يوم مادر وطن تي ڏٺل خواب ساڀيان ڏانهن وڌڻ لڳو؛وڪي کوسو

دنيا ۾ مختلف ڏينهن جي مختلف اهميت آهي، مختلف ڏينهن مختلف شين سان منسوب ڪيا ويا آهن، ڪنهن ڏينهن کي ماءُ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ٿو وڃي ته وري ڪو ڏينهن محبت جي نالي( محبت جو عالمي ڏينهن) ۽ ڪنهن ڏينهن کي وري عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ سان گڏوگڏ عورت جي حقن ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪوٺايا ويندا آهن، اهڙي ريت مختلف ڏينهن مختلف شين کي ارپيا  ويا آهن. 21 مارچ اهو ڏينهن جيڪو موسم جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو 21 مارچ کان پوءِ راتيون ننڍيون ۽ ڏينهن وڏا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، ائين کڻي چئجي ته 21 مارچ تي روشني اونڌاهه کي  شڪست ڏيندي آهي، هي ڏينهن روشني جي فتح جي علامت آهي هي ڏينهن (21 مارچ) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف اندازن سان ملهايو وڃي ٿو،  فارس جا ماڻهو هن ڏينهن کي نئين سال جو پهريون ڏينهن ڪري ملهائين ٿا ۽ انهن جو ڪلينڊر سال به هن ڏينهن کان شروع ٿئي ٿو، هو هن ڏينهن کي وڏي اهميت ۽ مقدس ڪري ملهائين ٿا، هن ڏينهن تي خاص دعائون ڪن ٿا ۽ پنهنجي روايتي انداز سان ملهائين ٿا. جڏهن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جا 24 سال اڳ  ظلم عروج تي هئا،

اڄ ڀل گهڻن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو هجي، پر اسان کي اهي ظلم نه وسرايا آهن،ها اسان کي سنڌي ٻولي کي قولي جو درجو ڏيارڻ واري جي مخالفت ۾ سنڌ جي ڪونڌرن جو قتل نه وسريو،اسان کي ڪراچي ۾ ماريل سنڌين جا لاش ڳوٺن ڏانهن موڪلڻ به نه وسريو ،ڪراچي ۾ اسان جي نوجوان جو قتل به رڳو ان لاءِ نه  وسريو ته اهي لطيف جي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا۽ انهن کي ان لاءِ قتل ڪيو ويو هو ته سندن مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي،ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نياڻين سان ٿيل تشدد جنهن ۾سندن ڇاتين ۾ زخم ڪري ايم ڪيو ايم جون مهرون هنيون ويون،اهو به نه  وسريو هو،ڪراچي ۽ حيدرآباد مان سنڌي خاندانن کي پنهنجن اباڻن ڪکن مان فلسطينن جيان بيدخل ڪرڻ به ورسيو هو ۽جڏهن ظلم جي انتها ٿي وئي ته 21 مارچ 1991ع ۾ سنڌ جي ڪجهه ترقي پسند ۽ قومپرست دوستن گڏجي هن ظلم جي اونڌاهي کي  شڪست ڏيڻ واري ڏينهن (21 مارچ) کي ڌرتيءَ سان ارپي ڇڏيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هي ڏينهن يوم مادر وطن ڪري ملهائڻ جو سلسلو جاري رکيو، يوم مادر وطن جي معنى ڌرتيءَ ماءُ جو ڏينهن، هي روايت انهن ڏينهن جي پيل آهي، جڏهن سالگرهه ورسي ۽ فيسٽيول ملهايا ويندا هئا، جڏهن ته هاڻي ثقافتي ڏينهن به ملهايو ٿو وڃي، پر جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي هي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت اهڙي ڪابه روايت موجود نه هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌين کي سندن ئي شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڳولي ڳولي ٿي ماريو ويو ته انهن ڏينهن ۾ 21 مارچ تي سنڌ جي هڏڏوکين گڏجي مادر وطن جي ڏينهن اهو وچن ڪيو ته پنهنجي شهرن جي مالڪي ڪبي، اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي،

ها هي اهي ڏينهن هئا جو اڄ ڪو به ماڻهو ايم ڪيو ايم لاءِ ائين نه ڳالهائيندو هو، جيئن اڄ ڳالهائين ٿا،اڄ اهي ايم ڪيو ايم جي خلاف آرٽيڪل به لکن ٿا ۽ ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد به ڪوٺين ۽22 مئي واقعي سوڌو سمورن واقعن جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي سمجهن ٿا پر تاريخ شاهد ته انهن نه رڳو ايم ڪيو ايم سان ياريون ملهايون پر آڌي رات جو انهن سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي ورهاڱي خلاف ڏنل هڙتال جو سڏ به ان وقت واپس ورتو،اهو به جڏهن سنڌ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ هڙتال جي صورت ۾سنڌ  دشمنن کي جواب ڏيڻ واري هئي،ڪيترن ئي ته انهن جي اسٽيج تي چڙهي ايم ڪيو ايم کي سنڌ دوست سڏيو،ڪنهن ته مفاهمت جي نالي منافقت جا اهڙا تار جوڙيا جو اڄ جڏهن ايم ڪيو ايم جو صولت مرزا ۽ ٻيا ماڻگهو اهو چئي ته ايم ڪيو ايم اسان کي استعمال ڪري ٽشو جيان اڇلائي ڏيو،مفاهمت جو چئمپين اهو پيو چوي ته اسان ايم ڪيو ايم کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڪجهه ماڻهو (لساني سوچ رکندڙ) اسان جي شهرن جي مالڪي جي به دعوى ڪري رهيا آهن ۽ اهي جڏهن” همارا تمهارا ۽ ون ٽو جون ڳالهيون ڪري رهياهئا  هڪ طرف اهڙيون دعوائون ٿي رهيون هيون  ته وري ٻئي پاسي ڌرتيءَ  جا وڏا دانشور ۽ قومپرست انهن ماڻهن  کي سڄڻ سڏي رهيا آهن، سنڌ جي ترقي پسند ۽ دوستن ۽ انهن جي اڳواڻ ايم ڪيو ايم کي هميشه دهشتگرد ڪوٺيو،

انکاسواءِ رياست کان اهو به مطالبو ڪندي رهي ته نائين زيرو دهشتگردن جو مرڪز آهي،ان خلاف ڪارروائي ڪريو،پر اسان جي مطالبي تي ڌيان نه ڏنو ويو پر ابتڙ اسان کي تعصب پرست ڪوٺيو ويو پر اسان ته اردو ڳالهائيندڙ کي به اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جو ڪنهن سان به جهيڙو نه آهي ۽ ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙ جي سڄڻ ناهي،اسان 21 مارچ 1991ع تي  ايم ڪيو ايم کان سنڌ کي پاڪ ڪرائڻ جو جيڪو خواب ڏو شايد اڄ ساڀيان ٿيڻ وڃي رهيو آهي،هاڻي رياستي ادارا اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز تان هٿيار مليا آهن. هي مسئلا ڪي هن وقت جا ناهن پر هي ويدن اسان سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان آهي، پر ان باوجود اسان جو معاشرو ۽ ماڻهو مختلف  سالگرهون، ورسيون، پارٽين جا يوم تاسيس ۽ عالمي ڏينهن ته ملهائي رهيا آهن پر انهي معاشري ۾ يوم مادر وطن جو ڏينهن ملهائڻ جي روايت جنهن ڏينهن کان شروع ٿي، ان ڏينهن کان وڌيڪ  اڄ ڌرتيءَ لاءِ خطرا موجود آهن، سنڌ جيڪا امن، محبت، روداري ۽ ڀائيچاري جو ديس رهي آهي، ان ديس تي هاڻي انتها پسندي جا ڪڪر چائنجي رهيا آهن، ان جو تازو مثال شڪارپور ڌماڪو آهي . هن ڏينهن کي يوم مادر وطن ڪري ملهائڻ وارا ان اميد تي اهو ڏينهن ملهائين ٿا ته آخر هڪ ڏينهن 21 مارچ اهڙو به ايندو، جنهن ڏينهن سنڌ مان اونڌاهي جي رات جو خاتمو ايندو ڌرتي تي هڪ روشن صبح جو نه کٽندڙ آغاز ٿيندو، جنهن کانپوءِ سنڌ پنهنجي گئس، پئٽرول، ڪوئلي سوڌو ٻين معدني وسيلن ۽ شهرن جا مالڪ بڻبا ۽ سنڌ جو درياءُ  ۽ بندرگاهه سنڌين جي مالڪي هيٺ هوندو ۽ وري ڪڏهن به ٿر جا ماڻهو، سندن ٻار ۽ جانور ائين بک ۽ اڄ کان شڪست نه کائيندا،

ان ڏينهن سنڌ جي اقتدار ۽ ايوان ۾ سنڌ جي پٽڪي ۽  ٽوپي جو راڄ قائم ٿيندو ۽ ڌرتيءَ تان اقتدار  جي ڏڪار جو خاتمو ٿيندو، ڪابه مارئي عمر جي قيد ۾ نه هوندي، لطيف جي ڌرتيءَ  تان انتهاپسندي جو خاتمو ايندو ۽ ڌرتيءَ  جي امن، خوشحالي ۽ آجپي جو روشن سفر شروع ٿيندو، اڄ به هزارين   ماڻهو حيدرآباد ۾ گڏ ٿي ڌرتيءَ سان پنهنجو وچن ورجائيندا، فاراس جي ماڻهن جيان سنڌ ۾ ظلم، ڏاڍ، انتها پسندي دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو اونڌاهو سج لهندو ۽ امن جو نئون سال شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *