پاران چنار ۾ دهشتگردي، زيان ٿيل اُ ملهه حياتيون: صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگردي سبب ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي به نيويارڪ ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهو به چيو هو ته جڏهن به ڀارت سان ڳالهيون شروع ٿينديون آهن ته دهشتگرد ڪا نه ڪا ڪارروائي ڪري وٺندا آهن جنهن سان ڳالهيون معطلي جو شڪار ٿي وينديون آهن، هن ڀيري ڀارت سان لاڳاپن بابت ڪي خاص ڳالهيون ته نه ٿي رهيون هيون پر ان باوجود ملڪ اندر پارا چنار جي وچ شهر ۾ امام بارگاهه سامهون زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، اهڙي دهشتگرد ڪارروائي جي هر طرف کان مذمت به ڪئي وئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪا پهريون ڀيرو دهشتگرد ڪارروائي نه ٿي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردن سيوهڻ ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪيو هو، جن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان آپگهاتي حملي ۾ به ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ۽ سوين ماڻهو زخمي به ٿيا هئا. ان کان علاوه لاهور، ڪوئيٽا ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به دهشتگرد ڪارروايون ٿي چڪيون آهن. سڪيورٽي ادارن تي به دهشتگرد حملا ڪندا رهيا آهن، سرحد وٽ به دهشتگردن چيڪ پوسٽن تي به حملا ڪيا ويا هئا، جڏهن سيوهڻ ۽ لاهور ۾ ڌماڪا ٿيا هئا ته ان وقت طورخم سرحد کي بند ڪيو ويو هو جنهن کي 32 ڏينهن بعد کوليو ويو هو،

هڪ طرف طالبان دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري داعش جو ذڪر به ٿيندو رهي ٿو، هونءَ ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار به داعش جي موجودگي کان انڪار ڪندو رهيو آهي پر گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ داعش مضبوط نه آهي، ڪجهه ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، بهرحال هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ايترو ته مضبوط ٿي چڪو آهي ته جتي هو چاهين پيا اتي حملو ڪري ڏيکارين پيا، سيوهڻ ۾ دهشتگردن آپگهاتي بم ڌماڪو ڪري 80 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه لاهور ۾ به ڌماڪا ڪيا ويا پر هن وقت تائين اهي دهشتگرد ڪارروايون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيون آهن، ايتري قدر جو دهشتگرد سڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي به بخش نه ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏنهن اڳ افعان بارڊر وٽ دهشتگردن چيڪ پوست تي حملو ڪيو هو. جنهن ۾ به پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا هئا، ان سان گڏ ڀارت سان به به وقفي وقفي سان سرحد وٽ ڇڪتاڻ هلندي رهي آهي، پاڪستان به گڏيل قومن کي ڀارتي اڳرائن کان آگاهه ڪندو رهيو آهي.  گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي چيو هو ته هو برابراري جي بنياد تي پاڙيسري وارا لڳاپا چاهين ٿا،

جيڪڏهن ڀارت جي بيانن تي نظر ڦيرائي وڃي ته ان معلوم ٿيندو ته ڀارت پاڪستان سان مختلف وقتن تي تڪرار پيدا ڪندو رهيو آهي، هونءَ ته ٻنهي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪتاڻ ڪشمير مسئلي جي سبب هلي رهي آهي پر ڀارت هن ڀيري سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪري  ڪشمير مسئلي کان وڌيڪ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب هڪ طرف ڪشمير مسئلو ته ٻي طرف وري پاڻي جي ورهاست وارو معاملو آهي، جنهن سبب هن وقت پاڪستان دهشتگردي سميت سرحد وٽ ڇڪتاڻ کي به منهن ڏئي رهيو آهي. هونءَ ته ملڪ اندر ضرب عضب آپريشن کانپوءِ ردالفساد آپريشن به شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ۽ گرفتار به ڪيو ويو آهي پر ان باوجود دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي موجودگي جو ثبوت ڏيندا رهيا آهن. گذريل ڏينهن به پارا چنار ۾ دهشتگردن ڪار بم ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ زخمين کي اسپتالن به پهچايو آهي، ايتري قدر جو ڌماڪي کانپوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي هئي،

اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به اهي خبرون هلي رهيون هيون ته جيڪي به ماڻهو زخمي ٿيا آهن، انهن جي حالت ڳنتي جوڳي آهي. اهڙي ڌماڪي جي سياسي، سماجي ڌرين طرفان مذمت به ڪئي وئي هئي، جيتونيڪ هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ردالفساد آپريشن جاري آهي پر ان باجود دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ کان نه لنوائي رها آهن. هونءَ ته وزيراعظم نوازشريف به ڪيترائي ڀيرا  پنهنجي خطاب ۾ چئي چڪو آهي ته هنن ملڪ اندر امن امان قائم ڪرائي ڇڏيو آهي پر پارا چنار دهشتگردي حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته پارا چنار ڌماڪي ۾ به ڪيترائي معصوم شهري  شهيد ٿي چڪا هئا، ڪجهه عرصو اڳ نوراني نور درگاهه تي به ڌماڪو ڪيو ويو هو، جنهن دوران به ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿي ويا هئا. جيڪڏهن مجموعي طور تي دهشتگردن جي ڪاررواين جو اندازو لڳائجي ته هزارين معصوم ماڻهو دهشتگردن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن.جنهن سبب ڪيترائي گهر اجڙي چڪا آهن پر افسوس جو ڪو ماڻهو انهن وٽ لڙي نه ويو آهي جن جا پيارا ڌماڪن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. هونءَ ته ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي پر ان باوجود دهشتگرد معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن هڪ وزير چيو هو ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب دهشتگرد آسان حدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

هڪ طرف دهشتگرد ملڪ اندر ڪارروايون پيا ڪن ته مٿان وري سرحد تي ڇڪتاڻ معمول بڻجي وئي آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته دهشتگردن ملڪ کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، هڪ سانحي مان اڃا قوم ٻاهر نڪري ئي نه ٿي ته مٿان وري دهشتگرد هڪ ٻي ڪهري ڪارروائي ڪري وٺن ٿا، جنهن سان ڪيترائي گهر اجڙي  چڪا آهن. جيڪڏهن هن وقت به حڪمران هڪ ٿي دهشتگردي کي مات نه ڏني ۽ سرحدن کي محفوظ نه بڻايو ته سيوهڻ، لاهور ۽ پارا چنار جهڙا سانحا پيش ايندا رهندا ، جنهن سان معوصم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿينديون رهنديون. ان ڪري سمورين سياسي پارٽين کي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جئين اهڙن دهشتگردن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏيجي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سموريون جماعتون عوام سان گڏجي دهشتگردن خلاف هڪ آواز بڻبيون. اڄ ملڪ تمام ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، دهشتگرد ڪڏهن سيوهڻ ۾ڌماڪا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري لاهور  ۽ ڪوئيٽا ۾ بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪن ٿا، ڪڏهن ته وري سڪيورٽي اهلڪارن کي به نشانو بڻائن ٿا. ان ڪري وفاقي سرڪار کي سرحد وٽ چرپر کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا ته جئين ملڪ اندر دهشتگردن کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي، جيڪڏهن دهشتگردن جي اچ وڃ ملڪ ۾ بند ٿي ويندي ۽ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا ته هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي مضبوط ٿي ويندي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *