ٻوڏ ۽ سنڌ جو ڪچو : اسحاق سومرو

سنڌ جو سوين ميلن وارو ڪچي جو علائقو، پنجن درياهن جي پاڻيءَ کي پنهنجي پيٽ مان گذاري، سوين سالن کان وٺي سمنڊ تائين پي پهچائيندو رهيو آهي. سنڌ پڇڙيءَ ۾ هجڻ جي ڪري هميشه انهن پنجن ئي دريائن جي تيز لهرن جو واحد قدرتي گس آهي، جنهن ڪري سنڌ کي هميشه وڏي ۽ ننڍي ٻوڏ لاءِ تيار رهڻو آهي. پنجاب جي ”پنجند“ وٽ پنجن ئي درياهن ستلج، راوي، چناب، جهلم ۽ خود سنڌوءَ جو پاڻي گڏ ٿي، ڪوٽ مٺڻ کانپوءِ گڊو بئراج وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي. جيستائين اُهو پنجن ئي درياهن جو پاڻي سمنڊ جي اندر ڇوڙ نه ٿو ڪري، تيستائين سنڌ جي عوام جو ساهه مٺ ۾ ئي رهندو آهي.

هن سال به پنجاب مان گذرندڙ دريائن ۾ پاڻيءَ جي اوچتي واڌ جي ڪري، مختلف هيڊ ورڪس، بئراجن تي سخت دٻاءَ ۽ انهن جي لڙهي وڃڻ جي ڊپ کان پنجاب جي حڪومت ”18 هزار بند“ توڙي ٻين ڪيترن ئي بندن کي مصنوعي طريقي، يعني ”بمن جا ڌماڪا“ ڪري ٽوڙي، پاڻيءَ جي زور ۾ گهٽتائي ڪري، پنهنجي بئراجن ۽ ڪجهه مکيه شهرن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، جنهن ڪري ڪيترائي شهر ۽ علائقا انهي هٿرادو بندن ٽوڙڻ جي ڪري ٻڏي ويا، جتان لکين ماڻهن کي عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. پاڻيءَ جي انهيءَ زور جي ٽٽڻ جي ڪري سنڌ کي فائدو پهتو ۽ پاڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو وهڪرو گڊو بئراج تائين 4 لک ڪيوسڪ کان نه وڌي سگهيو، جيڪو 11 لک ڏهه هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو 2010ع جي ٻوڏ دوران سنڌ جي ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ کي لڳاتار 11 ڏينهن تائين جاري رهيو هو، جنهن ڪري پهرين ٽوڙيءَ ۽ بعد ۾ ٺٽي ضلعي ۾ سجاول جي ڀرسان ”ڪوٽ عالمو“ وٽان، بندن جي ڪمزور هجڻ، آبپاشي کاتي جي نااهلي، سالن کان وٺي باوجود اربين خرچ ٿيڻ جي، بندن جي گهربل مرمت نه ٿيڻ جي ڪري بند ٽٽي پيا ۽ سنڌ جا 80 لک ماڻهو دربدر ٿيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ٻن مهينن تائين مفلوج رهي.

پاڻي انسان جي اڄ به اهم ترين ضرورت آهي، جڏهن انسان اڃان ترقي نه ڪئي هئي ته ماڻهن انهن علائقن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني هئي، جتي پاڻيءَ جي سهوليت موجود هئي. ان جو اندازو دنيا جي پراڻين تهذيبن ۽ انهن جي آثارن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيئن درياهه نيل جي ڪناري تي مصري تهذيب، درياهه فرات تي بابلي تهذيب جا آثار، سنڌ جي قديم تهذيب جا آثار، درياءَ سنڌ جي ڪناري تي ملن ٿا. اڄ به ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا شهر درياهن جي ڪناري تي ملن ٿا. يعني پوئين زماني ۾ معيشت ۽ گذرگاهن جو دارومدار دريائن جي وهڪرن تي هوندو هو. سنڌ جي زرخيز ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار به اڃان تائين درياهه سنڌ ۽ ان جي پاڻيءَ تي آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين پوري سنڌ کي سيراب ڪري ٿو. 1842ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو ته سنڌ کي زرخيز بنائڻ ۽ اناج پيدا ڪرڻ لاءِ 1943ع ۾ ٻيلن ۽ آبپاشيءَ جي محڪمن جو بنياد رکيو ويو. 1860ع ۾ درياهه جي پاڻيءَ کي قابوءَ ۾ آڻڻ لاءِ درياهه جي ٻنهي پاسن کان بند ٻڌڻ جي شروعات پڻ ڪئي وئي، جيئن سنڌوءَ جي ڇڙوڇڙ پاڻيءَ کي زرعي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اڳتي هلي پهريون دفعو 1932ع ۾ سکر ۾ ”سکر بئراج“ جي تعمير مڪمل ڪرائي وئي ۽ سنڌ ۾ باقاعده پاڻيءَ جي رسد کي زراعت لاءِ ڪم آڻڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جي ڏوراهن علائقن تائين پاڻي پهچڻ شروع ٿيو، سنڌ ۾ زراعت جي شعبي ۾ وڏي پئماني تي ترقي ٿي ۽ درياهه جي وچ واري علائقي کي، جيڪو ٻنهي پاسن جي وچ وارو علائقو آهي، ان کي ”ڪچي“ جو نالو ڏنو ويو.

هڪ اندازي مطابق انهي ڪچي جي علائقي ۾ جيڪو ڪشمور کان وٺي درياهه جي پڇاڙ يعني ڊيلٽا تائين آهي، جنهن ۾ 20 لک 11 هزار 2 سؤ ايڪڙ ايراضي اچي وڃي ٿي، جنهن مان 10 لک ايڪڙ زمين زرعي استعمال هيٺ آهي، 6 لک ايڪڙ درياهه جي وچ وارو حصو آهي. 4 لک 50 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زير استعمال آهي. باقي بچيل 50 هزار ايڪڙ زمين تي ڍنڍون، ڳوٺ وغيره اچي وڃن ٿا، جتي ڪابه پوک وغيره نه ٿي ٿئي.

اڄ کان 42 سال اڳ ڪچي جي علائقي ۾ صرف ساڍا ست لک ماڻهو آباد هئا، جتي هاڻي ڪچي ۾ رهندڙن جو تعداد 35 لکن کان به وڌيڪ آهي، جيڪو تعداد دنيا جي ملڪن ڪويت، قطر، ماريطانيه، موناڪو، جبرالٽر، البانيا، لڪسمبرگ، مالديپ، برونائي، ڀوٽان، گرينڊا، بارباڊوس سميت اٽڪل 70 آزاد ملڪن کان به وڌيڪ آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هن وقت 17 لک 86 هزار کان به وڌيڪ ڪچي جي ايراضي بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي، جتي بااثر جاگيردارن پنهنجيون ”ڪيٽيون“ قائم ڪري ڇڏيون آهن. خانگي ٽيوب ويل ۽ غير قانوني بند ٻڌائي اتي پوکي ڪري رهيا آهن ۽ وڏي پئماني تي ڪچي واري علائقي ۾ وڻن جي ڪٽائي وارو غير قانوني ڪم جاري آهي، جنهن سان درياهه جا ٻيلا تقريبن ختم ٿي چڪا آهن.

اڄ کان 35 سال پهرين ڪچي جي علائقي ۾ 42 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا هئا، پر لڳاتار غير قانوني طور تي ٻيلن جي ڪٽائي جي ڪري هاڻي اُتي زرعي زمين جي پوکيءَ جي ڪري 2010ع ۾ ٻيلن جي ايراضي صرف 0.72 سيڪڙو رَهي آهي. ڪچي جي زمين ۽ ٻيلن جي حفاظت جي ذميواري ٻيلي کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي فرضن ۾ شامل آهي، پر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي سنڌ جا هيءَ ٻئي محڪما پنهنجا فرض سٺي نموني سان سرانجام نه ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري درياهه جو قدرتي نظام (Eco- System) ۽ دريائي ٻيلا سخت متاثر ٿي رهيا آهن.

آبپاشي جي ماهرن، درياهه سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ واري پاڻيءَ جي ٽن حصن ۾ درجابندي ڪئي آهي، درياهه جو پاڻي جيڪڏهن 50 هزار کان هڪ لک ڪيوسڪ جي وچ ۾ آهي ته ان کي عام ٻوڏ سڏيو ويندو آهي ۽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ ڪچو محفوظ رهندو آهي. پاڻي جو مقدار هڪ لک کان ٻه لک ڪيوسڪ جي وچ ۾ هجي ته پوءِ ڪچي جي صرف 10 سيڪڙو ايراضي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندي. پر ان سان ڪنهن به مالي نقصان جو خطرو نه رهندو آهي. ٻن کان ٽن لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جي اچڻ تي ڪچي جو 20 سيڪڙو حصو متاثر ٿيندو آهي. جيڪڏهن درياهه ۾ 4 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ اچي ٿي ته ان سان ڪچي جو 35 کان 40 سيڪڙو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي، جنهن سان فصلن کي ۽ گهرن کي نقصان پهچندو آهي ۽ ڪچي جي آبادي ڪجهه وقت لاءِ بندن تي منتقل ٿي ويندي آهي ۽ 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي اچڻ تي ڪچي جي 60 کان 70 سيڪڙو ايراضي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندي آهي، ست لک ۽ ان کان وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ڪچي جو 90 سيڪڙو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي، تنهن ڪري هن سال سنڌ ۾ صرف 4 لک ڪيوسڪ پاڻي داخل ٿيو، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪچي جو صرف 35 کان 40 سيڪڙو حصو ئي پاڻيءَ هيٺ آيو هوندو ۽ اُهو به گڊوءَ وٽ چار لک ڪيوسڪ پاڻي هو، پر ان کانپوءِ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۽ ان کان هيٺ پاڻيءَ جو مقدار اڃان به گهٽ ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪچي ۾ رهندڙ 35 لک ماڻهن ۽ انهن جي زمينن ۽ فصلن کي ڪو خاطر خواهه فائدو نه رسيو آهي.

سنڌ جي ٻيلي کاتي طرفان ”درياهي ٻيلن“ جي واڌ لاءِ 2004ع ۾ ”ايگروفاريسٽ ليز پاليسي“ متعارف ڪرائي وئي، جنهن تحت ڪچي جي هزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏني وئي ۽ ان تحت هزارين ماڻهن ان مان فائدو وٺي وڏي مقدار ۾ زمين ليز تي حاصل ڪئي ۽ ان سان سنڌوءَ جي ڪچي جي آباديءَ ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو. انهن ليز حاصل ڪندڙن ۾ اڪثريت اثر رسوخ ۽ سياسي طور تي مضبوط ماڻهن جي هئي، جن زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور تي وٺڻ جي وڏي پئماني تي ڪٽائي شروع ڪئي، ٻيلا تيزيءَ سان ختم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ سنڌ جي ڪچي جي صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ سنڌ جو آبپاشي ۽ ٻيلن وارو کاتو ته رڳو سنڌ جا ٻيلا بچائي نه سگهيو پر ڪچي ۾ زرعي زمينن جي پوک، ”زمينداري بندن“ جي غير قانوني اڏاوت ۽ ڪيٽين جي قيام، سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سولائي سان گذرڻ ۾ رڪاوٽن جي ڪري بندن تي شديد دٻاءُ پيا ۽ ان جي ڪري سنڌوءَ جا اڳئي ڪمزور بند ٽٽي پيا ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ جي لکين ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

درياهه سنڌ، صوبي جي 14 ضلعن مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، انهن ضلعن ۾ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه، خيرپور، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊومحمدخان، نوشهروفيروز، سکر ۽ ٺٽو شامل آهن.

محڪمي روينيو جي انگن اکرن مطابق هن وقت ڪچي جي 17 لک 86 هزار 16 سؤ ايڪڙ زمين مختلف سردارن، پيرن، سياسي شخصيتن ۽ ڏاڍن مڙسن جي زير استعمال آهي، جن ٻيلن کي ڪٽي وڻن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُهو وڻن جو ڪاٺ ڪٽي. ٽرڪن، ٽريالين جي ذريعي ٻاهر پڪي ته وڪڻي وڏو ناڻو ڪمائيندا رهيا آهن.

ان کانسواءِ ٻيلي کاتي جي 10 هزار هيڪٽر زمين (24710 ايڪڙ) روينيو کاتي وارن مختلف ماڻهن کي ليز تي ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪچي وارو علائقو ”بااثر مافيه“ جي قبضي جي هيٺ اچي چڪو آهي، جن طرفان زرعي زمينن جي آباد ڪرڻ جي ڪري درياهه جي فطري وهڪري ۾ وڏي پئماني تي رڪاوٽون اچي ويون آهن.

ڪچي ۾ وڌندڙ آبادي، مقامي ماڻهن ۾ سماجي مسئلن ۾ واڌ آئي آهي. ڏوهاري ڪاررواين ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. ٻيلي کاتي جو وقت به وقت ٺهندڙ پاليسيون ۽ وڌيڪ وڻن پوکڻ جون سڀئي ڪوششون بريءَ طرح ناڪام ويون آهن. هن وقت تائين ٻيلي کاتي طرفان 1962ع، 1975ع، 1980ع جون پاليسيون ٺاهيون ويون آهن، ان کانسواءِ 1991ع جي ليز پاليسي پڻ ڪابه بهتري آڻڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، تنهن ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته درياهه سنڌ جي انهي پاڻيءَ جي گذرگاهه کي بنا رڪاوٽ وارو بنائڻ لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کنيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *