مالڪن جي ڪٺي ٿيل دولت جا راز کلي پوڻ کان پوءِ سڄي دنيا سميت پاڪستان اندر به ڀونچال مچي ويو آهي ۽ سڀني کان استعيفائون ڏيڻ وارو مطالبو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ هن وقت تائين آئسلينڊ، آذربائيجان جي ملڪي سربراهن پنهنجي ضمير کي سامهون رکندي استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن. جڏهن ته برطانيا جي ڊيوڊ ڪيمرون کان وٺي چين، روس توڙي پاڪستان جي سربراهن سان گڏ ان ڪاري ڌنڌي ۾ شامل ماڻهن کان اقتداري ڪرسيون عوام کي واپس ڪرڻ ۽ عوامي دولت جيڪا هنن اقتداري حوس ۾ اچي ڪري عوام جو رت چوسي گڏ ڪئي هئي، ان جي واپسيءَ جو مطالبو احتجاجي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي رهيو آهي. ميان نوازشريف جي پُٽن جي آف شور ڪمپنين واري مامري تي پاڪستان اندر به ايوانن توڙي ايوانن کان ٻاهر کانئس اقتدار ڇڏڻ جو مطالبو زور پڪڙي چڪو آهي سو ڏسجي ته پنهنجي ضمير کي سامهون رکي استعيفيٰ ڏئي ٿو يا نه!؟ پاڪستان جي اها تاريخ رهي آهي ته هتي ڪڏهن به ڪنهن به حڪمران، چاهي ڪو سول هجي يا عسڪري، ان عوام جي احتجاج کي سامهون رکندي ڪڏهن به استعيفيٰ ناهي ڏني، نه وري ان لاءِ ڪا پنهنجي سر جاچ ڪميشن جوڙي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت ۾ ڪميشن جڙي به هوندي ته ان جي اڄ ڏينهن تائين رزلٽ زيرو ئي رهي آهي. ان حوالي سان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سمورن سياسي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪهڙي به طريقي سان ٻاهرين ملڪن جي آڊٽ ماهرن سان گڏ چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن جوڙي پتو لڳايو وڃي ته ميان نوازشريف ۽ ان جي خاندان آف شور ڪمپنين ۾ بنا شور شرابي جي اها دولت جيڪا ڪيئن ڪٺي ڪئي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي پارٽي جو يوم تاسيس وفاق جي راڄڌاني ۾ 24 اپريل تي رچائي رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ رائيونڊ جي جيڪا راهه چونڊي وئي آهي، ان قصي سرڪار کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي جو وفاقي گهرو وزير پاران پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو قبول ڪيو ويو آهي ته ميان نوازشريف جا لنڊن ۾ به فليٽ آهن پر ان لاءِ پي ٽي آءِ جي سربراهه سان ملاقات ڪري سگهان ٿو ۽ کيس سمجهائي سگهان ٿو. سو ڏسجي ته پاناما ليڪس جي انڪشافن کان پوءِ جيڪو رائيونڊ مارچ رکيو ويو آهي، ان جون ڪيتريون سياسي ڌريون حمايت ڪن ٿيون ۽ ڪهڙيون ڌريون ان جي حمايت نه ٿيون ڪن، اهو سڄو مامرو هفتي ٻن اندر واضح ٿيڻو آهي. ڇو ته هن وقت جماعت اسلامي کان علاوه ڪجهه ٻيون به مذهبي ڌريون ڌرڻي جي حمايت ڪري چڪيون آهن ۽ اهو به چئي چڪيون آهن ته سڀ کان پهريان ميان نوازشريف کي اقتدار ڇڏڻ گهرجي. وڏي ڳالهه ته اڃا ميان نوازشريف نه اقتدار ڇڏيو آهي، نه وري اهي ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن پر هينئر کان ئي وزارت عظميٰ لاءِ نالا بحث هيٺ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن ۾ اسحاق ڊار، شهباز شريف ۽ چوڌري نثار ڄاڻايا ويا آهن. لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ضرور ڪارو آهي، جو هينئر کان ئي اقتدار جي منتقلي لاءِ نالن جو اچڻ به شروع ٿي چڪو آهي، پر ان حوالي سان هڪ ڳالهه اها به ضرور ليکي پئي وڃي ته هن صورتحال ۾ جيڪڏهن ميان نوازشريف استعيفيٰ نه ٿو ڏئي ته ان جو ساٿ پرڏيهه ۾ رهندڙ آصف زرداري ۽ ان جي پارٽي ڏيندي يا نه؟ ڇو ته هاڻي کان ئي ان حوالي سان عمران خان، سيد خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي، اعتزاز احسن جي وچ ۾ جيڪي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن يقينن انهن پٺيان ڪا ڪهاڻي لڪل هوندي؛ جيڪا ڪنهن وقت به ظاهر ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ان صورتحال کي سامهون رکندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاناماليڪس جو پينڊورا باڪس کلڻ واري مامري مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان پٺيان ڪي سگهاريون ڌريون ساڻس گڏ هجن. ڇو ته ڀارتي جاسوس جي گرفتاريءَ تي خاموشيءَ سببان عسڪري قوتون موجوده حڪمرانن کان ناراض آهن، جڏهن ته اِهو پڻ ٻُڌايو پيو وڃي ته ميان نواز شريف پنهنجي ڪاروبار سببان ڀارت سان ڪا ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي.

ڏسجي ته پاڪستان نه رُڳو اندروني پر بيروني معاملن ۾ پڻ اُلجهيل نظر اچي ٿو، خاص ڪري پاڪ-ڀارت تعلقاتن ۾ آيل ڇڪتاڻ ۽ ايراني سرحدن مان ڀارتي جاسوس جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ پڻ سوال جوابن واري صورتحال اُڀري آئي آهي. انهيءَ حوالي سان چوڌري نثار واري پريس ڪانفرنس جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هُن ڄاڻايو هو ته اسان ايراني سرڪار کي خط لکيو آهي ته ڪل ڀوشن ڪيترن سالن تائين ايران ۾ موجود بندرگاهه چار بهار ۾ رهيل هو، ان جي هلچل جا سمورا ثبوت اسان حوالي ڪيا وڃن، پر اصل قصو هن وقت اهي ڳالهيون به آهن جو عسڪري قوتن ۽ سياسي قيادت پنهنجي سفارتي پاليسي تي مختلف خيال رکي رهيون آهن، جنهن جي ڪري انهن ۾ وڇوٽيون نظر اچن پيون. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته عمران خان جو جيڪو داءُ پيچ هن وقت پاڻ مرادو ٺهي آيو آهي ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ڇڏيون آهن؛ ڪن تجزئي نگارن جو اهو چوڻ آهي ته 24 اپريل کان اڳ ئي ميان نوازشريف استعيفيٰ ڏئي گهر ڀيڙو ٿيندو پر ڪي ڌريون وري اِن خيال جون آهن ته ميان نوازشريف برطانيا جيڪو علاج بهاني وڃي رهيو آهي، اصل ۾ اقتدار جي اصلي کيڏاري آصف زرداري سان ملي ڪري مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو، پر ڏسجي ته آصف زرداري هن سڄي راند ۾ پنهنجا ڪهڙا پتا کيڏي ٿو. ڇو ته ان لاءِ به مشڪلاتون انتها کان وڌيڪ آهن جو ڊاڪٽر عاصم کان وٺي عزير بلوچ تائين جيڪي آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون قانون نافذ ڪندڙ ادارن وٽ موجود آهن، انهن حالتن ۾ مقابلو ڪرڻ سندس لاءِ به ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ اهي به امڪان آهن ته ملڪ جي اقتداري پارٽين پ پ، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين ۾ به فارورڊ بلاڪ وقت جي حساب سان رات پيٽ ۾ جڙي سگهن ٿا. ڇو ته اهو ڪرشمو ملڪ اندر ڪا نئين ڳالهه ناهي. ڪنهن به وقت ڪا به نئين پارٽي ٺهي سگهي ٿي ۽ ڊهي به سگهي ٿي. ان حوالي سان ميان نوازشريف ڪميشن جوڙڻ کان اڳ ئي لنڊن روانو ٿيڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي پر تحريڪ انصاف جو 24 اپريل وارو جلسو اصل صورتحال کي واضح ڪندو، جنهن کي سنڀالڻ لاءِ 20 هزار کان وڌيڪ پوليس نفري به اڳي ئي گهرائي وئي آهي ۽ سموري وفاقي راڄڌاني کي ان کان اڳ سيل ڪرڻ جون پڻ تياريون شروع ٿي چڪيون آهن. سو اپريل مهينو واقعي به اپريل فول بڻجندو يا مئي جُون موجون اڳتي هلي ميان نواز کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪنديون؟ سو ڏسجي ته پاناما ليڪس جي پنڊورا باڪس مان ڪهڙو ڪرشمو ٿو ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *