ٽي لفظ اهڙا جن کي ٻڌڻ شرط لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا؛يوسف شاهين

1947ع کان ويندي اڄ تائين گذريل 67 سالن دوران ٽي لفظ اهڙا آهن جن کي ٻڌڻ شرط لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. هڪڙو لفظ ”محبت“ ٻيو ”صوفي“ ۽ ٽيون ”مني پاڪستان“. محبت جو لفظ ٻڌي اسان انگريزن جي دوءر  ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو. اسان 1940ع واري قرارداد تي به ايمان آندو جنهن تحت اهو يقين ڏياريو ويو هو ته پاڪستان جا سمورا صوبا خودمختيار ۽ اسٽيٽ جو درجو رکندا. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي سمورن اقتصادي وسيلن، صنعتن، ڪاروبار ۽ روزگار تي ڌاريا قابض ٿي ويا. سنڌين کي ”صوفي“ هئڻ جو درجو ڏيئي اهو چيو ويو ته هو مونن ۾ منهن وجهي غربت ساڻ زندگي گذارين. پاڪستان ٺهڻ شرط لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا بدران ڪراچيءَ کي ” مني پاڪستان“ ٺاهيو ويو . ڏسندي ئي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ پنجاب، اڳوڻڪي سرحد، فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن مان ڌاريان سنڌ ڏانهن ڪاهي آيا. انهن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هزارين وڏا ڪارخانا هڻڻ جا لائسنس ۽ بئنڪن طرفان وڏا قرض ڏنا ويا. اهڙي طرح هو نه فقط وڏين صنعتن جا مالڪ بڻجي ويا بلڪ سنڌ جي سموري ڪاروبار تي به ڇائنجي ويا. سنڌ جون نوي(90) فيصد نوڪريون به ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي ڏنيون ويون. سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌي وات پٽيو اهو پريان تماشو ڏسندا رهيا. سنڌ ۾ ڌارين جيڪي هزارين ڪارخانا هنيا انهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ مزدور ٻين صوبن مان گهرايا ويا. سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌي انهن ڌارين کي اهو عرض ڪندا رهيا ته اوهان سنڌ ۾ هٿين خالي آيا، اڄ ڪارخانن جا مالڪ ٿيا آهيو، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻ وٽ ” نوڪر“ ته رکو مگر هو ايتري ڳالهه به مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا. پاڪستان ٺهندي اڃا ڏهه سال مس گذريا هئا ته علامه اقبال جي پر اسرار بندن 1958ع ۾ جنرل ايوب خان جي سربراهي هيٺ مارشل لا هڻي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ جنرل ايوب خان پاڪستان جا ٽي درياءَ هنڌستان کي وڪڻي ڇڏيا. نتيجي طور پنجاب ”دو آب“ بڻجي ويو. ساڳئي وقت فوجي حاڪمن مشرقي پاڪستان، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جا حق مارڻ لاءِ ”ون يونٽ“ نافذ ڪيو جنهن تحت سنڌ جو تاريخي نالو ختم ڪري پوسٽ وارن کي حڪم ڏنو ويو ته جيڪو شخص حيدرآباد سنڌ يا لاڙڪاڻو سنڌ لکي ته اهڙا خط ساڙيا وڃن. هنن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي خوفناڪ فيصلا ڪيا. جيئن ته ايوب خان جو تعلق صوبي سرحد سان هو  ان ڪري اتي جي ذري گهٽ اڌ آباديءَ کي سنڌ ڏانهن منتقل ڪري، کين هتي روزگار ڏنو ويو . بلوچستان ۾ جن اڳواڻن حق گهرڻ جي ڳالهه ڪئي، انهن مان ڪيترن کي سندن اولاد سميت ڦاهيون ڏنيون ويون. مشريقي پاڪستان سان اهڙو حشر ڪيائون جو هو 1970ع ۾ ڌار ٿي پاڪستان کان جان ڇڏائي ويا. فوجي حاڪمن پاڪستان تي 33 سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪئي. ان عرصي دوران سنڌ جون اڌو  اڌ زمينون پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ تي الاٽ ڪيون ويون. ايتري قدر جو فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن کي به هزارين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڏني ويئي. هڪ ڀيري جڏهن پاڪستان جي ٽيم هارايو ته سنڌ جي عظيم ڏاهي غلام مصطفيٰ شاهه خوشيءَ جو اظهار ڪندي سنڌين کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين ته جيڪر پاڪستان جي ٽيم کٽي ها ته کين سنڌ جي زمين تحفي ۾ ڏني وڃي ها. هن وقت حالت اها آهي جو چار ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٻين صوبن ۽ مختلف ملڪن جا ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن. اهي سنڌ جي مڪمل اڪانامي ۽ روزگار جي وسيلن تي قابض آهن. اهي هن وقت اسان سنڌين ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ جهيڙا ۽ اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ ڪئين گهاٽ گهڙين ٿا. اسانجي محبت ۽ صوفي هئڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ سنڌ جو هر ماڻهو خطري هيٺ آهي. ڪڏهن ڪير ماريو ويندو، ان جي خبر نٿي پوي. لکن جي تعداد ۾ خيبر پختون، فاٽا ۽ افغانستان کان آيل ماڻهن ۾ اهڙا عنصر موجود آهن جيڪي ڪراچيءَ ۾ ويهي بم ٺاهين ٿا، اسان کي مارين ٿا، اسانجا ٻار محفوظ حالت ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏانهن وڃي نٿا سگهن. محبت جي فلسفي سبب اسان اهو به نٿا چئي سگهون ته سنڌ ڏانهن ڌارين جي لڏ پلاڻ کي روڪيو وڃي ۽ جيڪي سنڌ ۾ بم ٺاهين ٿا اهي سنڌ خالي ڪري وڃن. اڄ سنڌ جي ذري گهٽ اڌو اڌ آبادي فاقن ۾ مبتلا آهي. ڌارين جي لوڌ سبب نه فقط سنڌي بلڪ  اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌي خوفناڪ بيروزگاريءَ  جو شڪار آهن. ويجهڙائيءَ ۾ جناب الطاف حسين قانون پاس ڪرايو ته سنڌ ۾ لازمي طور  فقط سنڌ جو ڊوميسائيل رکڻ وارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. ان قانون تي عمل نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ آيل ڌارين پيسا ڏيئي، سنڌ جو ڊوميسائيل حاصل ڪري ورتو آهي. ان ناانصافيءَ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ رد ڪري نئين سر ٺاهيا وڃن. سنڌ کي يتيم خانو يا بسم الله هوٽل ٺاهڻ کان بچائڻ لاءِ جناب الطاف ڀائي کي مناسب قدم کڻڻ گهرجن. اڄ اسان ان حد تائين ڪمزور ۽ بيوس ٿي ويا آهيون جو گذريل 25 سالن کان پنجاب جي سم ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي سنڌو دريا ۾ وڌو وڃي ٿو، اسين ان کي روڪي نٿا سگهون. ان بابت سپريم ڪورٽ حيرانگي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جا لکين ماڻهو پنجاب کان ايندڙ زهريلي پاڻيءَ سبب آهستي آهستي مري رهيا آهن. ايڏي وڏي حادثي کي ڇو نٿو روڪيو وڃي. اسين پنجاب وارن کي ڇا چئون. هو اسان جا وڏا ڀائر آهن ۽ ڀائپيءَ ۽ محبت ۾ هو اسان کي زهر ڏيئي رهيا آهن.آخر ۾ آئون وضاحت ڪرڻ گهران ٿو ته هي سنڌ ڌرتي فقط اسان ٻن ڀائرن جي آهي. باقي جن ڌارين اسان کي بک مارڻ لاءِ سنڌ جي اڪانامي، پيداواري وسيلن ۽ روزگار تي قبضو ڪيو آهي، ان جو ڪو تدارڪ ٿيڻ گهرجي. آخر ۾ آئون اڙدو ٻوليءَ سان سنڌ جي محبت بابت ڪجهه تاريخي احوال ڏيندس. سنڌ ۾ گذريل 300 سالن کان اڙدو شاعري ڪئي وڃي ٿي. جڏهن اڙدو دکن ۽ دليءَ ۾ پير کوڙي رهي هئي تڏهن سنڌ جي ڪيترن ئي عظيم شاعرن، عالمن، ولي الله سنڌيءَ کان علاوه اڙدوءَ  ۾ به شاعري ڪئي. انهن جي تمام ڊگهي لسٽ آهي. هتي ڪجهه نالا ڏيان ٿو : ملا عبدالحڪيم ”عطا“ ٺٽوي، (جنهن سترهين صديءَ ۾ باقاعده اڙدو غزل جو بنياد وڌو) مير فاضل بکري، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (شاهه لطيف جو پڙڏاڏو-وفات 1623ع) مخدوم محمد معين، صدرالدين ابو تراب ”ڪامل“، مير محمود صابر، سچل سرمست، خليفو نبي بخش لغاري ”قاسم“، مير حيدرالدين ابو تراب، حاجي محمد فضل ماتم، سيد غلام محمد شاهه ” گدا“، مير علينواز خان ٽالپر ”ناز“،مير نصير خان ٽالپر (حاڪم سنڌ-تخليق ديوان اردو)، مير حسين علي خان ”حسين“ (ديوان حسين اردو)، محمد عظيم الدين ”عظيم“، مير ضياالدين ”ضيا“، مير ڪرم علي خان”ڪرم“، مير محمد نصير خان جعفري، مير شهداد خان جعفري، قادربخش”بيدل“، نواب الهه داد خان لغاري”صوفي“، ثابت علي شاهه (مرثيه گو شاعر ) مخدوم امين محمد ”امين“، مير عبدالحسين ”سانگي“، موتيل شاهه، سيد مصري شاهه امام، قائم فقير، پير جهان الدين، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز ۽ ٻيا. خيرپور  جي حاڪم مير علي نواز خان جي عهد ۾ فارسيءَ بدران اڙدوءَ کي خيرپور  جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ان کان علاوه خيرپور رياست ۾ گهڻي ڀاڱي اڙدو ڳالهائيندڙ ڪامورا ڀرتي ڪيا ويا. اڙدو پروريءَ سبب هندستان کان ڪيترا عالم ۽ شاعر مير علي نواز خان جي خيرپور درٻار ۾ ايندا رهيا. انهن ۾ مولانا حسرت موهاني، شميم امروهوي، آغا حشر قزلباش، مولانا صفي (لکنوءَ کان)، خواجا حسن نظامي، علامه حائري، باباءِ اڙدو مولوي عبدالحق، خواجا غلام سيدين، نواب نصير حسين خيال، حڪيم محسن، ابوالبشر حفيظ جالنڌري، حڪيم احمد شجاع ۽ ٻيا شامل آهن. باباءِ اڙدو مولوي عبدالحق 1959ع ۾ ميرپور خاص ۾ ٿيل هڪ ڪنوينشن ۾ سنڌي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته: ” اڙدو سنڌ لاءِ ڪا اجنبي ۽ نامانوس ٻولي ناهي ۽ بعض محققن جو ته ان حد تائين خيال آهي اڙدو زبان وادئ مهراڻ ۾ جنم ورتو ۽ هتي پروان چڙهي، ان لاءِ هو دليل ڏين ٿا ته اڙدو مسلمان ۽ هندن جي اشتراڪ ۽ انهن جي تهذيبي ۽ ادبي ميلاپ سبب پيدا ٿي ۽ جيئن ته سڀ کان اڳ عربن جي حڪومت سنڌ ۾ قائم ٿي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اڙدوءَ هتي ئي جنم ورتو هوندو“. ان کان علاوه سيد سليمان ندوي، حبيب الرحمان خان شيرواني ۽ ٻين ڪيترن ئي محققن جي اها راءِ آهي ته اڙدوءَ جي پهرين جنم ڀومي سنڌ آهي، هتي اڙدو زبان جو بنياد وڌو ويو . اڄ کان لڳ ڀڳ 650 سال اڳ اڙدوءَ  جي پهرين سٽ سنڌ ۾ لکي ويئي. برڪت شيخ پٺا، ايڪ مُوا، ايڪ نٺا“ نٺا جي معنيٰ آهي ”ڀاڄوڪڙ“. اها سٽ تڏهن لکي ويئي جڏهن هندستان جو شهنشاه فيروز تغلق 1368ع ڌاري سنڌ تي ڪاهي آيو. هو ڏيڍ لک فوجون ۽ 500 جنگي هاٿي پاڻ سان کڻي آيو هو. سنڌ جي ماڻهن فيروز تغلق کي ناقابل تلافي ۽ عبرتناڪ شڪست ڏني. هن جا 90 هزار کان وڌيڪ فوجي سنڌ ۾ قتل ٿي ويا. هن جا ٻيا ڪيترائي فوجي ڀڄي ويا. فيروز تغلق جان بچائڻ لاءِ ڪڇ رڻ پٽ ڏانهن ڀڳو  جتي سندس بچيل ويهه هزار فوجي بک ۽ اڃ سبب مري ويا. سنڌ جي ماڻهن ان ڪاميابيءَ کي پير پٺي جي ڪرامت قرار ڏنو. بهرحال، اسان سنڌي اڙدو ٻولي صدين کان سيني سان سانڊيو ٿا اچون. اڄ سنڌ جا سمورا سنڌي، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ۽ عمر رسيده اڙدو ڳالهائين ٿا. جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ اسانجا اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌي، سنڌي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. حالت ان حد تائين تشويشناڪ آهي جو سنڌ جي اڌو اڌ اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. سنڌي ڳالهائڻ يا پڙهڻ سان اڙدو ٻولي ڪمزور نه ٿيندي. اڙدو  اڄ دنيا جي عظيم بين الا قوامي ٻولي بڻجي چڪي آهي. ان مسئلي بابت سنڌ جي بهادر سپوت جناب الطاف ڀائي کي ڪي مناسب قدم کڻڻ گهرجن. خدا کيس وڏي ڄمار ۽ وڏي سگهه عطا ڪري. (حيدرآباد ۾ متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين جي ڪتاب ”محبت جو فلسفو“ جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *