وڇوٽين جو هيءُ سلسلو ڪٿي ڇيهه ڪندو؟: عبدالمجيد مغيري

اِها ويهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، سيوهڻ جي درگاهه تي ڌڻيءَ تعاليٰ کان دُعا لاءِ هٿ کنيو بيٺو هوس ته درگاهه جي ڏکڻ پاسي واري دروازي کان ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ ماڻهو اندر داخل ٿيو، ڪارا ڪپڙا پهريل هئس، مٿي تي خوبصورت سنڌي ٽوپي ۽ انتهائي خوش شڪل جوان هو. مان هڪ نظر کيس پيرن کان وٺي سندس ٽوپي جي چمڪندڙ ڪاون تائين، گهوري ڏسان ٿو، ڪاري وڳي ۾ ڄڻ چند جو ٽڪڙو ٿي لڳو. هُن درگاهه تي چادر چاڙهي، دعا گهري ۽ پوءِ مزار جي هڪ پاسي ٿي بيهي رهيو. هُن جي موهيندڙ صورت ڏسي منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو نه ته ڄاڻ الائي ڪير آهي؟ تنهن ويل ڀر ۾ بيٺل هڪ پوڙهي شخص، ٻئي همراهه کي ٻُڌايو پئي، اِهو ملڪ اسد سڪندر اٿئي. اهو ٻُڌندي ئي مان ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌيس، هُن به محسوس ڪري ورتو ته، هي همراهه مون سان ملڻ لاءِ اچي ٿو. اڃان ويجهو مس ئي پهتس ته، ان کان پهرين هُو گلابي چپن تي مٺي مرڪ تاريندي پاڻ مون ڏانهن وڌيو، مون هٿ اڳتي وڌايو، هڪ ٻئي سان مختصر تعارف ڪرائڻ کان پوءِ ڪجهه گهڙين تائين ڪچهري ٿيندي رهي. بعد ۾ موڪلائي هليو ويس. ڏاڍو قربدار محبتي ماڻهو هو. اُهو ڏينهن ۽ اڄو ڪو ڏينهن وري ڪڏهن به نه ساڻس ملاقات ٿي ۽ نه ئي ڪٿي ويجهي کان ڏٺم، بس ميڊيائي ذريعن تان سندس سياسي زندگيءَ جي حال احوال کان واقف ٿيندو رهيس. ۽ هاڻي وري ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ اسد سڪندر ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار جي حوالي سان ڪيترن ئي ڏينهن کان پرنٽ. اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ انتهائي گرم خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن.

ملڪ اسد سڪندر نه فقط پنهنجي قبيلي پر علائقي جي ڪيترين ئي ذايتن جي ماڻهن جو سردار آهي. ڪوهستان جو ڪنگ سڏيو وڃي ٿو. ۽ سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي. وڏي ڳالهه هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چونڊيل ايم اين اي آهي.

سنڌ جي اُتر واري پاسي جي سردارن ۽ بااثر ڀوتارن جي قهري ڪارنامن ۽ ناڪاري ڪردار کان پوري دنيا چڱيءَ ريت واقف آهي. اُتي ٿيندڙ ناانصافيون سردارن، بااثر ڀوتارن ۽ سندن ماڻهن جي کاتي ڳڻجن ٿيون. ساڳي ئي سنڌ ۾ ملڪ اسد سڪندر به رهي ٿو. مختلف قبيلن جي ماڻهن جو سردار بااثر شخص آهي. پر هو وڏي پکيڙ رکندڙ علائقي ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ بڙجي ڇانو بڻيل آهي. اتر سنڌ جي سردارن جي علائقائي حدن ۾ وڏا خوني جهيڙا ٿيندا رهيا آهن ۽ سالن تائين هلندا رهن ٿا، سوين ماڻهون پنهنجون جانيون وڃائي تباهه برباد ٿي ويا آهن. پر ڪو ٻڌائي ته، سردار ملڪ اسد سڪندر جي علائقائي حدن ۾ اڄ تائين ڪنهن معمولي جهيڙي کان سواءِ ڪو وڏو جهيڙو ڪا وڏي خونريزي ٿي هُجي؟ تقريبن سمورو جابلو علائقو آهي، لڪڻ جا وڏا هنڌ آهن. پوءِ به ڪڏهن، ڪنهن اهو نه ٻُڌو آهي ته ان علائقي ۾ ڪا بدامني هُجي. هن علائقي ۾ ديوان ڀائرن جي وڏي اڪثريت رهي ٿي، اُهي سردار جي صاحبيءَ ۾ پاڻ کي محفوظ تصور ڪن ٿا، نه ته باقي سنڌ مان ڪيترائي هندو ڀائر مختلف آزارن سبب پرڏيهه پلاڻي ويا آهن. مطلب ته هيءُ ماڻهو پنهنجي ماڻهن جو ڀرجهلو آهي، هُن کي پنهنجي علائقي سان بيپناهه محبت آهي، اهڙي ماڻهوءَ سان سنڌ سرڪار جو تڪرار سمجهه ۾ نه اچڻ واري ڳالهه آهي. هڪ اهڙو جرئتمند ماڻهو جيڪو نه رُڳو پاڻ، پر ٻين به ڪيترن ئي اُميدوارن کي سوڀ ڏيارڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اُن سان پارٽيءَ جو هيءُ ورتاءُ ڪا سُٺي روايت ناهي.

حقيقت هيءَ آهي ته شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کان پوءِ محترما جي وفادار، ايماندار اڳواڻن ۽ جيالن کي ڳولهي ڳولهي پارٽي جي پهرين صف مان ڪڍي، تمام پري بيهاري نڌڻڪو ڪيو ويو آهي. پنهنجي شهيد قائدين ۽ پارٽي مٿان جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته غريب ڪارڪنن پنهنجو ساهه ڏئي ويساهه ڏنو ۽ هو سدائين وفائن جا باغ پوکيندا رهيا. پر افسوس! اهڙن غريب پرور اڳواڻن ۽ جيالن جي جاءِ مفاد پرست منافعي خورن اچي والاري آهن. جن شهيدن جي عوامي پارٽي کي فيڪٽري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جن ڪرپشن ڪري شهيدن جي پارٽي کي ڏادو  بدنام ڪيو آهي. اڄ به اُهي ئي ڦورو دل تي ڏاڍا مِٺا آهن. اهڙن ماڻهن کي نه پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو لحاظ آهي ۽ نه ئي شهيدن جي عوامي پارٽي سان ڪا دلچسپي آهي. هي فقط ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ پارٽيءَ ۾ شامل ٿين ٿا، جنهن سبب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملڪ ۾ وڌندڙ عوامي مقبوليت کي نقصان رسي ٿو. معاهدا ڪري شامل ٿيندڙ اِهي واپاري ماڻهو شهيدن جي عوامي پارٽي جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن. اهڙا ڪيترائي آثار ظاهر ڏسڻ ۾  اچن ٿا.

بهرحال ڄامشوري ضلعي ۾ پنهنجي پارٽي جي چونڊيل ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ سندس همدردن سان لاڳاپيل معاملي کي جلد ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي چيئرمين صاحب کي مداخلت ڪرڻ گهرجي، پارٽي جي چونڊيل اڳواڻن سان اهڙيون زيادتيون ڪرڻ سان عوامي سطح تي شهيدن جي عوامي پارٽي مٿان انتهائي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ملڪ اسد سڪندر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽين جو ڪارڻ زمينن تي والار آهي، جيڪا مقامي ماڻهن کي قبول ناهي. اهڙي صورت ۾ پارٽيءَ کي پنهنجن ماڻهن جي ڀر ڌر ٿيڻ گهربو هو، پر افسوس ته پارٽيءَ جي ذميوار ماڻهن جون همدرديون ڪن ٻين ماڻهن سان آهن، جنهن سبب پارٽيءَ لاءِ منفي تاثر اُڀري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت پارٽيءَ جي حق ۾ بهتر نه ٿيندو. تنهن ڪري بلاول ڀُٽو زرداريءَ کي هن سلسلي ۾ ڪا اڳڀرائي ضرور ڪرڻ گهرجي ته جيئن پارٽيءَ ۽ اُن جي ماڻهن ۾ وڇوٽين کي گهٽائي سگهجي.

majeedpbc@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *