يمن جنگ پاڪستان لاءِ عقل جو سبق ؛عاجز جمالي

يمن ۽ سعودي عرب وچ ۾ هلندڙ فضائي جنگ نيٺ زميني جنگ جو رُخ اختيار ڪندي ۽ هن جنگ ۾ ايران جي مداخلت سان گڏ روس، چين، امريڪا ۽ برطانيا جي به اڻ سڌي مداخلت جاري آهي. اسان جو پيارو پاڪستان به هن جنگ ۾ ڪاهي پوڻ لاءِ ٽپا ڏيئي رهيو آهي. اسان جون مذهبي جماعتون خاص ڪري جهادي عنصر ته بغل وڄائي سعودي عرب جي باهه ۾ گهڙي پوڻ لاءِ تيار آهي، هي اهو عنصر آهي جيڪو مذهب جي نالي تي سڄي دنيا جي جنگ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي هتان جا مظلوم ماڻهو مارائي مذهب جي نالي تي هميشه مال ڪمائيندو آهي.

هنن همراهن اهو ڌنڌو جنرل ضياءَ جي زماني ۾ سکي ورتو هو. پاڪستان ۾ گهڻا تڻا جهادي مذهبي گروپ ان دور ۾ ئي پروان چڙهيا. تڏهن کان وٺي اڄ تائين اهي گروپ ارب پتي بڻجي ويا. انهن سرعام سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن کان پئسا ورتا ۽ اڄ تائين وٺي رهيا آهن.

ڪجهه جهادي گروپن ڀارت سان جنگ جي نالي تي ته ڪجهه افغانستان ۾ روس سان جنگ جي نالي ۾ پنهنجا پنهنجا دُڪان کوليا. سندن ڪاروبار هلي پيو. هاڻي اهي سڀ اسان جي مُلڪ ۾ مذهب جا ٺيڪيدار بڻجي ويا، حڪومتن ۽ اسٽبلشمينٽ جو حصو بڻجي ويا. اسيمبلين ۽ پارليامينٽ تائين پهچي ويا. عالمي سطح تي حيثيت حاصل ڪري ويا، اُهي ملڪي سطح جي فيصلن تي سڌيءَ ريت هاڻي اثر انداز ٿيندا آهن.

يمن ۽ سعودي عرب وچ ۾ شروع ٿيل جنگ جو هڪ تاريخي پسمنظر به آهي ته امريڪا جا ڳجها مفاد به آهن. ساڳي ريت ايران جو ڪنهن حد تائين مفاد آهي، ڇو ته يمن ۾ جن باغين خلاف حملا ڪيا وڃن پيا، اُهي شيعا آهن. ايران سڄي دنيا ۾ شيعن جي حمايت ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت شام ۽ لبنان به شيعا باغين جي حمايت ڪري ٿو، پر ڏٺو وڃي ته هي اصل ۾ يمن جي اندروني جنگ آهي. ان ۾ سعودي بيجا مداخلت ڪري سڄي اسلامي دنيا کي ان جنگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

ڇو ته سعودي عرب کي هميشه يمن جي شيعا باغين کان خوف رهيو آهي ۽ ايران کان ته سعودي کي هميشه خوف آهي. سعودي عرب ۾ هڪ خاندان جي بادشاهت آهي، شاهي خاندان ۾ اندريان اختلاف به موجود آهن، جيڪي دٻيل آهن. امريڪا، شاهي خاندان جي اندرين اختلافن کي ماضي ۾ پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. اڳوڻي بادشاهه شاهه فيصل جو سندس ڀائٽي جي هٿان قتل امريڪي رٿابندي تحت ٿيو هو. ڇو ته شاهه فيصل جي قيادت ۾ ان وقت هڪ مضبوط اسلامي بلاڪ ٺهي رهيو هو. ان زماني ۾ اڃا يورپ هڪ ڪونه ٿيو هو. هڪ طرف سوويت يونين جو زور هو، جنهن کان امريڪا خوفزده هو ته ٻئي طرف اسلامي بلاڪ ٺهي رهيو هو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو، شاهه فيصل، ڪرنل قذافي، ياسر عرفات، شاهه حسين، حافظ الاسد پيش پيش هُئا.

ٿورو تاريخ جو جائزو وٺو ته انهن سڀني کي هڪ هڪ ڪري امريڪا مارائي ڇڏيو ۽ اُن سان گڏ انهن سڀني مُلڪن جي زوال جو سفر شروع ٿيو. ۽ اُهي سڀ مُلڪ يا ته امريڪا جا غلام بڻجي ويا يا امريڪا انهن کي تباهه ڪرائي ڇڏيو. اڄ لبيا، شام، مصر، فلسطين جي جيڪا حالت آهي، اها سڀني جي سامهون آهي. حيرت جي ڳالهه اها ته انهن ملڪن لاءِ ڪڏهن به پاڪستان جي مذهب پرست جهادين جي مذهبي غيرت ڪونه جاڳي جو اهي فلسطين ۾ وڃي اسرائيل خلاف وڙهن يا امريڪا جي خلاف وڙهن، ساڳي حالت پاڪستان جي سرڪار ۽ اسٽبلشمينٽ جي آهي.

يمن جي جنگ ۾ ٽي چار ڳالهيون سمجهڻيون پونديون. هڪ ته جيڪي حوثي باغي آهن انهن جو يمن جي چاليهه سيڪڙو حصي تي وڏي عرصي تائين اقتدار رهيو آهي. انهن جي آبادي به لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو آهي. اهي يمن جا قديمي قبائلي آهن. هي ڪي ٻاهران آيل ناهن، نه ڪي حملي آور آهن. حوثي قبيلو ائين ئي آهي، جيئن پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي يا بلوچ هجن، جن جي هزارين سالن جي تاريخ هجي.

يمن جا ٻه حصا هئا، جيڪي شايد 1992 ۾ گڏجي هڪ ٿيا. ان انضمام تي سعودي عرب ۽ امريڪا ان وقت به راضي ڪونه هُئا پر يمن جي سياسي قيادت هڪ ٿي گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. يمن جون سعودي عرب سان ملندڙ سرحدون هميشه سعودي لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائينديون رهيون آهن.

حوثي باغين جو چوڻ آهي ته يمن جي سرڪار سعودي عرب جي ايجنٽ بڻيل آهي، سعودي ۽ امريڪا جي اشاري تي هلندڙ سرڪار کي برداشت نه ڪبو. بلڪل ائين جيئن بلوچستان ۾ عسڪريت پسند وڙهي رهيا هجن ۽ پاڪستان سرڪار دنيا جي مُلڪن کي چوي ته اسان جي مدد ڪريو. اهوئي ته سعودي عرب ڪيو. پر سعودي عرب جي اسلامي ملڪن اڳيان هڪ الڳ حيثيت آهي. هو دنيا جو هڪ منفرد اسلامي ملڪ آهي، جتي سڄي دنيا جا مسلمان حج ڪرڻ ويندا آهن، جتي ڪعبتہ الله کي ڪو به خطرو ناهي. ايران ۽ يمن ٻئي اسلامي ملڪ آهن، البته امريڪا ڪا به سازش ڪري سگهي ٿو. جهڙيءَ ريت داعش جهڙيون تنظيمون وجود ۾ آيون آهن، جيڪا مذهبي عبادت گاهن کي نشانو بڻائي ٿي. سعودي عرب کي به داعش کان خطرو ٿي سگهي ٿو پر في الحال اهڙي صورتحال به نظر ڪانه پئي اچي.

سعودي عرب هن وقت جيڪا بمباري ڪري رهيو آهي، اُن ۾ عام شهري ۽ معصوم ٻار به مري رهيا آهن. ان جو ردعمل خطرناڪ به هوندو، اُن ڪري هن جنگ کي ڊيگهه ڏيڻ بدران، جلد کان جلد خاتمي طرف وٺي وڃڻ ئي اسلامي مُلڪن لاءِ بهتر حل آهي. ڇو ته عالمي قوتون هن جنگ کي وڌائڻ چاهين ٿيون. هن جنگ جو ٻيو پهلو پاڪستان جي سعودي عرب سان دوستي يا يمن ۾ مداخلت جو سوال آهي. پاڪستان لاءِ هي سوال ئي عقل جو سوال آهي. پاڪستان جڏهن به دنيا جي ٻين مُلڪن ۾ مداخلت ڪئي، اُن جا خطرناڪ نتيجا نڪتا آهن. پاڪستاني فوج جي يمن ۾ مداخلت ڇو ٺيڪ ناهي؟ اُن جو جائزو ايندڙ مضمون ۾ وٺنداسين.

(هلندڙ)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *