ٽلرسن ۽ سشمتا جي الزام تراشي ۽ پاڪستان ..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

آمريڪا جو وزيرخارجه (ريڪس ٽلرسن)ڪالهه پاڪستان ۾ چار ڪلاڪ جي دوري تي پاڪستان آيو ۽ پراڻي آمريڪي پالسي تحت چاپلوسي واري زبان مان ڊي مور جو بهاشن ڏيندي پاڪستان مان ڀارت روزانو ٿي ويو جتي هو دهلي اندر ٽي ڏينهن رهندو.

آمريڪا جي وزيرخارجه ريڪس ٽلرسن جئين پاڪستان ۾ انڊيا پهتو ته نه رڳو سندس تيور تبديل ٿيا پر مون پاڪستان مٿان مسلسل الزام بازيون لڳائيندو رهيو.انڊيا جي سشمتا سوراج ۽ آمريڪي وزيرخارجه ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چئي رهيا هئا ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا مظبوط ٺڪاڻا آهن.انهي ڪانفرس اندر نه رڳو آمريڪا جي وزيرخارجه پاڪستان تي الزام لڳايا پر آمريڪا جي وزيرخارجه ريڪس ٽلرسن به پاڪستان خلاف خوف ڀڀڪيون ڏينون.جنهن ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته ڀارت جا ارادا پاڪستان لاءِ ناپاڪ آهن ۽ آمريڪي پاليسي ۽ آمريڪي حڪومتي سوچ به پاڪستان لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ حد تائين صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي.آمريڪا بار کان ڊور مور جو مطالبو ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان پنهنجي ملڪ اندر دهشتگردن خلاف هڪ وڏي جنگ وڙهي انهن جو خاتمو آندو آهي.پر آمريڪا جي اها سوچ يقيني پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلنج آهي.جنهن جي اصل ڪڙي سي پيڪ منصوبو ئي آهي جيڪو ڀارت توڙي آمريڪا کي هضم نه پيو ٿي.

آمريڪا جو وزيرخارجه پاڪستان اچڻ کان پهرين افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل آيو ۽ عراق به آيو ليڪن آمريڪي ٽي وي مطابق ته وزيرخارجه جو عراق ۽ ڪابل وارو دور طعه نه ٿيل هو.مان سمجهان ٿو ته آمريڪا جا ٽي وي چيئنل به عوام کي ٽوپي پارائڻ جا ماهر ٿي ويا آهن،ڇو ته آمريڪا جي وزيرخارجه جو دور هجي اهو به افغانستان ۽ عراق جهڙن ملڪن ۾ اهو ٿي نه ٿو سگهي.ڇو ته هن وقت سڀني کي خبر آهي ته افغانستان اندر آمريڪا جو طالبانن وايون بتال ڪري ڇڏيو آهن اهڙي ماحول ۾ آمريڪا جي وزير خارجه جو اوچتو دور ممڪن ئي ناهي.گذريل هفتي کان وٺي طالبانن افغانستان اندر حملا ڪندي 200ماڻهن کي ماري ڇڏيو آهي.جڏهن ته 200جي تعداد کان وڌيڪ ماڻهو شديد زخمي ٿي پيا هئا.ان اهو خوف جي آمريڪا جي وزيرخارجه کي به هوندو ته ڪو راڪيٽ سندس مٿان اچي نه ڪري انڪري هوُ سمورا سڪيورٽي جي انتظام مڪمل ڪري پوءِ افغاستان پهتو هوندو.

آمريڪي (وي آئي پيز)جي سڪيورٽي جي لاءِ هر جڳهه بڊول پروف انتظام ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي مڪمل تفصيل به جاري ڪئي ويندي آهي تنهن کانپوءِ ئي آمريڪي پي آءِ پيز پنهنجي دوري تي نڪرندو آهي.جهڙي ريت آمريڪا پاڻ کي سپرقاطت سمجهندو آهي اهڙي ريت انهن جي وي آءِ پيز کي به سپرطاقتن جو خوف وڪوڙيل هوندو آهي.ڪابل جي دوري اندر آمريڪا جي وزيرخارجه افغانستان ۾ مقيم پنهنجي جنرل (نڪوسن)سان ملاقات ڪئي ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفسيرعبدالله سان پڻ ملاقاتون ڪيون،انهي ملاقاتن اندر به پاڪستان جي ڊي مور جي ڳالهائين کي دهرايو ويو جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهرين انهي ڊي مور جي حوالي سان پاڪستان جي چيف آف آرمي به شفاف بيان ڏنا هئا ته پاڪستان اندر ته ڪيترائي ڊي مور ڪري ڏٺا آهن ۽ هاڻ دنيا جي واري آهي انڪري دنيا مان مراد ڪهڙا ملڪ آهن انهن جي ٻڌائڻ جي ڪابه ضروت ناهي

آمريڪا جي خدا ايترو ڪجهه ڏنو آهي ۽ هو ڪيتري عرصي کان وٺي افغانستان اندر موجود آهي ۽ افغانستان جي گلي گلي اندر سندس فوجي موجود آهي ۽ ڪيترائي زور لڳائي چڪو آهي ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر منشيون به استعمال ڪري چڪو آهي ته اڄ تائين سندس قبضي ۾ افغانستان جا طالبان نه اچي سگهيا آهن.اساما بن لادن به پاڪستان اندر مارجي ويو نه ته اهو هن وقت تائين آمريڪا جي قبضي ۾ نه اچي ها.۽ افغانستان اندر آمريڪا پنهنجي هار جي لڪائڻ لاءِ هميشه پاڪستان تي الزام بازيون لڳائيندو رهيندو آهي ۽ بنا جواز جي پاڪستان جي سرحدن اندر ڊرون حملا ڪندو رهيو آهي ۽ چوندو رهندو آهي ته پاڪستان ڦاٽا جي علائقي اندر افغانستان جي خطرناڪ دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن.مونکي اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته آمريڪا جهڙي سپرطاقت ملڪ ڪجهه انتهاپنسندن ٽولي جي اڳيان ايڏو ڪمزور۽ لاچار ٿي ويو آهي.

ان وڌيڪ حيرت اندر ڳالهه اها آهي جو دنيا جو سپرطاقت ملڪ جو صدر سياست جي الف ب مان به ڪجهه ڪون ٿو ڄاڻي اوهان جي سامهون آهي ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو 2016ع جي الڪيشن پهرين سندس نالو ئي سياست اندر موجود نه هو.۽ قوم پوءِ به کيس صدر بنائي ڇڏيو انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته بينل اقوامي سياست جو قعلو ايترو مظبوط ناهي ايترو عوام سمجهي ٿي.جڏهن ته اليڪشن کان پهرين جيڪي ڊونلڊ پرمپ ڊاڙو هڻي رهيو هو اهي سڀ بيڪار ۽ بي بنياد نڪتيون ڇا ڪيو آهي آمريڪا..؟

ڊونلڊ ٽرمپ کي اقتدار ۾ ايندي ڏهه مهينا نه ٿيا آهن پر انهن ڏهه ميهنن اندر ڊونلڊ ٽرمپ ڏهه کان وڌيڪ ڊاڙون هڻي چڪو آهي.پاڪستان سان ته هو هميشه ڪندو رهندو آهي پر چين سندس جهاز ڪرايا ۽ اترڪورتا کيس ميزائين جا تجربا ڪري خوف ڊڄاريو پر آمرڪي انهن ملڪن جو به ڪجهه به ڪري سگهيو پر پوءِ به پنهنجي ڊاڙوئن کان باز نه ٿو اچي.پر خير هاڻي آمريڪا جو وزيرخارجه انڊيا وڃي ڪري مودي جي ڦوڪڻي ۾ هوا ڀريندو ۽ کيس چين جو همسر ثابت ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو.انکان پهرين انڊيا کي (انڊوفيسڪ)جو لالي پاپ ڏيکاريو ويو آهي.۽ اترڪوريا کي روهه زمين سان ختم ڪرڻ جو اعلان باربار ڪيو ويو آهي.پر آخر ۾ ٿيندو ڇا آهي جو بس ڳالهيون ڀڀڪيون ۽ صرف ڀڀڪيون ٻيو ڪجهه به.

اڃان ٻه ڏينهن پهرين اچر22آڪٽوبر2017ع تي ڪوٽلرسن سعودي رياض جو درو ڪيو جتي هڪ اعليٰ سطح تي اجلاس ڪوٺايو ويو هو جنهن اندر اهو چيو ويو هو ته عراق جي مڪمل قبضو ڪيو ويو آهي ۽ عراق مان داعش به خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ داعش جي دهشت کي عراق مان ختم ڪيو ويو آهي.۽ هاڻ ايران کي گهرجي ته سندس عسڪري وزير ملائيشا مان واپس گهرائي ۽ سڄو انتظام عراق واپس ڪري.!پر اها به خبر هجڻ گهرجي ته ڪيرڪون ٿو ڄاڻي ته داعش کي ڪنهن جي حمايت آهي ۽ هئي.؟هڪڙي طريقي سان ڏسجي ته داعش جي شڪت عرب رياستن جي شڪت ۽ ايران جي فتح آهي.

عراق جي عوام جي بي پناهه قربانين کانپوءِ داعش کي شڪت آئي آهي اوهانکي ياد هوندو ته 2014ع ۾ عراق جي مشهور شعيا مذهبي رهنا اهو اعلان ڪيو هو ته عراق جا سمورا شعيا هڪ ٿي ڪري داعش خلاف آواز اٿارين ۽ انهن عراق مان داعش کي ٻاهر ڪڍن.انهي فتوا کانپوءِ ايران جي مدد سان هڪ طاقت ور عراقي مليشيا وجود ۾ آئي جن جي تعداد هڪ لک کان مٿي کان هئي.جڏهن تازو عراق مان داعش جي دهشتگردن جا ماري انهن جي ٺڪاڻن جي قبضو ڪري ورتو هو ۽ اتي عراقي حڪومت کي بحال ڪيو هو،انڪري هاڻ آمريڪا کي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ايران جي طاقت ايران مان نڪري ڪري عراق شام لببان تائين پهچي چڪي آهي ۽ اهو هڪ اهو خطرو آهي جيڪو نه رڳو آمريڪا لاءِ نقصانڪار آهي پر اتي اسرائيل به انهن خطري ۾ آيل آهي.۽ سعودي کي به خطرو آهي،انهي ڪري شايد هن وقت سعودي اڳواڻ شاهه سلمان روس جو دور ڪري رهي ايران ۽ سعودي تعلقات بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.هڪڙِي پاسي ايران ۽ اترڪوريا جهڙا ملڪ آمريڪا ۽ سندس حامين لاءِ ايڏيون مصيبتون پيدا ڪري رهيا آهن اتي آمريڪا پاڪستان خلاف ڀڀڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪي هاڻ پاڪستان جي برداشت کان ٻاهر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *