ٻين جي گمشدگي لاء جاکورينڌڙ پنھل ساريو پاڻ کنڀجي ويو‎: احسان علي جوڻيجو

سنڌ ۾ سنڌي قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ڪا نئين  ڳالھ ناهي رهي هر روز سرعام روڊن تان سفيد پوش يا ڪاري پوشاڪ وارن هٿان سنڌ جا ڳڀرو جوان ، سنڌ جي حقن جي لاء آواز اٿاينڌڙ ، يا گم ٿيل قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي لاء آواز اٿارينڌڙ هي  پنھل سارئي جھڙا ڏاها اديب ۽ مسيحائي ڪردار هي ديس جي دڳن جا سپاهي ڪاري پوشاڪ پھريل رات جي رهزن هٿان سنڌ جي دڳن تان کلي عام  کنڀيا وڃن ٿا ۔

هر روز ٻين جي آزادي لاء جاکورينڌڙ  هي سنڌ جو امر ڏاهو سنڌ جي نوجوانن کي اتساھ ڏينڌڙ ، هي لوئي جي لڄ رکنڌڙ ، جيڪو محبوب ديس جو محبوب مالڪ ،  سونھن جي سيلاب جو ڪردار رکنڌڙ ، بھادري جو بيباڪ  ، ٻين جو ڀرجھلو ڪردار،  هو امر ڦلڪ ۽ مھتاب جھڙو من موھينڌڙ ڪردار ، هڪ بھادر ۽ انقلابي سوچ جو مالڪ ، هو لوھ جا لنڱ رکنڌڙ ، هو سنڌ ڌرتي جي بھادر ماء جي ڪک مان جنم وٺنڌڙ ، پنھنجي سڄي عمر باهمت ٿي گذارڻ ، سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء پيرين پنڌ قافلي ۾ شريڪ ٿي تاريخ رقم ڪنڌڙ وک وک تي هو پنھنجي موهينڌڙ آواز سان قافلي ۾ شريڪ نوجوانن کي اتساھ ڏينڌڙ شخص۔

جنھن جو آواز جبل ب ڏاري وجھي  ،

جنھن جي للڪار دشمن کي ماري وجھي ،

وائيس آف مسنگ پرسن جو ڪنوينر پنھل  ساريو پاڻ هي ڪڌي عمل هن جبر جو شڪار ٿي ويو هو پاڻ رستن جي رهزنن هٿان زوري کنڀي گم ڪيو ويو ۔پنھل ساريو  جيڪو ڪالھ  حيدرآباد ۾ سماجي اڳواڻ  انيل حب علي جي خانه بندوش ڪيفي ۾ رٿيل هڪ سالگراھ واري تقريب ۾ شرڪت لاء ويل هيو جتان هو ان سالگراھ جي تقريب مان فارغ ٿي نڪتو ت رستي تي اڳ وٺي بيٺل ڪاري پوشاڪ پھريل 4 اهلڪارن هٿان کنڀيو ويو ۔ واضع رهي ت وائس آف مسنگ پرسن طرفان اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ مان جبري طورکنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي لاء اديبن ۽ دانشورن سان ”قومي اهل قلم ڪانفرنس ” ٿيڻي آهي جنھن ڪانفرنس کي ن ڪرڻ لاء پنھل ساريو کي کنڀي گم ڪري وائس اآف مسنگ پرسن تي ڌٻاء وجھڻ آهي هي سڌون سنئو ڪريل عمل ان ڳالھ جو واضع ثبوت آهي ت پڪ سان هنن VMP جي پيادل مارچ ۽ گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي آزادي واري جھدوجھد انھن جي اک ۾ ڪنڍي برابر آهي ۽ هن جي اڄوڪي رٿيل تقريب انھن کي تير  برابر ٿي لڳي ۔ هو سمجھن پيا ت هي ن رڪجنڌڙ قافلو اسان جون ڀتيون ن ڪيري وجھي،  هي سمجھن پيا هي نوجوان قافلو اسان جي ڏاڍ جبر جا ڪوٽ ن ٽوڙي وجھي ، هو سمجھن پيا ت هو لوھ جا لڱ رکنڌڙ اسان کي چيڀاٽي ن وجھي ، هو سمجھن پيا هنن جو آواز ڪٿي دنيا جون عالمي طاقتون ن ٻڌي وٺن ، ڪٿي اسان جا رهزن روپ ن ظاهر ٿي پون ، هي سمجھن پيا ت ڪٿي هي قافلو اسان جي صدين پراڻو  سامراجي تختو ن اونڌو ڪري وجھي ، هو سمجھن پيا ت ڪٿي هن قافلي جون گونجون ويتر اسان جون ننڊون ن حرام ڪن ، تڏهن هي آيا هڪ بزدل جيان لڪي وار ڪري ويا ۽ هڪ ڳڀرو اڳواڻ کنڀي ويا ۔

هي واڳون وري منھنجي ديس جي،

ماروئڙن جو سھارو ڳڙڪائي ويا ،

وري ڪا ريت نئين ورجائي ويا ،

ڪو هيمون هوشو جھڙو هيو ،

۽ ان کي  ڪاري واري چادر اوڙي ،

وري پئ ڪنھن ڌئ جو ،،

۽ ور ڪنھن وني جو،

هي زوري کنڀي لڪائي ويا،

هي واڳون وري منھنجي ديس جي،

ماروئڙن جو سھارو ڳڙڪائي ويا۔

پنھل ساريو جي جبري کنڀي گمشدگي تي ڪنھن ڏاهي لفظ لکيا  آهن

ڌرتي تي اسين ڌاريا…

سنڌ جي سوڍن جا سِرَ ڳوليندي پنهل ساريو پاڻ به کنڀجي ويو آهي، ڪالھ ان جو آواز به بند ٿي ويو جيڪو احتجاج جو سڏ ڏئي اڳم ٿيندو

هو، ايڏي انياءَ تي اڪيلو ڳالهائيندو هو، ۽ ڳلو کولي ڳالهائيندو هو!

ان نڙيءَ تي به ننهنءُ اچي ويو جنهن مان حق جو آواز نڪري ناحق ڪندڙن کي خوار ڪندو هو، سنڌ جي سياست مان ته ساه نڪتل آ، انهي ڪري ان مان نڪري پنهل انساني حقن جي پليٽ فارم تان حق جو آواز اٿاريو ته حق سميت هي انسان به گم!

ھيءَ منهنجي سنڌ آ، هت روز ڪو نه ڪو ڌرتي ڌڻي گم آ، جيڪو ٿو سنڌ جي ڳالھ ڪري سو کنڀجي ٿو وڃي. هيءَ سنڌ اسان جي ناهي يا اسين سنڌ جا ناهيو؟ اهي ڪهڙا غيبي خان ساماڻا آهن جيڪي سنڌين جو سر گم ڪري رهيا آهن؟ شڪايت پئي ڪئي سين ڌارين جي، هي ته داداگير به دامنگير ٿي ويا.

ساھَ ٿا ٻوساٽجن، زبانون ٿيون ڪٽجن، ڄڀون ٿيون ڇڪجن، ڪنڌ ٿا ڀڄن، سِرَ ٿا کڄن، غزا ۾ آهيون يا حلب ۾؟ بغداد جهڙا ڏينهن ڇو آهن، ”شام“ جهڙي اسان جي شام ڇو آ؟

واقعي ۾ ت هي ڌرتي ديس ڌڻين لاء ڄڻ ت ڪا مقتل گاھ بڻائي وئي آ هت انڌير نگري ۾ چرٻٽ راج قائم ڪيو ويو آ هي اهو ديس آهي جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ ۔ هي ديس  ڌرتي جي وارث لاء ڪوس خانو ڪري ٺاهيو ويو آ ۔

مان ان ديس جي رهاڪو آهيان ۔۔۔

جتي حقن گھرڻ تي ماريو وڃي ،

بي ڏوھي فاهي چاڙهيو وڃي ،

يا رستي ويندي باکوڙي هنڌان،

ڪنھن موري تي زندھ ساڙيو وڃي ،

رستي وينڌڙ راهگير ابي کي ،

سنڌي سمجھي وک وک تي ،

آ روز هو هيسايو ويو ،

۽ روز ايذايو ويو۔

هر روز کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن خبر ناهي ڪھڙي قانون تحت واڙي تشدد ٿوڪيو وڃي هنن جو ڏوھ سنڌوڌيش جي آزادي جي ڳالھ ڪرڻ آهي هنن جو ڏوھ سنڌ وطن سان محبت ڪرڻ آهي هو انھي ڏوھ ۾ کنڀيا وڃن ٿا ته

هو آزادي جي ٿو ڳالھ ڪري ،

۽ سا ڳالھ غيرن لآء ٿي مچ ٻري،

هي ڪيترا سنڌ قومي ڪارڪنن کنڀي ڪال ڪوٺين ٽاچرسيلن اندر واڙيا ويا آهن يا دڳن تي ماريا ويا آهن ڇا هنن جي شھادتن هنن جي لاشن سان ڪو تحريڪ ختم ٿي آهي يا آزادي ۽ حق گھرڻ واري تحريڪ کي هو ڌٻائي سگھيا آهن هي چاهي ب ڪڏهن ايئن ڪو ن ڪري  سگھندا ڇو جو سيد جي ٻارن سدائين ڪنڌ  ڪپائڻ ڄاڻيو آهي ڪنڌ جھڪائڻ ن۔ پنھل ساريو جي گمشدگي هجي يا ان کان 60کان مٿي قومي ڪارڪنن جي گمشدگي هجي هنن جي گمشدگين ويتر آزادي جي تحريڪ کي نئون جنم ڏنو آهي ويتر روح وڌو آهي هڪ جذٻو پيدا ڪيو آهي ت وطن جي آزادي ۾ سر ڪپائڻا پون ت ب ن ڪيٻائبو ۔

سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو کنڀي گم ڪرڻ وارو قصو بلوچستان جيان ڪافي پراڻو آهي پر ان ۾ ويتر تيزي آندي وئي ۽ روزاني بنياد تي 3/4 ڪارڪنن جي کنڀجڻ جون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون سنڌ حڪومت هر واقعي کان واقف هوندي ب هنن سنگين نوعيت جي واقعي تي چپ جو رستو اختيار ڪري ويٺي آهي۔ هي ڪو ڌارئي جي کنڀجڻ جو واقعو ناهي پر ان سنڌي قوم جي اڳواڻن جي کنڀجڻ جو آهي جنھن قوم جي مليل ووٽن تي هي اسيمبلين ۽ اقتدارن ۾ ويٺل آهن حڪومتي لاچاري بيوسي ۽ چپ يا اهو ظاهر ڪري ٿي ت هي پاڻ سڌي طور ان قومي ڪارڪنن جي کنڀي گم ڪرڻ ۾ معاملي ۾ ملوث آهن يا ت کنڀي گم ڪرڻ وارا ايترا ت طاقتور آهن جو هي ڪشي ب ڪو نٿا سگھن

تاج حيدر پ پ پ جي اڳواڻ سينيٽ ۾ جيڪا ڳالھ پيش ڪئي ان ۾ سڌي ريت هن ٻڌايوت کنڀيي گم ڪيل قومي ڪارڪن صابر چانڍيو ڪنھن جي تحويل ۾آهي ۽۽ اهي ڪير آهن ان ڳالھ مان صاف ظاهر آهي ت پ پ پ جي حڪومتي وزيرن کي بب اها ڳالھ خبر آهي ت هي سنڌي نوجوان ڪيو ٿو کنڀي ڳڙڪائي پر هي ايترا ت لاچاربيوس آهن جو هو آواز نٿا اٿاري سگھن ڪا رٿ ن ٿا آڻي سگھن ڪو ان عمل جي خلاف بل آڻي سگھن هوڄاڻين ٿا ت ڌرٻاري ايترا ت ڌاڌاگير آهن جو اسانجو ڌڳ ن بند ڪن ۔

VMP  اڳواڻ جي جبري گمشدگي هنن جو اصلي چھرو ٿيون ظاهر ڪن ت هي ن ٿاچاهن ت ڪو مظلوم پنھنجي حقن جي ڳالھ ڪري يا قبضي هيٺ آيل تخت تي ڪو ڌرتي جو اصل واث ويھي تڏهن هي ڪريل حرڪتون ڪري قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪن ٿا ۽ هيسائن ٿا۔ هن قسم جا واقعا حالتون خراب ڪرڻ جي ڪڙي آهن ۔ اسين سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل قومي اڳواڻ پنھل ساريو سميت هر جبري کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي وارثن سان گڏ آهيو اسين هيومين رائيٽس ڪميش  عالمي عدالتن انساني حقن جي تنظيمن کان اها گھرٿا ڪريون ت سنڌ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيل سنڌي قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاء ڪردار ادا ڪن ۽ اسين گھر ٿا ڪريون  ت قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ واري عمل کي روڪيو وڃي کنڀي گم ڪيل سنڌي قومي ڪارڪنن کي عدالتن ۾ پيش ڪيووڃي جيڪڏهن هو ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آهن ت باسلامت انھن کي عدالتن ۾۾ پيش ڪري انھن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي ئي هي جيڪا احساس محرومي پکيڙي وئي آ بيچيني سا ختم ڪئي وڃي ۔

اسين سنڌي قوم جي هر غيرتمند فرزند کي اديبن دانشورن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن کي  اها اپيل ٿا ڪريون  ت پنھل سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن جي بازيابي لاء آواز بلند ڪن ۽ قومي فرض سمجھي انھن جي آزادي ۽۽ سنڌ جي باقي مسئلن واري تحريڪ ۾ شريڪ ٿين ۔

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *