ٻي سرد جنگ ۽ تبديل ٿيندڙ دنيائي سياست ؛نور احمد چانڊيو

آمريڪي صدر اوباما جي انڊيا جي اچانڪ ياترا سان دنيائي سياست ۾ هلچل مچي وئي آهي. هڪ طرف پيارو پاڪستان پريشاني جي علامت ۾ آهي ته ٻئي طرف روس ۽ چين به ان اڻ مندائتي ميلاپ کي ڪنهن خطري جي گهنٽي کان گهٽ نه ٿا سمجهن.

مٿيون ڳالهيون سڀ سون، پر اصل حقيقت اڃان ٻي آهي. هر ڏينهن نيون محبتون ونڊن، هر مهيني ميلاپ، ۽ هر سال نئين سنبت مان واضح نظر ٿو اچي ته سياسي منڊيءَ جي کچڻي زور سان پچي رهي آهي. اها کچڻي ڪڏهن وڃي لهندي اهو ته وقت ٻڌائيندو، پر ان جا اثر اڄ ئي ظاهر ٿي پيا آهن.

ڪريميا جي مسئلي کانپوءِ اولهه ۽ اوڀر بلڪه آمريڪا ۽ روس وچ ۾ وري ٻيهر سرد جنگ جنم وٺڻ واري آهي. ڇا سرد جنگ روس کي اڃا وڌيڪ 15 حصن ۾ ورهائيندي يا هن سرد جنگ کانپوءِ دنيائي سياست Unipolar مان Multipolar ۾ تبديل ٿيندي؟

ظاهري يا روايتي انداز سان ڏسجي ته آمريڪي هٺ ڌرمي اڃان ڪجهه ڏهاڪا برقرار رکڻ جا تاثرات ڏيکاري رهي آهي، پر گذريل سال کان روس، چين ۽ انڊيا ۾ ٺهندڙ الحاق مان لڳي رهيو آهي ته آمريڪي هٺ ڌرمي هاڻي ڪجهه سالن جي مهمان نظر پئي اچي. 2014ع جي آخري مهينن ۾ روس، چين ۽ انڊيا وچ ۾ هڪ مٿان هڪ ٿيل گڏجاڻيون ۽ معاهدا جيڪي ڪڏهن ٻه ڌُري هئا ته ڪڏهن ٽه ڌري، انهن معاهدن تي تبصرو ڪندي بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايشيا جي ٻن وڏن طاقتور ملڪن چين ۽ انڊيا سان روس جي ويجهڙائي مان واضح آهي ته ايندڙ وقت ۾ دنيا Unipolar مان Multipolar world ۾ جنم وٺندي.

يوڪرين جي مسئلي کانپوءِ آمريڪا ۽ اقوام متحده جي پابندين کانپوءِ روس پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ يورپ جي منڊين کان ايشيائي منڊين کي مرڪز بڻايو آهي، ان مسئلي کانپوءِ روس تيل ۽ گئس جي Export جو رخ چين ۽ انڊيا طرف ڪيو آهي، نه ته روس جو 12 سيڪڙو گئس ۽ تيل يورپ کي Export ٿيندو هو.

وقتائتي طور ته سڀ ملڪ هڪ ٻئي تي Interdependent (ڀاڙڻ) ٿا، پر Lang term تي نظر وجهجي ته اوڀر يورپ ۽ مڊل ايسٽ جي حالتن کانپوءِ بيجنگ ۽ دهلي لاءِ واشنگٽن کان وڌيڪ ماسڪو مددگار ثابت ٿيندو. ڇو ته هي ٽئي ملڪ هڪ ٻئي سان جاگرافي (Geo- Strategic) طور ڳنڍيل آهن ۽ کين درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا کان وڌيڪ روس هنن جو ساٿ ڏئي سگهي ٿو.

روس ۽ چين جا لاڳاپا وچ نوي واري ڏهاڪي کان اعتبار جوڳا رهيا آهن. روس، چين ۽ انڊيا هڪ نئون مالياتي ادارو Brazil, Russia, India, China, S Africa (BRICS) پڻ ٺاهيو آهي، جنهن جو صرف ۽ صرف مقصد آهي آمريڪي هٺ ڌرمي هيٺ ڪم ڪندڙ WB ((IMF) کي ٻنجو ڏنو وڃي. ان سان گڏوگڏ ٽنهين ملڪن Dollar جي وڌندڙ اثر 2008ع ۾ آيل Dollar Recession کانپوءِ پنهنجي معيشت کي بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان پنهنجي Currency ناڻي ۾ واپار ڪرڻ جو سوچيو آهي، جيڪو پڻ آمريڪا لاءِ وڏي خطري جي گهنٽي آهي.

روس ۽ چين اڳ ۾ ئي Shanghais Cooperate Organization (SSO) ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي آهن ۽ انڊيا کي Observer State جو درجو پڻ ڏنل آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ مڪمل ميمبرشپ ۾ تبديل ٿيندي نظر پيو اچي، ان ڳٺ جوڙ جو حاصل مطلب هيئن ڪجي ته ڪو حرج نه ٿيندو.

The Strategic triangle Russia- India china (RIC) taken into account difficulties of relations especially considering indo– Chinese bond characterized at the same time by Cooperation and competition could therefore be and interesting model of dialogue in the new multipolar world order.

روس ۽ چين ۾ وڌندڙ سهڪار

سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ وقتن فوقتن چين ۽ روس جا لاڳاپا سٺا رهيا آهن، پر ويجهڙائي ۾ جيڪو روس ۽ چين جي گهري دوستي جو بنياد پيو آهي، ان جو مکيه سبب چين جي پرڏيهي پاليسي جا بنيادي اصول Peace امن، Cooperation سهڪار ۽ Development ترقي آهن.

مئي 2014ع ۾ ٿيل معاهدا روس ۽ چين جي گهري دوستي جو ثبوت آهن، انهن معاهدن جي اگر لاڳت ظاهر ڪجي ته 400 بلين ڊالرز جا معاهدا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ روس سائبيريا مان پائيپ لائين ذريعي 38 بلين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس چين کي ڏيندو.

ڪريميا جي مسئلي کانپوءِ روس اولهه وارن کان منهن مٽجڻ کانپوءِ چين سان هڪ ٻيو معاهدو پڻ ڪيو آهي، جنهن وسيلي هر سال چين 30 بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس وٺندو، ان معاهدي کان پهرين روس جي ٽوٽل گئس جو 12 سيڪڙو يورپ کي Export ٿيندو هو.

روس- چين معاهدا ٻنهين ملڪن لاءِ تمام بهتر ثابت ٿيندي نظر پيا اچن. چين ان کان پهرين سمنڊ وسيلي Strait of Malacca جي ذريعي تيل وٺندو هو، جنهن سبب ڏکڻ ۽ اوڀر چيني سمنڊ تي ڪيترن سالن کان چين ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ هلندي پئي اچي.

چين ايشيا کي پنهنجي پاليسي جو محور بڻائيندي تيز رفتار ريلوي سسٽم، گئس پائيپ لائين، بندرگاهه ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي ذريعي ايشيائي ۽ پاڙيسري ملڪن کي پاڻ سان ڳنڍڻ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ لاءِ قائل ڪرائڻ ٿو چاهي. ٻئي طرف Martine Silk road ذريعي اوڀر ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي Pacific Indian Ocean سان ڳنڍڻ ٿو چاهي، جنهن مان چٽو ظاهر ٿو ٿئي ته چين پنهنجي رسائي روس، ايران، نار وارن ملڪن، مڊل ايسٽ برصغير، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ يورپ تائين ڪري آمريڪي اثر کي ختم ڪرڻ ٿو چاهي.

گذريل سال 11-10 نومبر بيجنگ ۾ ٿيل Asian Pacific economic Cooperation (APEC) گڏجاڻي ۽ ان کانپوءِ سست پوءِ آيل روسي دفاعي وزير سرگي شوگو، دنيائي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي. ان گڏجاڻي ۾ روسي دفاعي وزير کلم کلا اعلان ڪيو. 2015ع ۾ روس ۽ چين نه صرف Pacific Ocean پر Mediterranean sea ۾ گڏيل بحري مشقون ڪندا، ان مان به صاف نظر ٿو اچي ته روس ۽ چين امريڪي اثر کي Pacific Medtermean سمنڊ ۾ به ٻنجو ڏيڻ جي بلڪل تيارين ۾ آهن.

روس ۽ انڊيا جي وڌندڙ دوستي

يورپ ۽ آمريڪا طرفان روس تي لڳايل پابندين کانپوءِ روس جو لاڙو جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ انڊيا طرف آهي ۽ انڊيا هن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. هوڏانهن نريندر مودي جي وزيراعظم ٿيندي ئي انڊيا جي پرڏيهي پاليسي ۾ تمام گهڻيون ۽ نيون تبديليون نمودار ٿيون آهن. مودي پاڙيسري ملڪن سان گڏوگڏ ٻين ملڪن سان به سٺا لاڳاپا رکڻ جو قائل آهي، جنهن ۾ روس سان لاڳاپا وڌيڪ اهميت رکن ٿا. ولاديمير پيوٽن به سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ پهريون دفعو انڊيا سان ايتري ويجهڙائي ۽ اهميت ڏني آهي.

انڊيا هڪ طرف آمريڪا ۽ اقوام متحده طرفان روس تي لڳل پابندين کي قبول نه ڪيو آهي ته ٻئي طرف وري ڪريميا کي به روس جو Dejure حصو تسليم نه ڪيو آهي ۽ ان ايڏي گهمان گهمي ۾ روس سان گئس ۽ تيل سان گڏ ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن، جنهن ۾ ONGC, GAIL & BP ڪمپنين روس سان معاهدا ڪيا آهن.

روس ۽ انڊيا وچ ۾ گذريل سال ويهن معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن، جن مان ست Intergovernmental ۽ تيرنهن Commercial معاهدا آهن، جنهن ۾ سڀ کان اهم معاهدو اهو آهي ته روس ۽ انڊيا باهمي طور هڪ ٻئي سان پنهنجي (Curramy) ناڻي ۾ واپار ڪندا، جيڪو آمريڪي Dollar لاءِ وڏو چتاءُ آهي.

پيوٽن اهو واضح ڪيو آهي ته روس- انڊيا کي ٻارنهن جوهري هٿيار گهرن ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو ۽ هر سال روثنيف (روسنيف) تيل ڪمپني ڏهه ٽن تيل انهن جوهري گهرن کي هلائڻ لاءِ ڏيندي. ان سان گڏوگڏ روس نوان جيٽ جهاز ۽ هيليڪاپٽر ٺاهڻ ۾ انڊيا جي مدد ڪندو.

مٿين ڳالهين مان واضح خبر ٿي پوي ته اوباما جي اچانڪ اچڻ جو سبب ڪو ٻيو نه پر نئين شروع ٿيندڙ سرد جنگ ۾ انڊيا کي روس ۽ چين کان پري ڪري پاڻ سان شامل ڪرڻ آهي.

بهرحال فطرت جو قانون دنيائي سياستن ۽ قانونن کان ڳرو آهي، جتي عروج هو، اتي زوال به ضرور آيو. يونان، روم، پرتگال (برٽش) کانپوءِ آمريڪي هٺ ڌرمي جي ختم ٿيڻ جا تاثرات به نظر اچن پيا.

Word seems to be changed from unipolarty to multipolarily. Where, china India Russia will stand along with United States

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *