ويڇا وڌائڻ جي خطرناڪ راند؛ زاحد حسين

اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته ايم ڪيو ايم کي اڪثر ڪري پاڪستاني سياست جو خطرناڪ عنصر ڇو قرار ڏنو ويندو آهي. پارٽيءَ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ٽوڙي نئون ”مهاجر“ صوبو ٺاهڻ وارو مطالبو ڪري لساني سياست کي هٿي وٺرائي آهي. ايم ڪيو ايم کي گهڻ نسلي ۽ گهڻ لساني سڃاڻپ ڏيارڻ واري تجربي ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ هيءَ جماعت پنهنجي سياسي ”اصليت“ ڏانهن واپس ٿي آهي.

افسوس جي ڳالهه آهي ته ايم ڪيو ايم مهاجر لفظ بابت پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي چيل لفظن کي ”توهين رسالت“ جو نانءُ ڏنو آهي. ۽ سياست کي مذهب سان ڳنڍڻ ان کان به وڌيڪ افسوس جي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ جو ايم ڪيو ايم به ملڪ جي انهن چند جماعتن مان هڪ آهي. ايم ڪيو ايم جي هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجر ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ظاهري طرح پنهنجو وڃايل ڳڙهه وري حاصل ڪرڻجي هڪ ڪوشش آهي، جنهن کي ملڪ اندر اڀريل سياسي قوتن چيلينج ڪري رکيو آهي. ۽ اها سطحي سياسي سوچ هڪ خطرناڪ سياسي راند آهي،جنهن سان صوبي اندر مختلف لساني گروهن ۾ نفرتون ۽ ويڇا ويتر وڌي سگهن ٿا. جيڪي سڪيولرزم جون داعي آهن.

سو اهڙي غير داشمنداڻي مهم سان ٻئي ڪنهن نه پر خود ايم ڪيو ايم کي ئي هاڃو رسيو آهي، ۽ ڪراچيءَ لاءِ بي چينيءَ جو ڪارڻ معاملن ۽ مسئلن جي حل ڏانهن ڌيان ڌرڻ بجاءِ ڌيان هٽيو آهي. ڪاوڙجي سرڪار ڇڏڻ ۽ وري فيصلي تان مڙي واپس سرڪار ۾ موٽي اچڻ واري عادت هن پارٽيءَ لاءِ مذاق بڻجي وئي آهي. پر هن ڀيري سندس حڪومت کان علحدگي سنجيده نوعيت جي لڳي ٿي. تنهن هوندي به خاطريءَ سان نه ٿو چئي سگهجي ته اها ڪاوڙ برقرار رهندي، ٿي سگهي ٿو ته اها وري ڪجهه ڏي وٺ ۽ خاطرين بعد وري به پ پ سرڪار جو حصو بڻجي. صوبي جي هنن ٻنهي طاقتور پارٽين جو رسڻ پرچڻ ۽ گڏجڻ توڙي الڳ ٿيڻ ئي رڳو ڪراچي جي ڊگهي غير يقينيءَ جو ڪارڻ ناهي.لساني نعرا اڀاري ايم ڪيو ايم اصل ۾ مڪاني حڪومت واري نظام جي بحاليءَ واري معاملي کي پس پرده ڪرڻ گهري ٿي، جنهن تي حقيقت ۾ سندس ڌيان هئڻ گهرجي.

حقيقت ۾ لسانيت واري سياست پ پ کي به ڀانءِ پئي ٿي. ڇو جو ان طرفان سنڌي قومپرستيءَ وارن جذبن ۽ احساسن کي اٿارڻ ۽ اهڙي قسم جا واضح بيان اصل ۾ ان طرفان سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن تي پنهنجي ڪنٽرول کي هٿي وٺرائڻ آهي. بلاول طرفان ايم ڪيو ايم خلاف ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ واري جملي کي به انهيءَ تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پر پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته اهڙا جذبا اڀاري به پارٽي سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ پنهنجو ڳڙهه برقرار رکي سگهندي به يا نه!

جيتوڻيڪ هيءَ حقيقت آهي ته لساني يا انتظامي بنيادن تي سنڌ جو ورهاڱو ناقابل قبول آهي. پر پنهنجي جاءِ تي اها به حقيقت آهي ته پ پ سرڪار طرفان چونڊيل شهري سرڪار جي بحاليءَ ۾ ناڪامي ايم ڪيو ايم جي لساني سياست کي هٿي وٺرائڻ جو ڪارڻ بڻي آهي.جيتوڻيڪ پيپلزپارٽيءَ کي صوبي ۾ حڪمراني ڪندي ڇهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر مڪاني حڪومتن جي بحاليءَ جي اميد سپريم ڪورٽ جي مداخلت کانپوءِ ئي وڃي پيدا ٿي آهي.

گذريل هفتي سنڌ اسيمبليءَ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي مڪاني چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن جي تڪبندين جا اختيار ڏنا آهن. 2001ع واري ايڪٽ کان بنهه مٽيل هن نئين قانون ۾ شهري حڪومتن جا اختيار محدود ڪيل آهن، جيڪي فقط ميونسپل جي خدمت تائين محدود آهن. اڪثر کاتا جهڙوڪه امن امان ۽ لينڊ مينجميٽ صوبائي سرڪار کي آهن. ساڳي طرح ميٽرو پوليٽن ڪاروپوريشن جا مالي اختيار به محدود ڪيا ويا آهن. سو مڪاني ادارن تي صوبا ئي سرڪار جو مضبوط ڪنٽرول ئي اصل ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ تڪرار جو بنيادي ۽ اصل ڪارڻ آهي.صوبائي سرڪار پنهنجا مڪمل اختيار شهري يا مڪاني حڪومتن کي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي ۽ صوبائي راڄڌاني توڙي مخصوص لساني توازن رکڻ ڪري ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ ته ائين ڪرڻ درست به لڳي ٿو ۽ اختيارمنتقل نه ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ شهر جي وسيع وسيلن ۽ زمين تي ڪنٽرول برقرار رکڻ آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جهڙي شهر جنهن جي آباد هڪ ڪروڙ 80 لک يا ٻن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي، تنهن جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ وڏي پئماني تي انتظامي اختيارن جي ضرورت گهربل آهي، تنهن هوندي به چونڊيل مڪاني حڪومتن واري نظام جي بحاليءَ سان محدود اختيار هوندي به ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن جي ڪجهه مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

مڪاني ادارن جون چونڊون يقيني بڻائڻ کان اڳ انهيءَ راهه ۾ ڪجهه ٻيون رڪاوٽون به آهن. سڀ کان وڌيڪ تڪراري معاملو مڪاني ادارن جون تڪبنديون آهن،جيڪا هاڻي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. ان کانپوءِ چونڊ عمل جي شفاف هئڻ جو معاملو آهي. شهر ۾ امن امان جي بدترين صورتحال ۽ سياسي جماعتن جي سرپرستيءَ هيٺ ئي شهر تي ڏوهاري مافيائن جي ڌاڪي هوندي شهر اندر صاف ۽ شفاف نموني مڪاني چونڊون ڪرائڻ سولو نه هوندو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي الڳ صوبي لاءِ مهم ۽ لساني نفرت کي هٿي وٺرائڻ صورتحال کي ويتر ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي.ڪراچيءَ ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ آباديءَ جي توازن جي ڪري ڪراچيءَ ۾ چونڊيل ۽ نمائنده مڪاني حڪومت جو قيام لازمي بڻجي ويو آهي.رپورٽن موجب ته شهر اندر 1988ع جي ڀيٽ ۾ آباديءَ ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ جي ٻين حصن کان شهر ڏانهن ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ئي آباديءَ ۾واڌ جو ڪارڻ بڻي آهي.

آباديءَ ۾ تيزيءَ سان آيل تبديليءَ جي ڪري ملڪ جي هن وڏي ۾ وڏي ميٽروپوليٽن شهر جي سياسي صورتحال ۾ به ڦيرو آيو آهي. هي شهر اصل ۾ مختلف نسلن ۽ ٻولين سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو مجموعو بڻجي چڪو آهي. جڏهن ته ڀارت مان هجرت ڪري آيلن جو ٽيون نسل به هتي پلجي وڏو ٿيو آهي. تنهن ڪري کين ”مهاجر“ چئي ۽ سڏي نه ٿو سگهجي، تنهن ڪري گهڻ لساني ۽ گهڻ نسلي شهر ۾ لساني سياست تباهه ڪن ٿي سگهي ٿي.  لساني سياست ڏانهن واپس ٿيڻ توڙي سياسي تڪرارن جي حل لاءِ مذهب جي استعمال جي ڪوشش ايم ڪيو ايم جي غلطي آهي. ايم ڪيو ايم جيئن ته گذريل پارلياماني چونڊن ۾پنهنجي سياسي بالادستي قائم رکڻ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ٿي هئي پر سندس سياسي غلطين جي ڪري سندس اهو هولڊ/ڌاڪو سنجيده نموني چيلينج ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم کي پنهنجي لساني سياست تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *