يمن مسئلي تي پاڪستان جو يوٽرن : بادل ملاح

يمن ۾ جنگ اڃا بند ناهي ٿي، سعودي عرب اڃا به پاڪستان کان گهُريل دفاعي مدد جو منتظر آهي، اها ڳالهه واضح آهي ته جيئن ئي سعودي عرب ۾ بادشاهي جي تخت تي تبديل آئي ته ان کان ترت ئي پوءِ يمن جي مسئلي ڪَرُ کنيو، سعودي عرب پاران پاڪستان کي فوج گهرڻ کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي ان حوالي سان قرارداد پاس ڪئي وئي، مطلب ته حڪمران اهو ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن سعودي عرب جي پارلياماني راءِ کانسواءِ مدد ڪئي وئي ته ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي وينديون، اتي اهو سوال به اڀري ٿو ته ڇا يمن سانحو پاڪستان ۽ ڪراچي سميت سندس ٻين شهرن تي ڪي منفي اثر ڇڏيندو؟ جيڪڏهن اثر ڇڏيندو ته ڪنهن ۽ ڪهڙي حد تائين ڇڏيندو؟ جيڪڏهن پاڪستاني حڪمرانن ۽سياستدانن جي بيانن ۽ حالتن کي سامهون رکنداسين ته اهو اندازو ٿيندو ته يمن سانحي جي اثرن بجاءِ مقامي 7 قومي حالتون وڌيڪ اهميت اختيار ڪنديون وڃن پيون. اهي ڪيئن؟ سنڌ جي وزير منظور حسين وساڻ ڀٽو جي گادي ۽ ان جي بااختيار گادي نشين جو ويجھي ۾ ويجھو ساٿي آهي، هن 2 اپريل تي چيو هو ته هي هڪ مهينو تمام اهم ۽ ڪافي آهي، هن اهم مهيني ۾ ڪي ماڻهو جيل ويندا ته ڪي وري ملڪ کان ئي ٻاهر هليا ويندا، ڪن ماڻهن مان هن جي مراد عام ماڻهو نه بلڪه خاص ماڻهو هئا، سوال اهو آهي ته اهي خاص ماڻهو ڪهڙا آهن؟

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف 28 مارچ تي پنهنجي فوجي جوانن کي خطاب ڪندي چيو هو ته ”هڪ مضبوط قوم جي لاءِ جسماني، ذهني ۽ سماجي صحت تمام گھڻي ضرروري آهي،“ هاڻي اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جن جي ذهني صحت قوم کي مضبوط بڻائڻ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيل آهن؟ ۽ سماجي صحت به سڀ کان وڌيڪ خراب آهي، پر اها ڇو خراب آهي؟ ڇا جنرل راحيل شريف پنهنجي فوجي جوانن کي، انهيءَ سماجي خرابيءَ جي اصلاح ۽ ضرورت ته نه ٻڌائي رهيو هو؟ انهيءَ ئي خطاب ۾ هن اهو به ٻڌايو هو ته دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آخري حد تائين به وڃڻو پيو ته وينداسين. انهيءَ ڏينهن ماڊل ايان علي ڪسٽم عدالت ۾ اهو بيان ڏنو هو ته لکين ڊالرز، جيڪي هوءَ ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃي رهي هئي، اها هن جي پنهنجي آهي، پر ڪسٽم انٽيليجنس اها رپورٽ ڏني هئي ته هڪ سال جي مدي ۾ ايان علي نه ئي ڪا ملڪيت وڪرو ڪئي آهي ۽ نه ئي وري هن ڪو ٽئڪس ادا ڪيو آهي، هوءَ 41 ڀيرا ملڪ کان ٻاهر وڃي چڪي آهي. هوءَ ڪهڙي مشن تي پاڪستان کان ٻاهر ويئي آهي؟ ڪنهن جي خدمت سان هن وٽ ايتري ڪروڙن جي رقم آئي؟ ان حوالي سان تفصيل ڪسٽم وارن ۽ ٻين ادارن جمع ڪرائي ورتا آهن، اوهان اهو به پڙهي چڪا هوندئو ته سنڌ حڪومت درخواست ڪئي هئي ته ايان علي جي ميزباني جو شرف ان کي بخشيو وڃي.

پهرين اپريل تي اهو به پتو پيو ته اڳوڻي صدر جو هڪڙو تمام مک ساٿي اهم ادارن کي اهم ترين معلومات ڏيندو ڦرندو رهي ٿو.   اهو پنهنجي لاءِ ميڙون منٿون ڪري رهيو آهي، پر انهن مان هن جي ڪنهن به ميڙ منٿ تي ڌيان ناهي ڏنو. پهرين اپريل تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪراچي واري بلاول هائوس جي روڊن ۽ قبضي هيٺ آيل ملڪيتن مٿاڻ تعمير ڪيل ڀتيون وڏي مشينري جي ذريعي ٽوڙيون ويون ۽ ستن سالن کان بعد بلاول هائوس جي اڳيان بيريئرز ۽ رنڊڪون هٽايون ويون آهن. اها ڳري مشينري ڪنهن آندي هئي؟  چيو ته اهو ويو هو ته بلديا عظمي ڪراچي جو عملو مشينري کڻي آيو هو. بلديا عملي جي ايڏي جرئت؟ 14 مارچ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي قائم ۽ دائم وڏي وزير کي گھرائي پڇيو هو ته بلديا عظمي جون حد دخليون هٽائڻ واري مشينري مٿان ڪنهن قبضو ڪري ڇڏيو هو ۽ شاهه جي ٻڌائڻ کان پوءِ خبر هلائي ويئي هئي؟ آصف علي زرداريءَ قائم علي شاهه کي گھرائي هدايت ڪئي هئي ته بلاول هائوس جي اڳيان رنڊڪون هٽايون وڃن، ستن سالن بعد هن کي پنهنجي محل جي چوگرد رنڊڪن جو علم پيو هو؟ ايترو باخبر ۽ سڀني تي ڀاري آصف علي زرداري؟ رحمان ملڪ 29 مارچ تي آصف علي زرداري جن جو هڪڙو بيان پريس ڪانفرنس ۾ پڙهي ٻڌايو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي ۽ يمن ۾ باغين جي خلاف سعودي آپريشن جي مڪمل طور تي حمايت ڪري ٿي. پهرين اپريل تي پنهنجي ئي گھرايل مخالف ڌر جي اجلاس بعد هن يمن مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو هو ته ڪنهن هڪ فرد کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي. ڇو نه آهي ڪنهن فرد واحد يعني وزير اعظم نواز شريف کي سعودي عرب فوج موڪلڻ جو اختيار مليل آهي، ڇو ته هن جي فيصلي سان آصف علي زرداري کي ڪو به ڪريڊٽ نه ملندو. اصل ۾ يمن جي بحران جي معاملي ۾ آصف علي زرداريءَ جيڪو يو ٽرن ورتو آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪريڊٽ ملڻ ئي آهي. ڇو ته آصف علي زرداري جن بذات خود اهو ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. سڀني کي خبر آهي ته دبئي ۾ هن جي به ملڪيت آهي، اتي هن جو به ڪاروبار هلندڙ آهي، اسفنديار ولي ۽ ان جي ڀاڻج جو به ۽ ايان علي اڪثر قطر ۽ دبئي به ويندي رهي آهي. يمن معاملي ۾ سمورا عرب ملڪ ۽ رياستون متحد آهن، پوءِ ڇا ٿو ڪري سگھي ڪو به پاڪستاني سياستدان ۽ حڪمران، عرب ملڪن ۽ رياستن کي ناراض نٿو ڪري سگهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به انهن رياستن پنهنجي خدمت، جذبو ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري. جيڪا سڀني جي ڪاروباري مجبوري آهي. صدر مملڪت انهيءَ معاملي ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرايو، يمن ۾ جنگ جاري آهي، اتان جي حوثي آبادي ۽ صدر هادي جي وچ ۾ ۽ ٻئي فريق عرب آهن. ايران حوثي باغين جي حمايت ۾ چيلهه ڇڪي ٻڌي ڇڏي آهي ۽ ايٽمي جهيڙي تي ايران جو آمريڪا سان مفاهمتي معاهدو ٿي چڪو آهي، ايراني صدر انهيءَ معاهدي کي ٽي اپريل تي قومي يادگار قرار ڏنو هو. انهيءَ ڏانهن وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ترڪي جي دوري ويل هو ۽ اتي يمن معاملي تي ترڪي حڪمرانن کان مشورا وٺي رهيو هو، ته هن جھيڙي کي ڪيئن ٿڌو ڪيو وڃي، ترڪي ۽ پاڪستان عرب ليگ جا رڪن ناهن ۽ عرب ليگ ۾ شامل اڪثر عرب ملڪ حوثي باغين جي خلاف متحد ٿي چڪا آهن، نواز شريف انهيءَ اتحاد جي حوالي سان سعودي عرب جي سالميت جي تحفظ جي لاءِ فوج موڪلڻ جو اعلان ته ڪري سگھي ٿو، پر اڪيلي سر ڪو به ڪجھ به ڪري نه ٿو سگھي، انهيءَ حوالي سان هن جو ترڪي وڃڻ ئي مناسب قدم هو، پر ان جا اثر ڪهڙا نڪرندا؟

ڇا ترڪي ۽ پاڪستان ايران کي مفاهمتي منصوبي ۾ شامل ڪري سگھندا؟ ظاهري طور تي ته تمام گھڻو مشڪل ۽ ڏکيو آهي، پاڪستان ۽ ڪراچي مٿان يمن سانحي جا ڪي منفي اثر يا مثبت اثرن جو دارومدار انهيءَ فيصلي تي آهي ۽ پاڪستان جي اندروني استحڪام ۽ فوجي قيادت جي عزم ۽ ارادن تي به آهي. جيڪو ملڪ ۽ قوم جي مضبوطيءَ جي لاءِ جسماني، ذهني ء۽ سماجي صحت کي ضروري قرار ڏيڻ لڳي آهي، اها ڪراچي ۾ امن لاءِ پرعزم آهي، جيل ۾ ڪير ڪير ويندو؟ ۽ ٻاهر ڪير ڪير رهندو؟ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اهو اچي پيو ته وارو سڀني جو ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *