وَري ڪُجُهه به نه ٿيو-نوٽيس وَريِ نوٽيسن ۾ گُمُ…!؛نور محمد ڪلهوڙو

“دنيا مين ڪتني غم هي ميري غم ڪتني ڪم هي” 1986ع جي ڀارتي فلم امرت ۾ اداڪار راجيش کنه جي مٿان پڪچرائز ٿيل گاني جي هيءُ لفظ منهنجي اندر جي پيڙاءَ جي ڄڻ ته پوري طرح سان ترجماني ڪن ٿا، 30 جنوري تي شڪارپور جي لکي در واري امام بارگاهه ۾ آپگهاتي حملي ۾ 63 ڄڻا شهيد ۽ 81 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آهن، انهن زخمين ۾ ڪيترائي پنهنجي جسم جي مختلف انگن کان محروم ٿيا هوندا، جيڪي پنهنجي انهن جسم جي کٽل انگن (عضون) کان سان لاچاري واري زندگي گهاريندا، ڇو ته اهي جسم جي انهن انگن کان قدرتي طور تي محروم نه هئا،

پر ظالم آپگهاتيءَ انهن کان اهي جسم جا انگ ڦري ورتا آهن، شڪارپور جي انهي لکي در واري امام بارگاهه ۾ اهو آپگهاتي حملو پهريون ۽ آخري نه آهي، ڇو ته سڄي سنڌ ۾ اڳ به ڪيترين ئي مسجدن، امام بارگاهن، درسگاهن ۽ مدرسن تي حملا ٿيڻ سان گڏوگڏ هتي رهندڙ اقليت جي عبادتگاهون مندر، گرجا گهر به وحشين کان محفوظ ناهن رهيا، ڪي ته ڊاهي پٽ به ڪيا ويا آهن، انهن وحشي درندن، دهشتگردن جو ايمان جي جذبي سان ڪو پري تائين جو تعلق ئي نه آهي، شڪارپور ضلعي ۾ حاجن شاهه ماڙي واري جي درگاهه تي 25 فيبروري 20113ع تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ بزرگ حاجن شاهه ماڙي وارو زخمي ٿيڻ بعد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کان پوءِ ساڳي سال جي مئي واري مهيني ۾ نيشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ابراهيم جتوئي تي به 2 مختلف آپگهاتي حملا ڪيا ويا، لکي در امام بارگاهه جي سانحه ٻئي ڏينهن تي شڪارپور جي ئي علائقي مدئجي ۾ هٿياربند سرعام هڪ شخص کي قتل ۽ 2 کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، انهيءَ کي سيڪيورٽي ليپس چئجي يا ٻيو ڪجهه…اهو انتظاميا ٻڌائي سگهي ٿي.. پشاور ۾ اسڪول تي حملي کان ويندي ڪراچي تائين اڻ کٽ سلسلي جيان حملا ۽ بم ڌماڪا ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ حادثا پڻ ٿيا آهن، جن جو حساب ڪتاب رکڻ هاڻ ته عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي،

هاڻ انهن حملن جو حساب ڪتاب به شماريات کاتي کي رکڻ گهرجي، 30 جنوري تي ڌماڪو ٿيو شڪارپور ۾ ۽ ساڳي جمعي واري ڏينهن صبح سوير وزير اعظم ميان نواز شريف سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پهتل هو، امن امان جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي هئائين، وزير اعظم جو پروگرام ته اڳ جو ئي طئه ڪيل هو، پر وزير اعظم جي اچڻ کان 2 ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن سهيل احمد جو 28 جنوري تي لاش مليو هو ۽ 29 جنوري تي سنڌ جي مڙني شهرن ۽ سموري ڪراچي ۾ هڙتال ڪرائي وئي هئي، جنهن تي ايم ڪيو ايم وارن پاران اهو بيان پڻ ڏنو ويو هو ته اسان حيدر آباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي افتتاح جي تيارين جي خوشين ۾ مصروف هئاسين ته اسان کي ڪارڪن سهيل احمد جو لاش مليو آهي، پشاور سانحه جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ جا معمار معصوم ٻار شهيد ٿي ويا، پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويا، ان جو غم به هر باشعور کي آهي، نه سکر وٽ بس حادثي جو ڏک ننڍو آهي ته نه وري 11 جنوري تي ملير ويجهو بس وارو ٿيل حادثو وسارڻ جهڙو آهي، پر حادثن ۽ ڌماڪن ۾ ڪجهه فرق ضرور آهي، حادثا انساني غفلت جي ڪري ۽ ڌماڪا سوچيل، سمجهيل، طئه ڪيل پلاننگ تحت ڪيا وڃن ٿا، ٻنهي صورتن ۾ انهن جو شڪار بيگناهه انسان بڻجن ٿا. ڳالهه هئي شڪارپور جي لکي در واري امام بارگاهه جي-جنهن ۾ ڌماڪو ڪرڻ لاءِ جمعي جو ڏينهن چونڊيو ويو هو، لازمي آهي ته اهو نه حادثو آهي نه ئي انساني غفلت، پر اهو آهي.

سوچيل سمجهيل سازش ۽ وقت واري پلاننگ، جنهن تحت اهو ڌماڪو ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ اهو به لازمي آهي ته ڌماڪو ڪندڙ انهيءَ علائقي ۾ ڪجهه وقت ترسيو هوندو ۽ ان آسپاس جي ماحول جو جائزو ضرور ورتو هوندو ۽ هن امام بارگاهه جي چونڊ ڪندي حملي لاءِ جمعي واري ڏينهن کي ئي چونڊيو هو ۽ ڌماڪو ڪيائين. هڪ طرف لکي در ۾ ڌماڪو ٿيو هو ته ٻئي طرف ڪراچي ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، سنڌ ڪابينا جا ميمبر، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، آءِ جي سنڌ پوليس، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي جي رينجرز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سنڌ ۾ امن امان بابت گڏجاڻي ڪري چڪا هئا- امن امان بابت اها گڏجاڻي خاص ڪري وزير اعظم آڏو ايم ڪيو ايم جي وفد پنهنجي ڪارڪنن جي عدالت کان مٿانهن قتلن جي حوالي سان احتجاج ڪيو هو،

لکي در واري ڌماڪي کان هڪ ڏينهن اڳ نجي چينل تي ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فيصل سبزواري هڪ ٻئي تي سياسي الزام هنيا پئي، ان دوران هڪ نقطي تي اينڪر شاهزيب خانزده فيصل سبزواري کان سوال ڪيو ته توهان پ پ وارن کان به ناراض، پوليس ۽ رينجرز کان به اوهان کي مسئلو، هيومن رائٽس جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي به اوهان لاءِ ڪو آواز نه ٿي اٿاري آخر خامي انهن ۾ آهي يا توهان ۾ به ڪا خامي آهي واري سوال کي فيصل سبزواري ٽاري ويو هو، ته تاج حيدر به ساڳئي نجي ٽي وي تي ڳالهائيندي چيو هو ته پ پ کي به پوليس ۽ رينجرز کان شڪايتون آهن، اهي ته سياسي تجزيه، تبصرا هر ميڊيا چينل تي هلندا رهندا.شڪارپور ضلعو ماضي کان جاگرافيائي لحاظ کان “اهم” رهيو آهي، ماضي تي ڪجهه چوڻ بدران موجوده وقت ۾ به اهم آهي، سامي، الهه بخش سومرو شهيد ۽ شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترن ئي جي جنم ڀومي شڪارپور جي عام خلق جي ڌماڪي واري ڏينهن اها ئي دانهن هئي ته سول اسپتال شڪارپور ۾ ڪي به جوڳيون طبي سهولتون نه آهن، جنهن جي ڪري ڪيترائي زخمي جيڪي بچي سگهندا هئا نه بچي سگهيا،

***********جاري********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *