وزيراعظم کان ٿيندڙ استعيفيٰ جو مطالبو: صاحب خان ڀٽي

وڏي ڪورٽ جي وڏي فيصلي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر سياستدان ميدان تي لهي آيا آهن، ڪجهه جماعتون سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مٺايون ورهائي رهيون آهن ته ڪجهه وري سپريم ڪورٽ جي ججن کي سلام پيش ڪري رهيون آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪندي وزيراعظم نوازشريف کان ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه اڳواڻ چئي رهيا آهن ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نوازشريف جي حق ۾ آهي ته ڪجهه وري عمران خان جي حق ۾ قرار ڏئي رهيا آهن، مطلب ته ٻئي پارٽيون فيصلي تي خوش نظر اچي رهيون آهن پر پيپلزپارٽي هن ڀيري ن ليگ کان ٿورو وڌيڪ ئي ڪاوڙيل نظر اچي رهي  آهي، جنهن سبب وزيراعظم کان فوري طور استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو  آهي، ق ليگ اڳواڻ چوڌري  شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي ڪجهه ڏينهن چار پارٽين جو اجلاس ٿيو هو ، ايتري قدر جو جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قيادت چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن بعد هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم کان  به استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو هو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيو آهي ته پاناما فيصلو تاريخي هو، جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. عمران خان ته اهو به چيو هو ته تاريخ ۾ پهريون ڪنهن وزيراعظم خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پيپلزپارٽي جي  حڪومتي دور ۾ ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به هٽايو ويو آهي ته پوءِ آخر ڪهڙي ريت اهو تاريخ ۾ پهريون ٿيو آهي،

هڪ ٻي اڳوڻي وزيراعظم خلاف قانوني ڪارروائي شروع ٿي هئي، وزيراعظم نوازشريف پهريون وزيراعظم آهي جنهن جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي کي به وفاق جون ناانصافيون ۽ زيادتيون ياد اچي ويو آهن، جنهن سبب هڪ ٻه ڏينهن اڳ سڄي سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، پاڻي جي کوٽ ۽ مسئلن خلاف ڌرڻا هنيا ويا هئا پر ان باوجود ن ليگ جي ڪن تي جونءَ به نه چري هئي، هونءَ ته سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ناانصافيون ٿينديون پيون اچن پر ان باوجود پيپلزپارٽي طرفان  اهڙي نموني احتجاج نه ڪيو ويو هو، جهڙي ريت هن وقت احتجاج ڪيو پيو وڃي، هونءَ ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي پر ان باوجود ان اهم مسئلي تي پيپلزپارٽي طرفان ڪڏهن به اهڙي ريت احتجاج نه ڪيو ويو  آهي، جهڙي ريت هن وقت ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اهڙا  ڪيترائي ڪچي جا علائقا آهن جتي بجلي جي سهولت نه هئڻ جي برابر آهي، ايتري قدر جو  ڪيترن ئي ملازمن کي پگهارون به نه ملي رهيون آهن جيڪي روزاني جي بنياد تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن جي دانهن ورنائڻ وارو ڪير نه آهي، جڏهن  سنڌ جي استادن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويو هو ته ان وقت سنڌ حڪومت طرفان انهن استادن تي واٽرڪينن ۽ لاٺي چارچ جو استعمال ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو ٻين پارٽين طرفان به احتجاج ڪيا ويا هئا  پر انهن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي.

بهرحال هن وقت پيپلزپارٽي وفاق کان تمام گهڻو ناراض نظر اچي آهي، جنهن سبب وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو هو ته هنن ن ليگ جو ساٿ ان ڪري ڏنو هو جو کين جمهوريت کي بچائڻو هو، پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا، اهڙي صورتحال باوجود وزيراعظم نوازشريف  هن وقت تائين پيپلزپارٽي سان ڪا خاص ڳالهه نه ڪئي آهي ۽  نه ئي وري هن وقت تائين سمررين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ٻنهي پارٽين  ۾ ويڇا وڌي ويندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ چيو هو ته کين خدشو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي ساٿين کي متان طالبان کي وڪرو نه ڪيو وڃي ۽ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن سندن هڪ ماڻهو کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ڪيس وفاقي حڪومت تي داخل ڪرايو ويندو. هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي آصف زرداري جي ويجهي ساٿيجي گمشدگين تي نواز سرڪار کان بلڪل ناراض نظر اچي رهي آهي، باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  جي ته ان طرفان هن ڀيري ڪو خاص رد عمل نه ڏيکاريو ويو آهي،

پاناما ڪيس جي فيصلي بعد جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون کوڙ ساريون جماعتون وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن پر ان باوجود ن ليگ اڳواڻ پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد خوشي وچان مٺايون به ورهائي رهيا آهن، هڪ طرف حڪمران جماعت جا ڪارڪن جشن ته ٻي طرف مخالف تنظيمون وزيراعظم نوازشريف کي فوري طور وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ جو مطالبو  ڪندي نظر اچي رهيون آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ته وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ڪرپٽ چئي ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو  آصف علي زرداري بابت بيان ڏيندي اهو به چيو آهي ته آصف زرداري ڪرپٽ آهي پر منافق نه آهي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به وزيراعظم کي عهدو ڇڏڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي بعد وزيراعظم نوازشريف صادق ۽ امين ناهي رهيو، جنهن سبب کيس عهدي تي نه رهڻ گهرجي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ به ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته نون ليگ اڪثريت  ۾ آهي، ڪنهن ٻئي کي به وزيراعظم بڻائي سگهجي ٿو، جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڀلي ٻيهر وزيراعظم ٿئي جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جماعتون پاناما فيصلي تي وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ راضي ڪري وٺنديون يا وري ماضي جهڙي ريت ڌرڻن ۽ احتجاجن واري سياست شروع ڪئي وئي هئي، اهڙو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويندو، بهرحال هن وقت سڄي ملڪ صرف هڪ بحث ٿي رهيو آهي اهو پاناما ئي آهي، هن ڀيري تحريڪ انصاف بدران پيپلزپارٽي نواز ليگ تي ٿورو وڌيڪ ڏمريل نظر اچي رهي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي جو هن ڀيري وزيراعظم نوازشريف پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي جي احتجاجن بابت ڪو خاص بحث ڪيو ويو آهي. رهي ڳالهه وفاق طرفان سنڌ ٿيندڙ زيادتين جي ته اهو ڪا نئين ڳالهه نه آهي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان قومپرست ڌريون احتجاج به ڪري رهيون آهن پر انهن جي احتجاجن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو هو، هاڻ صرف فرق ايترو آهي جو پيپلزپارٽي  وفاق جي ناانصافين جو راڳ ڳائي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صرف وفاق کي گيس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ته ان وقت نواز ليگ اڳواڻ خاموش ٿي ويا هئا، ان مان صاف ظاهر آهي ته وفاق سنڌ کي ڪيترا حق ڏئي رهيو آهي، معدني وسيلن جي ڦرلٽ بابت صرف سنڌ جي ڪامورن کي ئي خبر آهي پر افسوس جو اهو اعليٰ ايوان ۾ ان بابت آواز نه اٿاريندا آهن، جيڪڏهن سنڌ جا وزير چاهين ته وفاق ڪڏهن به سنڌ جي حصي جو پاڻي، بجلي ۽ گيس روڪي نه ٿو سگهي ۽ سنڌ کي سمورا حق ملي ويندا.

Sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *