ڪراچي جي سياسي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته هن شهر جي باري ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نئين مُلڪ جي اسٽبلشمينٽ جي راءِ بلڪل ان راءِ کان مختلف هئي، جيڪا راءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريز سرڪار جي هئي. ڇو جو جديد ڪراچي انگريز سرڪار جي دور ۾ ئي هڪ جديد شهر جو روپ ورتو، خاص ڪري جڏهن ڪراچي ۾ بندرگاهه ٺاهي وئي ۽ ڪراچي کان ريلوي لائين وڇائي وئي. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نئين ٺهيل سرڪار، اسٽبلشمنٽ ۽ هندستاني مسلمانن لاءِ ڪراچي هڪ اهڙي ڇڏيل ملڪيت هئي، جيڪا کين پٽ تي پيل ملي، انهن جي سياسي سوچ جو محور ئي بدلجي ويو، ڇو ته هو ٻاهران آيل هئا، خاص ڪري جڏهن ڪراچي جي سياسي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته هن شهر جي باري ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ئي نئين مُلڪ جي اسٽبلشمينٽ جي راءِ بلڪل اُن راءِ کان مختلف هئي، جيڪا راءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريز سرڪار جي هئي. ڇو جو جديد ڪراچي انگريز سرڪار جي دور ۾ ئي هڪ جديد شهر جو روپ ورتو، خاص ڪري جڏهن ڪراچي ۾ بندرگاهه ٺاهي وئي ۽ ڪراچي کان ريلوي لائين وڇائي وئي. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نئين ٺهيل سرڪار، اسٽبلشمينٽ ۽ هندستاني مسلمانن لاءِ ڪراچي هڪ اهڙي ڇڏيل ملڪيت هئي، جيڪا کين پٽ تي پيل ملي، انهن جي سياسي سوچ جو محور ئي بدلجي ويو، ڇو ته هو ٻاهران آيل هئا، خاص ڪري جڏهن مهاجر اسٽبلشمينٽ جون نظرون سڄي مُلڪ تي هيون، ان ڪري انهن ڪراچي کي پاڪستان جي سامهون گروي رکي پنهنجا معاملا درست ڪيا. 1950ع جي ڏهاڪي کان وفاق وٽ گروي رکيل ڪراچي اڄ به اسٽبلشمينٽ وٽ گروي آهي. سنڌ جي سرڪار وٽ ڪڏهن به ڪراچي جو حقيقي ڪنٽرول ڪونه رهيو. تاريخي طور ملڪ ۾ لڳندڙ پهرين مارشل لا 1956 کان وٺي اڄ تائين ڊگهي تاريخ آهي، پر تاريخ جو صرف حوالو سمجهڻ لاءِ ڏنو آهي، پنهنجو اصل موضوع ڪراچي تي قبضي لاءِ شروع ٿيندڙ نئين جنگ آهي.پراڻي تاريخ ڇڏي صرف ايم ڪيو ايم جي وجود کان وٺي اڄ تائين هلندڙ جنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي ڪراچي ۾ عمران خان جي فنا منا سمجهه ۾ اچي ويندي. ۽ هن اسٽيج تي اهو لڳي پيو ته شايد اسٽبلشمينٽ ڪراچي جو قبضو ايم ڪيو ايم کان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ئي هڪ نئين جنگ شروع ٿيڻ واري آهي. اها ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته هيءَ جنگ سنڌين، پنجابين، مهاجرن جي جنگ ناهي، پر هيءَ اسٽبلشمينٽ جي اندرين جنگ آهي، جنهن ۾ هن ڀيري عمران خان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙو ئي ڪردار جهڙو 1986 ۾ الطاف حسين ادا ڪيو هو.ڇو ته ايم ڪيو ايم به اسٽبلشمينٽ جي پيداوار هئي پر ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي خلاف مورچو قائم ڪيو هو، جيڪا خود پاڪستاني اسٽبلشمينٽ جي بي ٽيم هئي. ڪراچي جو قبضو جماعت اسلامي کان ڇڏائي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو ويو، ان وقت جنرل ضياءَ جي آمريت ۽ مهاجر اسٽبلشمينٽ هڪ ڌڪ ۾ ٽي چار وار ڪيا. آمريت خلاف وڙهندڙ پيپلز پارٽي کي پٺ تي ڌڪي ڇڏيو. ان کانپوءِ پهرين مهاجر- پٺاڻ فساد ڪرايا، ان کانپوءِ سنڌي مهاجر فساد ڪرايا، ان کانپوءِ ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي اقتدار ۾ باقاعده طور تي چاليهه سيڪڙو حصو ڏنو ويو. ان کان اڳ ڪراچي کي جماعت اسلامي جي سهڪار سان لکين افغان پناهگيرن جي سوکڙي به ڏني وئي هئي، جنهن تي ان وقت ايم ڪيو ايم ڪڏهن به آواز ڪو نه اٿاريو.
1987ع جي مڪاني چونڊن ۾ شهري ادارن جو ڪنٽرول ايم ڪيو ايم کي ڏنو ۽ 1988ع کانپوءِ صوبائي سرڪار، پوءِ وفاقي سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو. 1988ع کان وٺي اڄ 2015ع تائين ايم ڪيو ايم هميشه اقتدار ۾ شامل رهي ۽ ڪراچي تي سندس مڪمل ڪنٽرول رهيو. 1992ع ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو آپريشن شروع ڪيو، ان جو مقصد ايم ڪيو ايم ختم ڪرڻ ڪو نه هو پر من پسند ايم ڪيو ايم ۽ من پسند مهاجر تنظيم کي ڪراچي جو ڪنٽرول ڏيڻو هو پر جلد نواز شريف جي سرڪار ختم ٿيڻ کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي، پر مهاجر اسٽبلشمينٽ جنرل مشرف دور ۾ ايم ڪيو ايم کي هڪ دفعو ايڏو ته سگهارو بڻايو جو خود اسٽبلشمينٽ لاءِ ايم ڪيو ايم عذاب بڻجي وئي. کيس وري لغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان دوران ئي پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ جي پسنديده جماعت ڪراچي ۾ ميدان تي لٿي. تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم جي خلاف سخت موقف اختيار ڪيو، ڇو ته تحريڪ انصاف ۾ آهستي آهستي ڪراچي جو پڙهيو لکيو طبقو ۽ واپاري طبقو، ڪاروباري ماڻهو شامل ٿيندا ويا. رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آرمي آفيسرن جون بيگمات ۽ ٻار به ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جو حصو بڻجندا ويا. اهڙي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف کي نئون چئلينج سمجهي ان خلاف سخت رستو اختيار ڪيو. ايم ڪيو ايم هر ان جماعت کي هيسائيندي آهي، جنهن وٽ ڪراچي ۾ سياسي سگهه هوندي آهي. پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سان به ائين ئي ڪيو ويو. اي اين پي سان به ساڳي صورتحال رهي. هاڻي عمران خان سان به اها ئي صورتحال آهي.
2013ع جي عام چونڊن کان اڳ ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي خاتون اڳواڻ زهره شاهد قتل ٿي، ان جي قتل کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف احتجاج شروع ڪيو، ڇو ته زهره شاهد جي قتل جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳو.
بعد ۾ وري اسٽبلشمينٽ 2013ع جي اليڪشن کان اڳ ٻنهي ۾ ٺاهه به ڪرايو پر تازو ڪراچي ۾ رينجرز آپريشن کانپوءِ ايم ڪيو ايم خلاف راءِ بدلجي وئي آهي. نبيل گبول جي ايم ڪيو ايم تان استعيفيٰ ۽ ان ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جو سرگرم ٿيڻ هڪ سلسلي جي ئي ڪڙي آهي.
سياسي طور ڪراچي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم کان بيزار آهن، ان جي پريڪٽس گذريل عام چونڊن ۾ نظر آئي؛ جڏهن ان ساڳي نائن زيرو جي تڪ اين اي 246 تان پي ٽي آءِ جي اُميدوار 31 هزار ووٽ حاصل ڪيا، جيڪا وڏي ڳالهه هئي. ڇو ته هن تڪ ۾ ايم ڪيو ايم جو ووٽر ان کان ٽُٽي رهيو هو. پي ٽي آءِ کي ڪراچي جي اردو آبادين ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا. اها ڳالهه سياسي طور ايم ڪيو ايم لاءِ ناقابل برداشت هئي. ساڳي ريت اسٽبلشمينٽ لاءِ به لازمي آهي ته عمران خان کي ملڪ گير ليڊر ظاهر ڪجي، ان ۾ سندس مهاجر اسٽبلشمينٽ سان ويجهڙائپ هجڻ به ضروري آهي. عمران خان گذريل ڏينهن ڪراچي اچي پاڻ کي اڌ مهاجر چيو، اهو انڪشاف ڪيو ته سندس والده مهاجر هئي. ائين ان اشاري حقيقت ۾ مهاجر- پنجابي اسٽبلشمينٽ جي اتحاد جو به اشارو ڏنو. پي ٽي آءِ خلاف سخت موقف ۽ ڌمڪين جو رستو اختيار ڪندڙ ايم ڪيو ايم پنهنجي گهر ۾ عمران خان جي استقبال لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ان جا ٻه سبب آهن، هڪ ته الطاف حسين اهو نياپو ڏنو ته هو اسٽبلشمينٽ سان جهڳڙو ڪو نه ٿو چاهي، ان ڪري اين اي 246 جي سيٽ کانئس نه کسي وٺجي. ان جو ٻيو سبب اهو آهي ته اسٽبلشمينٽ جي دشمني سبب ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ماڻهو ميدان تي نڪتا آهن. پاڪستان جي ميڊيا ۾ هاڻي ايم ڪيو ايم خلاف به ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو. اهو سلسلو ڊگهو عرصو جاري رهيو ته بيزار ماڻهن ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشت مان نڪرڻ جي همت ٿيندي. ان جو سڌي ريت مطلب اهو ٿيندو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.
لڳي ائين ٿو ته پي ٽي آءِ کي اهو اشارو مليو آهي ته رڳو پنجاب نه سنڌ کي به هٿ ڪرڻو پوندو. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائيندين ته سنڌ ۾ تنهنجي صورتحال بهتر ٿيندي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد سنڌ جي عوام کي بدتر حڪمراني ۽ لٽ مار کانسواءِ ڪجهه به ڪو نه ڏنو، ان ڪري عوام اڳي ئي بيزار آهي. ان بيزاري دوران عمران خان وٽ جيڪڏهن سنڌ بابت سنجيدگي هجي، سٺي حڪمت عملي هجي ته هو ڪراچي سان گڏ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به وڏيرن کي ڊينٽ وجهي سگهي ٿو. شهري وڏيرن سان گڏ اسان جا ڳوٺ وارا وڏيرا به پريشان آهن. ڀوتارن کي جيئن ئي پنڊي جي يارن اشارو ڪيو ته سڀ شلوار جا پائنچا مٿي ڪندي ڊوڙ پائيندا ۽ مڙي به پوئتي ڪو نه ڏسندا. گهٽ ۾ گهٽ ويهارو کن ته سنڌ ۾ اهڙا تڪ آهن، جتي صرف پنڊي وارن جي مرضي هلندي آهي. وقت اچڻ تي سڀني کي خبر پئجي ويندي.
اوچتو اوچتو عمران خان ۽ الطاف حسين ٻئي ڀائر بڻجي ويا. ”هڻ هڻ خبر آئي هي، خضر ساڊا ڀائي هي“ وارو مثال ورجائجي ويو. عمران خان جيڪو يوٽرن جو بادشاهه ٿو سڏجي، خبر ناهي هي سٽون ڇپجڻ تائين سندس موقف ايم ڪيو ايم جي باري ۾ تبديل به ٿي وڃي. پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ 23 اپريل تائين ڪراچي ۾ ائين ئي ايم ڪيو ايم جي سامهون بيٺي رهي، اليڪشن ۾ فرشتن سنجيدگي ڏيکاري، پولنگ اسٽيشنون ۽ بيلٽ باڪس يرغمال نه بنيا، بند ڪمرن ۾ ٺپا نه لڳا، پرزائيڊنگ آفيسرز غير جانبدار رهيا ته پي ٽي آءِ جو عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم کي سندس گهر ۾ شڪست ڏئي سگهي ٿو، پر جي ائين نه ٿيو، عمران خان وري ايم ڪيو ايم جي حمايت ۾ ڪو يوٽرن ورتو ۽ روايتي انداز ۾ اليڪشن ٿي ته پي ٽي آءِ پنهنجي پراڻي ساک به وڃائي ويهندي.