يوم دفاع پاڪستان……دفاع جي هڪ بي مثال تاريخ : جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو

اڄ ملڪي حالات ڏسي هر محب وطن پاڪستاني جي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ڇو ته ڪجهه ملڪي ته ڪجهه غير ملڪي دشمن قووتون پاڪستان جون پاڙون کوکليون ڪرڻ گهرن ٿا جيڪا اسان لاءِ انتهائي فڪر مند لمحو آهي، اڄ جي اهڙي مشڪل وقت ۾ اسانجي پاڪ فوج ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ هر وقت ميدان عمل ۾ آهي ۽ دشمنن جا سڀ ڪڌا اراده مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، هن وقت اسان کي وري 1965ع واري جنگ جهڙي قومي جذبي جي اشد ضرورت آهي، اڄ جو ڏينهن اسان جي ٻڌي ۽ ايڪي جو هڪ وڏو مثال آهي هن ڏينهن پنهجي سيني اندر هڪ وڏي تاريخ سانڍي رکي آهي جنهن تي ڪجهه روشني وجهڻ گُهران ٿو.

اڄ پاڪستان ۾ دفاع جو ڏينهن روايتي جوش،قومي جذبي ۽ حب الوطني جي چاه سان ملهايو پيو وڃي. اڄ جو ڏينهن هر محب وطن پاڪستاني لاءِ نوان، نوان جذبا اڀاري ٿو ۽ پنهجي وطن ۽ ديس تي سِر ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿو، سنه 1965ع ۾ اڄ جي ڏينهن ۾ هندستان بنا ڪنهن جواز ۽ بنا ڪنهن سبب جي اسان جي پياري ملڪ تي حمله آور ٿيو ۽ اها اڳڀرائي بين الاقوامي قانون ،معاهدن ۽ اصولن جي سرا سر ڀڃڪڙي هئي جيڪا هڪ وڏي دشمني ۽ ساڙ تي مبني هئي ۽ هندستان جي انهي جارهيت کي ڪشمير جي مسئلي طور پيش ڪيو ويو، هن جنگ ۾ پاڪ فوج هندستاني فوجين کي رڪ جا چڻا چٻرائي ڇڏيا، سڄي قوم سندن بهادري تي اڄ به انتهائي گهڻو فخر ڪري ٿي. پاڪستان جي هٿيار بند فوج هندستان جي ان اڳرائي جو جيڪو منه توڙ جواب ڏنو ۽ پاڪستاني فوج جي جوانن جنهن حوصله ۽ عجاعت سان پاڪستان ۾ گهڙي ايندڙ هندستاني فوجين جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي دشمن جون واين بتال ٿي ويون، ۽ پاڪ فوج جي جوانن ملڪ ۽ قوم جو دفاع ڪندي شهادت جو جام پيتو انهي بابت ناقابل فراموش واقعا پاڪستان جي تاريخ جا سونهري باب بڻجي ويا آهن، انهن جي مطالعي سان پاڪستاني قوم ۽ قوم جي نئي نسل کي پاڪستان جي ديرينه دشمنن جي ناپاڪ ارادن ۽ سازشن جو پتو پوندو ته اصل ۾ پاڪستان دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊي جو مثال آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان الحمد الله دنيا اسلام جي قيادت ڪرڻ جي توفيق ۽ طاقت رکي ٿو ۽ اها ڳالهه پاڪستان، اسلام ۽ مسلمانن جي دشمنن کي پسند نه آهي،

اهي يا ته پاڪستان کي ڪمزور ڏسڻ جا خواهشمند آهن يا پاڪستان کي ٽڪرا،ٽڪرا ڪري ختم ڪرڻ کي پنهجو فرض سمجهن ٿا، اهي سبب آهي جو پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين هندستان پاڪستان تي ٽي دفعا حمله آور ٿيو آهي ، انهن ٽن جنگين ۾ سن 1965 جي جنگ کي تمام گهڻي فوقيت حاصل رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي هٿيار بند فوج ۽ پاڪستان جي قوم جي متحد طاقت بڻجي هندستان جا گوڏا کوڙايا ۽ هندستان کي ٺاهه لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.جنهن ٺاهه جي مطابق پاڪستان جي جي بهادر فوجين هندستان ۾ داخل ٿي هندستان جي جن علائقن تي قبضو ڪيو هئو، اهي واپس هندستان جي حوالي ڪيا هئا، پاڪستان جي انهي بي مثال ڪاميابي کي هر سال اسين پاڪ فوج سان گڏجي ملڪ عزيز جي دفاع جي عزم ۽ قومي جذبي سان ملهائيندا آهيون. اسين هن دفاع جي ڏينهن تي عهد ڪريون ۽ اهو حلف کڻو ته اسين اسلام جي روشني ۽ اسلام جي بنيادي اصولن ۽ عقيدن موجب حقدار ڀائرن کي سندن حق وٺي ڏينداسين، هنن کي اسلامي عدل ۽ انصاف تحت حق وٺرائي ڏينداسين ۽ مسلمان توڙي غير مسلمان سان برابري واري اسلامي انساني اصولن تي عمل ڪنداسين ۽ اڄ اسان پنهنجي ان عزم کي ورجايون ٿا ته اسان سيپٽمبر جي جنگ جي جذبي جي روح کي برقرار رکنداسين ۽ ملڪي سلامتي ۽ سالميت جي تحفظ لاءِ ان طرف کڄندڙ ميري اک ڪڍي ڇڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *