ڪراچي ۾ ڄمندڙ، رهندڙ ۽ پرائمري کان سيڪنڊري توڙي ڪاليج جي تعليم پرائڻ کانپوءِ به ڌرتي ڌڻين سنڌ ڄاون جو اسانجي هن شهر ڪراچي جو ڊوميسائيل نٿو ٺهي. ڊي سي آفيس ۾ ڊوميسائيل ٺاهڻ وارا ٿا چون توهان جي سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو ڳوٺ جو لکيل آهي تنهن ڪري توهان جو ڊوميسائيل ڳوٺ مان ئي ٺهندو.
هلو سائين نادرا آفيس وياسين نادرا جي آفيس ڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو مٽرائڻ ته اتي وري انهن جون گهرجون ئي ايتريون آهن جو انهن کي پورو ڪندي ڪندي پاڻ تي به شڪ ٿيڻ شروع ٿيو وڃي ته اسان هن ڌرتي تي ڄاوا به آهيون يا آسمان مان اڇلايا ويا آهيون؟ ڄمڻ جو سرٽيفيڪيٽ هن شهر جو، پرائمري تعليم جو سرٽيفيڪيٽ به هن شهر جو، ميٽرڪ توڙي انٽر جا سرٽيفيڪيٽ پڻ هن شهر جا، پيءُ ۽ ماءُ جا سڃاڻپ ڪارڊ به هن شهر جا پوءِ به نادرا وارا چون ٿا گهر جا ڪاغذ کڻي اچو اهي ڏسي پوءِ مستقل ايڊريس ڳوٺ جي مٽائي ڪراچي جي ڪنداسين. هي وٺو گهر جا ڪاغذ به ڏئي ڇڏيا هاڻ ته سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل ايڊريس ڪراچي وارو لکو؟ هاڻ وري نئون اعتراض واري ڇڏيائون ته اوهان جو ته گهر ليز ئي ڪونهي جڏهن ته نئون قانون آهي ته مستقل پتو رڳو ليز گهر جي ڪاغذن کي ڏسي پوءِ لکبو…! سائين ڪراچي ۾ اسان جنهن گهر ۾ چوٽيهه سال رهيا سين اسان جو ته اهو ئي گهر ليز ناهي ٿي سگهيو پوءِ هاڻ ڇا ڪيون؟ ڪراچي جون اڌ سنڌي وسنديون ته ليز ئي ناهن هتان جا رهواسي جيڪي هن شهر ۾ پنهنجن اباڻن ڳوٺن مان نوڪري ۽ ڪاروبار لاءِ ورهين کان لڏي آيل آهن جن جي اولادن جا اولاد به هن شهر ۾ ڄاوا آهن، پر وڏڙن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو ڳوٺ جو آهي تنهن ڪري انهن نوجوان مرد توڙي عورن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي نادرا وارا هاڻ نئون اعتراض لڳائي مستقل ايڊريس هن شهر ڪراچي جو نٿا لکن؟ هڪ غريب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ جنهن پنهنجي ڳوٺ مان هڪ اڌ ايڪڙ يا ڪجهه جريب زمين، يا مال مينهون، ٻڪريون کپائي ۽ پورهيو ڪري هن شهر ۾ گهر ته خريد ڪري ورتو ۽ هاڻ جيڪو مشڪل سان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي اهو ڪيئن اڄ جي مهانگائي واري دؤر ۾ گهر جا ڪاغذ پورا ڪري، ليز ڪرائي سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل ايڊريس شهر ڪراچي جي لکرائي جنهن کان پوءِ وڃي پنهنجي اولاد لاءِ ڪراچي شهر جو ڊوميسائيل ٺهرائي؟
ڪنهن به قوم يا ٻولڳ جو نالو کڻن کانسواءِ اوهان کي ٻڌائجي ٿو ته سڄي ملڪ توڙي پرڏيهي ڌاريا ۽ غير سنڌي اچي هن شهر ۾ سوسائٽيز جي نالن سان ڪالونيون ۽ فليٽس ٺاهي انهن کي ليز ڪرائي هن شهر جا مالڪ بڻجي ويا پر اسان سنڌي اڃا به اُن ڀوتارڪي ذهنيت مان نه نڪري سگهياسين، اڄ به وڏيرا ۽ رئيس سنڌ جي مختلف شهرن مان اچي هن شهر ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ته ڪرائين ٿا پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته هتي به ڳوٺن جيان سنڌي وسندين کي ڪچي آبادي ۽ ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ جوڙائي انهن ڳوٺن ۾ رڳو پنهنجا بنگله پنج، پنج سو ۽ هزار هزار گز تي اڏي ڳوٺن جيان اوطاقون ٺاهي وڏيرڪي سوچ رکي هن ميٽروپوليٽن شهر ڪراچيءَ ۾ به رڳو پنهنجي واه واه ڪرائي ان ۾ خوش ٿيو ويٺا آهن، غريب مسڪين ساڳيو سورن ۾. جيتوڻيڪ هن شهر ۾ ڪو اڄ به کير جون نديون ته نٿيون وهن تنهن هوندي به سڄو ڪراچي گهمي ڏسو آئون دعوا سان ٿو چوان جتي جتي به سڀ کان وڌيڪ گند ڪچري جا ڍير، ڪچيون گهٽيون، بنيادي سهولتن ۾ پاڻي بجلي گئس جي کوٺ، نڪاسي جو نظام تباه يا ناڪاره ڏسڻ ۾ ملي پڪ سان سمجهو يا مون کان لکي وٺو اُهي آباديون اُهي وسنديون سنڌين جون يا سنڌي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت جون هونديون. سمورن وس وارن دوستن کي اپيل آهي ته ذاتي طور دلچسپي وٺي هن مسئلي کي وڏي پئماني تي کڻي مستقل طور حل ڪرايو وڃي، هي مسئلو رڳو اسانجي گهر جو نه پر سمورن سنڌ واسين جو آهي جيڪي هن شهر ۾ ورهين کان رهن ٿا انهن سان هيءَ تمام گهڻي ذيادتي ٿي رهي آهي.