ويلنٽائن ڊي ۽ ٻيا گناهه وغيرهه: وسعت الله خان

اڄ (ڪالهه) پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر مسلمان ۽ غير مسلمان ملڪن ۾ ويلنٽائن ڊي (محبتن جو ڏينهن) ملهايو پيو وڃي. جڏهن ته ڪيئي هنڌن تي انتظامي پابندين جو به اعلان ٿيو آهي. اهڙا بينر به لڳا جن ۾ غيرن جون ريتون اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي وئي آهي. عالمن ويلنٽائن ڊي جي غير شرعي حيثيت به کولي بيان ڪئي. هن ڀيري فيصل آباد جي هڪ ارب پتي صنعتي گروپ قومي اخبارن ۾ صفحي جي چوٿين حصي جو اشتهار به شايع ڪراوي ته:

هڪ ويلنٽائن نالي يهودي (جڏهن ته هو عيسائي هو) جيڪو غير شادي شده مرد ۽ عورت جي لاڳاپن کي جائز سمجهندو هو، تنهن جي ياد ۾ هاڻي مسلمانن جو بي حياءُ ۽ بي شرمُ نسل به ويلنٽائن ڊي ملهائڻ شروع ڪيو آهي. هن ڏينهن گل ۽ سوکڙيون ڏئي ۽ وٺي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪري محبت جو اظهار ڪندا آهن ۽ ايئن ڪري هو اسلامي قدرن جا بکيا اڊيڙيندا آهن. ٿورو سچيو، اڄ اسان يهودين جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. سڀاڻي اسان جا ٻار نه ڄاڻِ ڏياري ۽ ڪرسمس سميت ڪهڙن ڪهڙن مذهبن جا غير اسلامي ڏينهن ملهائيندا.

مان ذاتي طور اهڙن ايمان افروز خيالن سان اتفاق ڪندي مومنن جو ڌيان ڪجهه ٻين غير اسلامي بدعتن ڏانهن به ڇڪتائڻ ٿو گهران، ته جيئن انهن جي اثر کان معاشرو بلڪل شفاف ٿي وڃي. مثال طور سر سيد احمد خان، مولانا محمد علي، شوڪت علي، محمد اقبال، مولانا مودودي، حسن البنا ۽ سئيد قطب جون ڪوٽ، پينٽ ۽ ٽائي واريون جيڪي به تصويرون آهن تن تي به ليڪا پاتا وڃن.

حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته جناح جي سوٽ ٽاءِ جي تصوير وارا ڪرنسي نوٽ واپس وٺي شيروانيءَ واري تصوير شايع ڪئي وڃي، بلڪ تصوير ئي ڇو شايع ٿئي؟

سڀئي گل وڪڻندڙ اهو بورڊ ٽنگي ڇڏين ته هتي صرف عرس ۽ جنازي وغيره لاءِ گل ۽ شادي مواديءَ لاءِ هار ته ميسر آهن. 50 سالن کان گهٽ عمر وارا خريداريءَ جي زحمت نه ڪن يا وري ڪو معتبر ماڻهو ساڻ آڻين.

سڀني بيڪرين کي پابند ڪيو وڃي ته اهي ڪرسمس ڪيڪ صرف عيسائين کي وڪڻن. ان لاءِ مقامي چرچ جو سفارشي خط لازمي قرار ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪو مسيحي، هندو يا يهودي عيد مبارڪ چئي ته ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيو ۽ هوليءَ جي ڏينهن ڪو هندو پاڙيسري يا ڪرسمس جي موقعي تي ڪو مسيحي دفتري ساٿي رستي ۾ ملي وڃي ته مبارڪباد جي گناهه کان بچڻ لاءِ ڪنڌ ٻئي پاسي ڦيرائي هليا وڃو.ننڍي عيد تي غير مسلمانن ڏانهن سيون وغيره موڪلڻ کان پاسو ڪريو ۽ انهن طرفان جي ڪرسمس ڪيڪ ۽ مٺائي اچي ته اها وٺو ضرور پر پاسو ڪري ڪچري ۾ اڇلائي ڇڏيو ته جيئن ڪنهن جي دل به نه ڏکئي ۽ پنهنجو ايمان به سلامت رهي.

ڪنوار جو ڳاڙهو وڳو، جهومرُ، موڙو، کير پارڻ، پيڪاڻو گهر ڇڏڻ وقت روئڻ، مينديءَ جي رسم ۾ دُهُل تي جهمر هڻڻ ۽ هر قسم جي کاڌي پيتي جي ڀرمار، حد کان وڌيڪ ڏاج يا لٽا ڪپڙا، اهي سڀ هندن جون رسمون آهن. نڪاح خوان اهڙي بي شرم، بي دين ماحول ۾ نڪاح پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ۽ اهڙين شادين جو گهيراءُ به ڪيو وڃي.

ٻيو ته شبِ برات واري رات ڦٽاڪا ڇوڙڻ واري ڏياريءَ سان ملندڙ رسم جو گڏجي بائيڪاٽ ڪيون. آتشبازيءَ جي سامان سان ڀريل گودام اڏائڻ ۾ به ڪو خاص نقصان ناهي ته جيئن بانس ۽ بانسريءَ سان گڏ وڄائيندڙ به وڄي وڃي.

اهڙين سڀني شين کي گهر، دفتر ۽ ڪارخاني مان ڪڍي اڇلايو وڃي جيڪو غير مسلمان تخريبي ذهن سان ايجاديا ناپاڪ هٿن سان تيار ڪيو آهي. ان سان نه رڳو هِتان کان اوستائين جاءِ خلاصي ٿي پوندي پر ڪم سان گڏوگڏ ضمير جو بار به رستي مان هٽي ويندو. صرف اهي شيون خريد ڪريو جيڪي مسلمانن ٺاهيون يا ايجاد ڪيون هجن. ان سان اصراف هڪ ڌڪ سان ختم ٿي ويندو ۽ پئسي جي به بي انتها بچت سان هر مسلمان مالي طور آسودو ٿي ويندو.

ڏٺو ويو آهي ته نوجوان نسل جيڪي تازه گُل خريد ڪري ٿو، ان سان شيطاني جذبا بيدار ٿين ٿا پر تازا هٿيار خريدڻ سان ايمان جي جذبي کي جَلا ملي ٿي. اجائي سجائي ڳالهه تي کلڻ سان دل بي حس ٿي ويندي آهي پر گهڻي کان گهڻو روئڻ سان نرم ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري کلڻ جا سبب گهٽ کان گهٽ ۽ روئڻ جا ڪارڻ اڃا به وڌائڻ جي ضرورت آهي.ته ڇو نه سٺي ۽ خراب جي فرق کان عاري هن نئين بي راهرو نسل کي شعور جي وهيءَ ۾ پهچڻ کان اڳ لوهه جو ٽوپ پارايو وڃي. کوپڙي ننڍڙي ضرور ٿي ويندي پر کوپڙيءَ ۾ غير ضروري ٻاهران خيال داخل ٿيڻ جي جاءِ به نه رهندي. ايئن اسان سڀئي کِل خوشيءَ سان هڪ ئي کوهه ۾ رهنداسين. ڪنهن ٻئي جي ڪهڙي ضرورت، اسان پنهنجي لاءِ کوڙ آهيون.ا

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *