ياسرعرفات جي قتل لاء اسرائيل ڇا ڇا ڪيو؟ : شفيق الرحمان شاڪر

اڳوڻو اسرائيلي وزيراعظم ايريل شيرون 1980ع جي ڏهاڪي ۾ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن (پي ايل او) جي چيئرمين ياسر عرفات کي قتل ڪرائڻ لاء ايترو ته بضد هو جو هن مسافر هوائي جهازن  کي ڪيرائڻ جي منصوبابندي جي به منظوري ڏيئي ڇڏي هئي.اهو انڪشاف تازو نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ مضمون ۾ ڪيو ويو آهي.

ليکڪ رونين برگمين  اسرائيل طرفان عرفات کي قتل ڪرڻ لاء سالن تائين کنيل قدمن  کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.پي ايل او اڳواڻ ڪيترن ئي بم حملن ۽ فوجي ڪاروائين باوجود معجزاڻي طور تي بچندو رهيو.انهن ۾ ڪجهه اهڙا حملا به رٿيل هئا جيڪي  ڳري انساني جانين جي نقصان واري امڪان سبب اسرائيلي انتظاميا روڪي ڇڏيا هئا.عرفات آخرڪار 2004ع ۾ 75 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.

برگمين جي رپورٽ مطابق هڪ ڀيري ايريل شيرون اسرائيلي ايجنسين کي حڪم ڏنو ته بيروت جي هڪ اسٽيڊيم جي وي آئي پي ايريا ۾ خطرناڪ قسم جا بم فٽ ڪيا وڃن جتي پي ايل او ڪو ڏينهن ملهائڻ لاء تقريب جو بندوبست ڪري رهي هئي.ڌماڪو ڪندڙ مواد نصب ڪرڻو هو ۽ صرف هڪ بٽن دٻائڻ جي دير هئي جو پي ايل او جي پوري قيادت تباهه ٿي وڃي.

پر اهو منصوبو ان وقت رد ڪيو ويو جڏهن اسرائيلي سينئر عملدارن ان وقت جي اسرائيلي وزيراعظم بيگن سامهون پنهنجن ڪيترن ئي  سخت تحفظات جو اظهار ڪيو.

هڪ ٻئي منصوبي ۾ شيرون انهن تجارتي هوائي اڏامن کي ڪيرائڻ جي باري ۾ سوچ ويچار ڪيو جن اڏامن ذريعي ياسر عرفات غيرملڪي دورن تي ويندو هو.مضمون مطابق صرف ٽي اسرائيلي اعليٰ عملدار ان منصوبي کان واقف هئا.

““ جڏهن موساد رپورٽ ڏني ته عرفات اڪثر ڪري پنهنجن ساٿين سميت عام تجارتي اڏامن ذريعي  فرسٽ ڪلاس يا بزنيس ڪلاس ۾ سفر ڪري ٿو ته شيرون انهن اڏامن کي قانوني طور تي نشاني تي رکڻ جو فيصلو ڪيو.منصوبو اهو جوڙيو ويو ته اهڙي جهاز کي سمنڊ جي مٿان ڪناري کان گھڻو پري ڪيرائجي ته جيئن جاچ ڪندڙن کي اها جاچ ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳي وڃي ۽ اهو معلوم نه ٿي سگھي ته ان جهاز کي ڪنهن ميزائيل جو نشانو بنايو ويو يا اهو ڪنهن فني خرابيء ڪري تباهه ٿيو.   ان مقصد لاء اونهو پاڻي وڌيڪ مناسب ٿيندو جو اتان ڪنهن جي بچڻ جي ڪا اميد ئي نه رهندي.”

1982ع ۾ شيرون جيڪو ان وقت وزيردفاع هو هڪ هوائي جهاز کي ڪيرائڻ لاء مليٽري آپريشن جو حڪم ڏنو جنهن ۾ هڪ اطلاع مطابق ياسر عرفات پرڏيهه وڃڻ لاء سوار هو.اسرائيلي ايئر فورس اها ڪاروائي ڪرڻ واري هئي ته موساد انٽيليجنس سروس مزاحمت ڪندي معلومات ڏني ته ان جهاز ۾ عرفات نه پر سندس ڀاء فتحي  ۽ مسافرن ۾ 30 زخمي فلسطيني ٻارڙا شامل آهن.

برگمين مطابق ؛ “ ٻي جنگ عظيم کان پوء اسرائيل قتل ۽ نشانو بڻائي ماڻهو مارڻ ۾ ٻئي ڪنهن به اولهه جي ملڪ کان گھڻو اڳتي رهيو آهي. گھڻن واقعن ۾ صرف عام شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وڌو ويو آهي. انتقام جي هڪ اونهي  ۽ معاف نه ڪرڻ واري سوچ جنهن ملڪ ۾ انهن بحثن کي جنم ڏنو آهي ته انهيء سوچ سان اسرائيل دنيا ۾ ڪيئن محفوظ رهي سگھندو؟”

هڪ اسرائيلي صحافي پاران ڪيل تازن انڪشافن بعد دنيا کي دهشتگرديء کان پاڪ ڪرڻ جي نام نهاد عالمي چڱن مڙسن کي انهن سوالن جا جواب به دنيا کي ڏيڻ گھرجن ته ڇا ڪو ملڪ بطور رياست دهشتگرديء جا طريقا اختيار ڪري سگھي ٿو؟ ڇا ڪو ملڪ معصوم شهرين کي ماري يا معذور بنائي به قومن جي صف ۾ هڪ رياست جي حيثيت حاصل ڪري سگھي ٿو؟انهن خوني ڪاروائين جي قيمت ڪير ادا ڪندو؟ ڏاڍ مڙسي ۽ انتقام جي دهشتگرد پاليسين جي ڪا حد به آهي؟ نيو يارڪ ٽائيمز جي ان مضمون ۾ برگمين ٻيون به ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون آهن  جن اسرائيل جي چهري تان معصوميت،مظلوميت ۽ شرافت جا سڀ نقاب لاهي کيس دنيا جي خطرناڪ دهشتگردن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *