ٽريفڪ کاتي جي لاپرواهي سبب وڌندڙ خوفناڪ حادثا ؛ منظور ڪالرو

ملڪ ۾ جڏهن به ڪٿي روڊ حادثا ٿين ٿا، جن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جا افسوسناڪ منظر ميڊيا وسيلي عام ٿيڻ سبب حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ انتظامن تي آڱريون کڄن ٿيون، تڏهن ڪجهه ڏينهن تائين حادثن جي روڪٿام وغيره بابت بحث بازيون ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ حادثن جي سببن نااهلين ڪرپشن مافيائن سميت ٽريفڪ کاتي جي فرض شناسين ۽ ذميوارين کي پڻ تبصرن ۽ تجزين هيٺ آندو وڃي ٿو، پر پوءِ جيئن جيئن حادثي بعد ڏينهن گذريو وڃن، تڏهن اهي سڀ بحث، تجزيا ۽ تبصرا ۽ انهن ۾ ٿيندڙ فيصلا به داخل دفتر وارين انڌير نگرين جي ور چڙهڻ سبب وسريو وڃن.پوءِ جڏهن وري ڪو ٻيو روڊ حادثو رونما ٿئي ٿو ته ساڳئي ريت جا بحث تبصرا، ڳالهيون ۽ بيان ٻڌجڻ ۾ ايندا آهن، ائين جيئن خيرپور ٺڳ ٺيڙهي باءِ پاس تي سوات کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي حادثي کانپوءِ تبصرا، الزام ۽ تعزيتون شروع ٿي ويون آهن. هن قيامت برپا ڪندڙ روڊ حادثي کي عام روڊ حادثو نه سمجهڻ گهرجي، ڇو جو تقريباً 60 انسان حادثي جو شڪار ٿيندي اجل جو شڪار ٿي ويا. هنن سٺ مسافرن ۾ ڪيترائي پنهنجن پنهنجن گهرن جا وڏا هئا ۽ پنهنجو گذر سفر مزدوري وغيره سان پنهنجي زندگيءَ جو وهنوار هلائيندڙ هئا. اهڙيءَ ريت اهي خاندان جهڙوڪر پنهنجن ڀرجهلن کان محروم ٿي ويا آهن. فقط ان ڪري جو سرڪاري آفيسرن جي بقول ”ڊرائيور“ کي ننڊ اچي وئي. جڏهن ته هن ڏس ۾ مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جن ۾ تيز رفتاري روڊ جي حالت خراب ۽ مک شاهراهه تي گاڏين موڙڻ لاءِ ”ڪٽ“ ڏنل آهي، پر جيئن ته لڳ ڀڳ فجر جو وقت ٻڌايو وڃي ٿو، تنهن ڪري هن حادثي بابت حتمي طور ڪو سبب اڃان واضح نه ٿي سگهيو آهي؟وڏن روڊ رستن کان ننڍن رستن تي ٽريفڪ ۾ وڏي واڌ ٿيڻ ڪري گهڻا ڊرائيور حضرات تيز رفتاري سان ڊرائيونگ ڪندي عام ڏسجن ٿا، جيئن ته هن ملڪ خاص طور ”سنڌ صوبي“ ۾ اهڙو ڪوبه قانون ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن سان ان رٽ تحت تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سان ڊرائيونگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي. هتي جيڪي خرابيون ۽ قانون جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، تن ۾ ٽريفڪ جي نظام ۾ خرابين ۽ لاپرواهين جا داستان ئي جدا سمجهيا وڃن ٿا!!خيرپور سول اسپتال ۾ حادثي جي شڪار ٿيلن جا لاش ۽ زخمي ڏسي چئي سگهجي ٿو بس ڊرائيور انتهائي تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سان ڊرائيونگ ڪري رهيو هو، پر سوال اهو به آهي ته ڇا ”موٽر وي پوليس“ اهڙي تيز رفتاري سان ڊرائيونگ ڪندڙ ڊرائيور کي ڪٿي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي؟ هونئن به عام ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو آهي ته هاڻ ”موٽر وي پوليس“ پنهنجي ڊيوٽي ائين سرانجام نه ٿي ڏئي، جيئن اڳي شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندي هئي، جڏهن هن کاتي جو وجود آندو ويو هو، تڏهن مسافر سندن ڪارڪردگي مان مطمئن ٿي ڏٺا، پر ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ هاڻ اها ڪارڪردگي نه رهڻ ڪري سپر هاءِ وي کان قومي شاهراهه تي ڊرائيورن جي مستي ڏسڻ وٽان هوندي آهي، جنهن ۾ کين اهي احساس نه هوندا آهن ته اهي ڪو انسان کڻيو پيا وڃن!!اهڙي ريت مکيه شاهراهن تي حادثن کانپوءِ اسپتالن جي حالت دوائن جي ضرورت، ايمبولينس، حادثي جي مناسبت سان تڪڙا انتظام، ڊاڪٽر ۽ عملي جي موجودگي تڪڙي امداد وغيره جا مناسب بندوبست نه هئڻ جي ڪري به مسافر تڙپي تڙپي اجل جو شڪار ٿيو وڃن ٿا. ان حوالي سان فقط افسوس ۽ تعزيتون ڪرڻ تي زور ڏيڻ بجاءِ سرڪار کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙن دردناڪ روڊ حادثن کانپوءِ اهڙا اپاءَ ضرور وٺڻ گهرجن، جن سان روڊ حادثا نه ٿي سگهن يا انهن ۾ ڪمي اچي سگهي.خيرپور لڳ ٺيڙهي وارو روڊ حادثو، جنهن جو هاڻ ذميوار ڊرائيور کي قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪو خود به وفات ڪري ويو آهي، جڏهن ته تيز رفتاري سان ڊرائيونگ ڪرڻ وارو مسئلو بظاهر موجود رهندو، جيڪو حادثن جو پهريون خاص سبب بڻجي ٿو. ان لاءِ ”موٽر وي پوليس“ جي ذميوارن جو نئين سِر جائزو وٺڻ جي ضرورت سمجهي وڃي ٿي. جڏهن ته ڊرائيونگ سان سلهاڙيل ٻيا سوال جن ۾ لائسنس، شناختي ڪارڊ ۽ نشي وار شين جي استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جون ٽيسٽون به شامل آهن. هن ڏس ۾ سنڌ پوليس ۽ ايڪسائيز کاتي جي ڪارڪردگي پڻ سواليه نشان بڻيل آهي، جيڪي به ڪنهن نه ڪنهن ريت حادثن جي رونما ٿيڻ جي سببن ۾ شامل سمجهيا وڃن ٿا.جڏهن خيرپور لڳ خوني حادثو ۽ ان جا ڀيانڪ منظر سامهون اچن ٿا تڏهن ”سنڌ سرڪار“ جي مجموعي ڪارڪردگي پڻ اکين اڳيان گهميو وڃي ۽ اُهي، اُهي داستان ٿا معلوم ٿين جن سان سرڪار جي ”رٽ“ جهڙوڪر ختم ٿي چڪي آهي. سنڌ جو ڪوبه صوبائي کاتو اهڙو نٿو ڏسجي، جنهن سان عوام کي شڪايتون نه آهن. سرڪار جي اهڙي ڪارڪردگي سبب پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جي اڳواڻي شهيد ليڊرن ڪئي، تنهن پارٽي جي وجود کي ڪمزور ڪندڙ خود سندن پنهنجا ڪيترائي وزير ۽ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ٿا سمجهيا وڃن.

تنهن ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ تبديلي جون عوامي خواهشون پڻ آڏو اچي رهيون آهن ته جيئن برجسته ۽ ايماندار وزيرن جي موجودگيءَ ۾ حڪومت جي ناماچاري ۾ بهتريون آنديون وڃن. اهڙي طرح جڏهن ملڪ يا صوبي ۾ ڪي دردناڪ حادثا رونما ٿين ٿا، تڏهن عوام پاران ان کي سڌو سنئون ”سرڪار“ کي ڏوهي قرار ڏيڻ واري روش ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ائين جيئن خيرپور ويجهو ٺيڙهي باءِ پاس تي خطرناڪ روڊ حادثي سبب جهڙوڪر سمورا مسافر وفات ڪري ويا آهن. سرڪار اها جاچ ڪرائيندي پر اها جاچ به اڳ وارين ٿيندڙ جاچن جي روايتي نتيجن کي پڌرو ڪندي ’داخل دفتر‘ سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن حادثي جي جاچ ۾ به اهڙا روايتي انداز اختيار ڪندي حادثي جي سببن کي گول مول ڪري سمورو ڏوهه ڊرائيور تي عائد ڪيو ويندو ته پوءِ سمجهو ته جاچ جي شفافيت تي آڱريون کڄي سگهن ٿيون، جيئن ته روڊ حادثا خالص انساني مسئلو رهيا آهن، ان لاءِ انهن جي روڪٿام لاءِ روايتي طور طريقا ڇڏي جديد انداز ۾ ٽريفڪ جي قانون تي عملدرآمد تي زور ڏنو وڃي ته جيئن ڪوبه ۽ ڪٿي به ننڍو يا وڏو روڊ حادثو رونما نه ٿي سگهي ۽ مسافرن جا گهر ائين اجڙي نه سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *