يمن جنگ سعودي دهليز پار ڪري ورتي…..!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

يمن جنگ حوثين باغين جي بغاوت سعودي جي لاءِ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي آهي.جڏهن ته ايران سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندي خاموش ۽ ماٺ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته حوثين پاران سعودي عرب جي علائقي نجران تي ميزائن سان حملو ڪيو جنهن سان ڪيتريون بي گناهه زندگيون موت جو کاج بڻجي ويون،جڏهن ته پاڪستان جي پارليمنٽ جي منظور شده قرارداد جو هڪ جائزو وٺنداسين جنهن ۾ چيو ويو آهي جيڪڏهن سعودي تي ڪنهن ملڪ کان  جنگي خطرو آهي ته انهي ڏس ۾ پاڪستان سعودي عرب جي ڀرپور مالي توڙي عڪسري مدد ڪندو انهي ڪري هن وقت حوثين باغين پاران سعودي عرب جي علائقي نجران تي جيڪو ميزائن سان حملو ڪيو آهي انهي حملي ڪري پاڪستان کي سعودي عرب جي مدد ڪرڻ گهرجي پر افسوس آهي ته پاڪستان اندر اهڙي ڪا چرپر ڏسڻ ۾ نه پئي اچي هن وقت پوري دنيا جي مسلمان ملڪن جي مالي بحران جو جائزو وٺنداسين ته گهڻي ڀاڱي انهي مالي بحران جي ڊوڙ ۾ انهي مالي بحران جي رستن تي پيرن جا نشان ايران جا ئي نظر اچي رهيا آهن ايران هڪ طرف مغرب ملڪن سان تعلق بهتر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي ٻئي طرف سندس عرب ملڪن سان تفادن تمام گهڻي حد تائين خراب ٿي رهيا آهن اهڙا اثرات عرب ملڪن ۾سعودي عرب،عراق،يمن خليج بحرين،۽ لبنان ۾ واضع ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن انهن ملڪن سان ايران جو سياستي سرگرميون تيل ۽ هٿيارن ۽ مذهبي رويو بهتر نه هجڻ ڪري پوري خطي ۾ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن.

ايران جو عرب دنيا سان ڪشيدگيون پراڻيون آهن جنهن جي اڪثريت وجهه ايران جي حڪمراني پاليسن جي آهي ايران پنهنجي پاليسن سان جيڪو انقلاب آڻڻ ٿو چاهي اهڙي ڪوشش ايران پاڪستان سان به ڪئي هئي جنهن تحت پاڪستان اندر هڪ جنوني فريقه واريت جنگ شروع ٿي هئي ۽ ڪيترا سال پاڪستان انهي فرفيه واريت جنگ جي دندل ۾ ڦاسي پيو  هو ۽ جنهن ڪري پاڪستان ڪيترن ئي مسلئن کي منهن ڏنو ايران پاڪستان اندر هڪ گروپن جي مدد وٺي ڪري فرقيه واريت جنگ ڪرائي پر انهي پروگينڊا مان ايران کي ڪجهه نه حاصل ٿيو.هن وقت وري سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن پر اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه ته ڪنهن وقت جڏهن  رياض ۽ تحران جي وچ ۾ صدر صدام حسين جي ڪويت تي چڙهائي سان انهن مسئلن جو عمل سامهون آيو ان موقعي تي ايراني صدر فسنجاني سان هڪ معاهدو طعي ٿيو جنهن سان ٻه طرفيون ڪشيدگيون ختم ٿيون پر اهو معاهدو صرف پنج سال هلي سگهيو عرب ملڪن جو اهو موقف آهي ته ته ايران جو جارح ايجنڊا انهن لاءِ خطرناڪ آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ايران براه راست شام جي لڙائي ۾ اندورني طرف سان انهي لڙائي جو حصو آهي جڏهن ته عراق اندر جنگ ۾ سندس حمايت واضع ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي  جهڙي لبنان ۾  جنگ جاري  آهي،

يمن غزه،بحرين، ۾ جارحيت جاري آهي جڏهن ته سوڊان اندر به سندس موجودگي آهي جڏهن ته  صدر عمرالبشير جو چوڻ آهي ته ايران سان لاڳيل جيڪي معاملا پڻ  بند ڪري ڇڏيا آهن اهوسڀ ڪجهه انهي ڪري ٿيو ته ايران پنهنجي ارادن کي درست ناهي ڪيو جڏهن ته ايران عرب ملڪن اندر پنهنجي اتحادن جي مسلسل مدد ڪري رهيو جنهن تي عرب ملڪن کي سخت اختلاف آهن انهي ڪري ايران جيڪوپنهنجي اتحادين جي مدد ڪرڻ کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهي رهيا آهن يمن سياسي ۽  سماجي لحاظ کان سعودي عرب جي تمام ويجهو آهي انهي ڪري حوثين جي باغين جو سعودي عرب عرب مٿان حملو نه صرف سعودي لاءِ خطرناڪ آهي پر اتي پوري خطي لاءِ تمام گهڻا اخطرناڪ اثرات ڇڏيا آهن ايران جيڪو هن وقت پوري معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ايران هميشه هڪڙي اهڙي سوچ تحت پنهنجي اتحادين سان گڏجي اسلامي ملڪن کي ڪمزرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪندو ٿو اچي ايران اسلامي ملڪن جي انهن اتحادين جي مدد ڪندو آهي جيڪي اسلامي ملڪن جي اندر حڪومتن کان بغاوت ڪري وٺندا آهن.

هن وقت حوثي باغي يمن جي حڪومت کان مڪمل بغاوت ڪري يمن ۾ خاناجنگي ڪري يمن ۾ ڪيترا بي گناهه انسان انهي جنگ ۾ موت جو کاڄ بنجي ويا آهن جڏهن ته سعودي عرب يمن جي صدر کي پناهه ڏني ته يمن ۾ موجود حوثين باغين مٿان حملا ڪرڻ شوع ڪيا حوثين باغين به جواب جو سعودي عرب مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا انهي ڏي وٺ  ۾ ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪو ٺاه ڪرائن بجاءِ يمن ۾ موجود حوثين باغين جي مدد  ڪرڻ لڳو جنهن ڪري حوثين باغين کي هڪ ملڪي حمايت ۽ عسڪري طاقت ملي جنهن عسڪري طاقت ملڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ انهي حوثين باغين جي ميزائن جي حملي ڪري  سعودي جي عوام  کي بيگناه ماري ڇڏيو آهي جنهن ڪري پاڪستان به انهي ٻه واٽي تي اچي ٻيٺو آهي ته هو ڇا ڪري ڪنهن جي مدد ڪري ۽ ڪنهن کي ناراض ڪري جڏهن ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ هجڻ سان هڪ فريقه واريت جي دندل ۾ پڻ ڦاٿل آهي ۽ پاڪستان اندر ايران جي حمايتي عوام ۽ سعودي عرب جي حمايتي عوام جي تمام گهڻي اڪثريت آهي جنهن ڪري پاڪستان ڪو قدم کڻڻ کان پهرين اهو ضرور سوچي رهيو ته اگر پاڪستان سعودي جي عسڪري مدد ڪري ٿو ته ڇا پاڪستان اندر فرقيه واريت جنگ ته نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن پاڪستان مدد نه ٿو ڪري سعودي اتحادي به پاڪستان اندر انهي ڳالهه کي سامهون رکي ڪري مطالبا ڪري سگهن ٿا جڏهن ته پاڪستان هن وقت مختلف مسئلن جي گهري هيٺ آيل آهي جنهن ۾ صرب غضب مِشين حڪومت خلاف جوڊيشل ڪمِشن  جو قيام پارٽي جي  ليڊرن جو نااهل ٿيڻ مٿن ڌاڌلين جا ثبوت ثابت ٿيڻ سان گڏ پاڙيسسيري  ملڪ سان به تلعق بهتر  نه هجڻ سميت ڪيترائي مسئلا آهن جن کي  پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي انهي وچ ۾ پاڪستان کي ڪو فيصلو ڪرڻ مشڪل ضرور لڳي رهيو آهي پر پا ڪستان کي ڪو هڪ طرفعو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو ته پاڪستان حوثين باغين واري جنگ ۾ سعودي جو ساٿ ڏي يا نه ڏي.جڏهن ته انهي ڊوڙ ۾ ايران هميشه انهن گروپن جي مدد ڪندو آهي جيڪي گروپ حڪومت کان باغي هوندا آهن انهي ڪري حزب الله جي مدد ڪري لبنان جي حڪومت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته لبنان حڪومت ايران جي ڪا به مخالف نه ڪري رهي آهي فلسطي ۾ حماس جي مدد ڪري رهيو آهي جڏهن انهن به ايران جي ڪا مخالف ناهي ڪئي ايران يمن اندر حوثين باغين جي مدد ڪري يمن کي ڪمزور ڪري رهيو آهي جڏهن ته يمن جا ايران سان تعلق ايترا خراب نه هئا بطور صدر علي عبدالله صالح جي ايران سان تعلق بهتر  هئا .

انهي ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي جتي پاڻ ايران کي چئي رهيا آهيون ته هو يمن ۾ حوثين ٻاغين جي سعودي تي حملا ڪرڻ کان روڪي اتي سعودي ڇو نه پيو ايران کي چوي.؟هن وقت ڀارت ايران سان چار بهار بندر گاهه جي تعمير جو مهاهدو ڪري رهيو آهي ٻئي طرف ايران خليجي عرب رياستن سان جنگ واري ڪيفت ۾ آهي ۽ ڀارت ايران سان تجارت ڪرڻ جي بحالي جو سوچي ورتو آهي جهن ڪري هو ايران اندر بندرگاهه تعمير ڪرائڻ جو معاهدو ڪري رهيو آهي انهي ڪري سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پاڪستان انهي ڏس ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ٿو ڪري انهي ڪري پاڪستان عوام پڻ اسلامي ملڪن تي باغين جي حملي ڪرڻ جي ڪري سخت پريشان آهي

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *