ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو!: فقير گدا حسين

سوئيڊن جيئن ته اسڪينڊيڊينيرين ملڪن (ناروي، ڊنمارڪ، فن لينڊ) مان هڪ امير ملڪ آهي، هيءُ ملڪ امير آهي پر ماڻهو امير نه آهن، جيئن اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو امير آهن پر ملڪ غريب آهي. اسان جا طبقا ۽ درجا آهن. امير کان امير ۽ غريب کان غريب اهڙا غريب جنهن جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.

گذريل 3 فيبروري تي سوئيڊن جي شهزادي شهنشاهه ڪارل 16 گستاف کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو شهزادو اوسڪر ڪارل اولوف رکيو ويو آهي. نالي رکڻ وقت ملڪ جي ٽن وڏن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، وڏي شان ۽ شوڪت سان ملڪ جي برقي ميڊيا توڙي اخبارن ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ايتري تائين جو ملڪ جتي اسڪولن ۾ شاگردن کي به ان خوشيءَ جي خبر ۾ شامل ڪيو ويو. استاد پنهنجي ليڪچر ۾ اها خبر ٻڌائيندا رهيا.

ٻئي طرف جيڪڏهن اسان جي ملڪ طرف نظر وڌي وڃي ته اوهان کي نظر ايندو ته اسان ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ان جي ڀيڻ مادر ملت محترمه فاطمه جناح سان ڇا ڪيو ۽ جناح صاحب جي حال حيات ڏوهٽي سان ڪراچيءَ ۾ ڇا ڪري رهيا آهيون، ان ويچاري کي پنهنجو سر ڍڪڻ لاءِ گهر ڪونهي. اهو ويچارو پنهنجي ٻارن سميت ڪرائي جي هڪ فليٽ ۾ گذر سفر ڪري رهيو آهي. گهر جي مالڪ طرفان هن کي نوٽيس به اچي رهيا آهن، اوهان اندازو لڳايو ته ڪيتري حد جي بي حسي ۽ بي حيائي آهي جو لقب ۾ قائد اعظم پر ان جي ڏوهٽي کي اجهو ڪونهي. اوهان وري مادر ملت محترمه فاطمه جناح سان ٿيل حالت بابت ٻڌايان ته صدر ايوب خان جي خلاف محترمه فاطمه جناح جو انتخابي نشان ”فانوس“ ۽ ايوب خان جو نشان ”گل“ هيو. اليڪشن مهم هلي رهي هئي، چونڊ مهم دوران گوجرانوالا ۾ غلام دستگير خان ايوب خان جي طرفان چونڊ مهم هلائي، جنهن ۾ هُن محترمه جي انتخابي نشان ”فانوس“ سان به تذليل ڪئي وئي، اهو غلام دستگير، جنهن جو پٽ خرم دستگير خان، اڄڪلهه پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جو موجوده وفاقي وزير آهي. اوهان ان مان ڇا ٿا اندازو هڻي سگهو ته اسان پنهنجن محسنن سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي ۽ اڃان اهو حشر جاري آهي. ڇا اُها قوم زنده رهي سگهي ٿي، جنهن پنهنجي قومي ابي ۽ قومي ماءُ سان اهڙي ويڌن ڪئي هجي. پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان ته احسان ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي ته پوءِ اسان اسلام جي نالي تي حاصل ٿيل ملڪ سان ڪيترا وفادار آهيون ۽ ان تي ڪهڙو احسان ڪري رهيا آهيون.

جيڪڏهن اڃان اڳتي هلندا ته اوهان کي محترم جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيل واردات جو پتو پوندو، جنهن کي اسان بيدرديءَ سان ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هڪ اهڙو اڳواڻ هيو، جنهن قوم کان واعدو ورتو هو ته جيڪڏهن اسان کي اَن جي بدران گاهه کائڻو پوي ته ڇا کائيندا؟ جنهن تي قوم ان کي مثبت جواب ڏنو ۽ هن عوام جي سيلابي مدد سان پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو ۽ هو ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي يورپ مان کڻي آيو ۽ عوام کي اهڙو تحفو ڏنائين جنهن سان پاڪستان اسلامي دنيا جو اڪيلو ائٽمي طاقت بڻجي ويو. اسان ان جي اولاد سان به ڇا ڪيو، اُهو به اوهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا جو اڄ ڀٽي صاحب جو فڪر ته نه رهيو پر ان جي اولاد ۾ وڃي ننڍا ٻالڪ رهيا آهن.

جيڪڏهن اڃان به اڳتي ايندا ته اسان جيڪو حشر پاڪستان جي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان ڪيو اهو به اوهان کي معلوم آهي ته کيس هڪ فوجي جنرل سوالن ۽ جوابن جي ڪٽهڙي ۾ اچي بيهاريو. ٿئي ته ائين ها جو اولهه جي اسريل ملڪن وانگر اهڙن اڻ ملهه هيرن جي عزت ڪئي وڃي ها ۽ انهن کي اهڙو عظيم مان مرتبو ڏنو وڃي ها جو انهن جي پيڙهين کي سک هجي، عزت هجي، دنيا انهن جي زيارت ڪرڻ لاءِ تڙپي ها. پر، اسان جي اخلاقي وسعت ۽ قلبي سڪون جي نه هجڻ ڪري اڄ قائد اعظم رحه جو مقبرو ته آهي پر ان جي پوٽي کي ذاتي گهر ناهي. اسان مسئلن جي اڳيان ته ڪيترائي ايڪڙ زمين خالي رکي آهي پر ان جي وارثن کي هڪ ڇت به ڏئي نه سگهيا آهيون.

مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو، عظيم اڳواڻ ۽ جرئت جو مالڪ جنهن دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ڇا آهي، ان جو ثبوت هن گڏيل قومن جي ايوانن ۾ ويهي ڏنو، گڏيل قومن هي غلط فيصلن وارن ڪاغذن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. اهو عظيم اڳواڻ جنهن سڀني اسلامي ملڪن کي هڪ ڪيو. ڪو به اولاد تيستائين تڳي نٿو سگهي، جيسين اُهي پنهنجي والدين سان احسان نٿو ڪري ۽ الله پاڪ جو فيصلو آهي ته جنهن والدين جي نافرماني ڪئي ته ان جا ٻئي جهان تباهه ٿي ويندا.

اُهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ تباهه ۽ برباد آهيون ۽ سڄي دنيا ۾ در در ڌڪا ۽ ٿاٻا ٿا کائيندا وتئون. دنيا ۾ عرب ملڪن کان وٺي اولهه آمريڪا، آسٽريليا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ ويچارو پاڪستاني بي سهارو آهي، جنهن به ملڪ ۾ وڃ ته اُتي پاڪستاني مجبور آهي ۽ بيوس آهي، جتي به پير رک ته همراهه مجبور آهي ۽ حلال و حرام رزق ڪمائي پنهنجي پوئتي رهيل خاندان لاءِ مشغول آهي. ٿورو سوچيو ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ ڪو عرب، ڪو انگريز ڪو فرانسيسي، آمريڪي يا آسٽريلوي اچي محنت ۽ مزدوري ڪري ٿو؟ ڇا پاڪستان صرف ان خرم دستگير جو آهي، ڇا پاڪستان صرف جنرل ضياءُ الحق جو يا فوجي آمر جنرل پرويز مشرف جو آهي. پاڪستان ناهي ته پرديس ۾ رهندڙ منهنجو ۽ تنهنجو ناهي. مان ۽ تون اُهي انسان آهيون جو پنهنجو رت ولوڙي، پنهنجو خون ساڙي، پنهنجي جواني ختم ڪري، انتظار ۾ ويٺل ڀيڻ ۽ ڀاءُ، پيءُ ۽ ماءُ، انتظار ۾ ويٺل زال لاءِ بي درديءَ سان محنت ۽ مزدوري ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان جي معيشت لاءِ پئسو موڪلي رهيا آهيون. اڳيان وري اُهي ئي غدار، اُهو ئي پئسو کڻي ساڳين ئي ملڪن ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي محفوظ بڻائي رهيا آهن.

آئون سوئيدن ۾ رهان ٿو ۽ ڪجهه اٿڻي ويهڻي به آهي، پوءِ مختلف ماڻهن سان سلام دعا به آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گڏجاڻين ۾ ملاقات به ٿيو وڃي سو اسٽاڪ هوم ۾ راولپنڊيءَ جو معين احمد نالي هڪ شخص رهندو آهي، جنهن کي اٽڪل 15 سالن جو عرصو گذريو آهي، پر ان همراهه جا هتان جا ڪاغذ پٽ سڌا ٿي نه سگهيا آهن. معين جي عمر اٽڪل 55 ورهيه آهي. هو پنهنجي اولاد ۽ نالي خاطر هتي رهيو پيو آهي ۽ غير قانوني طور تي ڪجهه ڪمائي ٻچن کي موڪليندو آهي. همراهه 15 سالن جي ڊگهي عرصي کان پنهنجي زال ۽ اولاد جو منهن نه ڏسي سگهيو آهي. هينئر ته هن سان نفسياتي چڪر به ٿي ويو آهي، پٺيان سندس جوان جماڻ ڌيءُ پيءُ جي جدائي جي صدمي جي ڪري لاڏاڻو ڪري وئي، سندس زال دل جي مريضه آهي پر ويچارو پاڪستان نٿو وڃي سگهي جو هو سوچي ٿو ته منهنجي ٻارن ۽ زال کي خرچ ڪير ڏيندو. ايترا ڪيترائي مثال آهن جن ويچارن پنهنجون حياتيون ساڙي ۽ ختم ڪري ڇڏيون. آخر انهن جو ڪير ذميوار آهي، ان جو ذميوار اهو استحصالي طبقو آهي، جنهن قوم جي ابي سميت قوم جي ڪيترن ئي بي بها عورتن جي عزت نه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو سوئيڊن جي شهزادي کي سندس پٽ ڄمڻ تي خوشيون ملهايون پيون وڃن، انهن جي خاندان کي عزت ڏني ٿي وڃي، جيڪي زنده آهن. باقي هت بادشاهن جي قبرن تي ڪي وڏا ميدان ۽ باغ ناهن. انهن جو اهو شان ۽ شوڪت ڏسي اسان جو من ويچارو مايوس ٿيو وڃي، پنهنجي ئي شرم ۾ ٻڏيو وڃون ته ڇا اسان ڪيترا حاسد ۽ ظالم آهيون ته ڇا اسان وٽ صرف اهو ئي وڏيرو، پير، مير، چوڌري ئي آهي، باقي سڀ اونداهه آهي؟ پر نه! اُٿو، سجاڳيءَ جو جهنڊو کڻي، حق جي ڪڍ لڳو ۽ انصاف ڪريو. انصاف ڪريو پنهنجين اهڙين هستين سان، قوم جي ابي جي پونئيرن کي اهڙي شهزادي جي حيثيت ڏيو، قوم جي ابي کي ان جي قبر مٿان پهري جي نه، قوم جي ابي کي ڪيترن ئي ايڪڙن تي ٻڌل باغ جي نه پر اهڙن املهه ماڻڪ هيرن کي سندن حيثيت ٻڌائڻ جي ضرورت آهي پوءِ ان ۾ ڇو نه پاڪستان جو تصور ڏيندڙ، پاڪستان کي ٺاهيندڙ، پاڪستان کي ائٽمي قوت بنائيندڙ يا جمهوريت تان قربان ٿيندڙ شامل ڇو نه هجن. جيئن ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي ته:

پوکڻي اٿئي ته پوک نه ته ويندءِ منه چڙهي،

پاڻي به ٿيندءِ پوئرو پو سکي ٿيندءِ سوڪ،

جتي لڻندو سارو لوڪ، اُتي سڪندين هڪ سنگ لاءِ

(شاهه)

Hussain.ujan@yahoo.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *