ورچوئل يونيورسٽي – ايجوڪيشن ٽيڪنالوجي ۾ سڀ کان اڳيان : قمر رياض

ورچوئل يونيورسٽي پاڪستان جي پهرين غير روايتي، ٽيڪنالوجي جي بنياد تي ڪم ڪرڻ واري انتهائي جديد يونيورسٽي آهي، جيڪا پاڪستاني سرڪار 2002ع ۾ قائم ڪئي. ورچوئل يونيورسٽي پوري مُلڪ جي بهترين فيڪلٽي جي ذريعي اعليٰ معيار، آسان رسائي ۽ گهٽ لاڳت جي ڪري عالمي معيار جي تعليم جي فراهمي سان پاڪستان ۾ تعليم جو معيار بلند ڪري رهي آهي. فيڊرل چارٽر جي حصول سان يونيورسٽي جي لاءِ ممڪن ٿيو ته اُها جديد تعليم، جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي جي ڪري ورچوئل جغرافيائي سرحدن کان مٿاهين ٿي، بهترين فيڪلٽي جي خدمتن جو فائدو ڏئي. جغرافيائي حدن کان قطع نظر سڀني شاگردن جي لاءِ هيڪڙائي کي ممڪن بڻايو. ورچوئل يونيورسٽي جو بنيادي مقصد پوري مُلڪ ۾ سڀني سماجي ۽ معاشي رڪاوٽن کي دور ڪندي مُلڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ بنا ڪنهن فرق جي معيار جي تعليم جي فراهمي سان پاڪستان ۾ تعليم جو معيار بلند ٿي رهيو آهي. هي نظام تعليم ويڊيو ليڪچرز ۽ انٽرنيٽ رابطي تي مشتمل آهي. ويڊيو ليڪچر يونيورسٽي جي پنهنجي ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۾ ريڪارڊ ۽ نشر ڪيا ويندا آهن. ورچوئل يونيورسٽي مُلڪ جي واحد يونيورسٽي آهي، جنهن جا پنهنجا چار ٽي وي چئنل آهن. بهترين پروفيسرز ۽ ايڪسپرٽس جي ذريعي ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جي لاءِ جديد ۽ معياري ڪورسز ترتيب ڏيندي آهي. هي ڪورسز جديد ترين ٽيڪنالاجي، سامان ۽ آرامده ماحول کي پيش نظر رکي ڪري خاص طور تي تيار ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاگردن جي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ  ۾ اُنهن جي صلاحيتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ورچوئل يونيورسٽي ٽيليويزن، انٽرنيٽ، سي ڊيز جي ذريعي تعليم جي واڌاري ۾ مصروف آهي. اعليٰ معيار جا هي ليڪچر مُلڪ جي ٻين يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ ٽي وي نشريات جي ذريعي مفت دستياب آهن. جديد ٽيڪنالاجيز ۽ قومي انتظامي ڍانچي کي ڪم آڻيندي ورچوئل يونيورسٽي پوري مُلڪ جي خاص طور ٻهراڙي وارن علائقن جي شاگردن کي هڪ مثالي تعليمي ماحول فراهم ڪيو آهي. مُلڪ ۾ پهريون ڀيرو ڏورانهن علائقن سان تعلق رکڻ وارن شاگردن جي رسائي ماهر پروفيسرن تائين ممڪن ٿي، جيڪي پهرين صرف وڏن شهرن جي شاگردن تائين محدود هُئا. شروعاتي نتيجن مان هيءَ ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اسان جي ٻهراڙين ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکڻ وارن شاگردن جي لڪل صلاحيت ۽ ذهانت هاڻ کُلي سامهون اچي رهي آهي. اُن سان مُلڪ جي معاشي حالتن جي بهتريءَ ۾ مدد ملندي. شاگرد گهر ۾ رهي يا ورچوئل ڪيمپسز جي ذريعي، جيڪي مُلڪ ۾ اڪثر جاين تي ڦهليل آهن، ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. اهي ڪيمپسز شاگردن کي اليڪٽرونيڪلي ليڪچرز، ڪمپيوٽرز ليبارٽريز تائين رسائي فراهم ڪن ٿا، نه صرف اهو بلڪه شاگرد پنهنجي استادن سان به رابطي ۾ رهن ٿا. انهن ڪيمپسز جو هڪ فائدو هي به آهي ته شاگرد پنهنجي ساٿين سان گڏ به رابطي ۾ رهندا آهن ته جيئن گروپ اسٽڊي ممڪن ٿي سگهي. ڪيمپسز جي وچ ۾ گڏيل مقابلن به تعليم جي جذبي ۽ ڪاميابي جي راهه هموار ڪئي آهي. ورچوئل يونيورسٽي ۾ ماليڪيولر بائيالوجي ليب جو قيام بائيو انفارميٽڪس جي شاگردن جي لاءِ اهم پيش رفت ثابت ٿيو آهي. ورچوئل يونيورسٽي هر شعبي ۾ تعليم ۽ سروسز جي فراهمي کي معياري ۽ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوالٽي انهانسمنٽ سيل قائم ڪيو آهي. جنهن ذريعي ماڻهن ۾ ورچوئل يونيورسٽي جي تعليم واري نظام ۽ ڊگرين جي حوالي سان اعتماد سازي جي قدمن، هر مضمون ۾ پڙهائي جي معيار تي مسلسل نظر، پروگرامز جي بهتري جي لاءِ تفصيل ۽ نون پروگرام جي منظوري جي طريقيڪار، شاگردن جو فيڊبيڪ، مضمون جي جائزي ۽ اداري جي ڪارڪردگي جو تعين ڪرڻ شامل آهي. هڪ تعليمي اداري جي طور تي ورچوئل يونيورسٽي جي خدمتن کي مُلڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي به ساراهيو ويو. ورچوئل يونيورسٽي ”نيٽ ورڪنگ ڊسٽنس لرننگ ٽيڪنالوجي انجنز فار ريسرچ“ ۽ ”اوپنيس اينڊ ڪوالٽي ان ايشين ڊسٽنس ايجوڪيشن“ تحت هڪ وڏي تعداد ۾ تعليمي ادارن جن جو تعلق، ڀوٽان، ڪمبوڊيا، سري لنڪا، انڊيا، انڊونيشيا، جاپان، لائوس، مليشيا، منگوليا، فلپائن، ٿائي لينڊ ۽ ويٽنام سان آهي، جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. انهن پراجيڪٽس ۾ رهنما وارو ڪردار نه صرف وي يو جي لاءِ بلڪه پاڪستان جي لاءِ به اعزاز جي ڳالهه آهي. اُن جي اوپن ڪورس وئير ويب سائٽ جي بين الاقوامي سطح تي پذيرائي ۽ اعزاز حاصل ڪرڻ ان ڳالهه جو دليل آهي. اُن کان علاوه ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي ڪمپيوٽر پروفيشنسي لائسنس جي ذريعي پرانهن علائقن ۾ ڪمپيوٽر جي بنيادي تعليم فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن پاڪستان ۾ ٽيڪنالوجي جي حوالي سان علم جي حاصلات ۾ ايندڙ رُڪاوٽن کي دور ڪري سگهجي. وي يو MIT’s بلوسم انيشيٽيوئز جو به هڪ متحرڪ ميمبر آهي. بلوسم انيشيٽيوئز جو مقصد حساب ۽ جنرل سائنس جو تدريسي طريقو آسان بڻائڻ آهي. ميمبر آرگنائيزيشنز جو تعلق يو ايس اي، پاڪستان، لبنان ۽ جورڊن سان آهي. وي يو جا ڪيترائي گريجوئيٽ سول سروسز، سمنڊ پار ڊاڪٽريٽ ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي شاگردن مُلڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. ڪيترن ئي مُلڪي ۽ بين الاقوامي، نالي اُردن سافٽ ويئر هائوسز وي يو گريجوئيٽ جي خدمتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. مٿي ڄاڻايل حقيقتن ورچوئل يونيورسٽي جي وڌندڙ اهميت ۽ مُلڪي ترقي جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو. نئين ڊگري پروگرامز متعارف ڪرائڻ سان ورچوئل يونيورسٽي مُلڪ جي معاشي ۽ سماجي فلاح ۽ بهبود ۾ نه صرف اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي،

بلڪه مُلڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي يونيورسٽين سان معاهدن سبب جديد ۽ معياري تعليم جي راهه هموار ڪئي آهي. ورچوئل يونيورسٽي پوري مُلڪ جي سڀني شاگردن کي معياري تعليم جي فراهميءَ سان گڏ هڪ ئي سطح تي آڻڻ گهري ٿي ته جيئن اُهي به مُلڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. اُن اداري مختصر عرصي ۾ پاڻ کي جديد ۽ معياري تعليم جي فراهمي جي لاءِ هڪ مستند اداري طور مڃرايو آهي. مُلڪ جي 95 شهرن ۾ 200 ڪيمپسز جو قيام ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. هر نئين سمسٽر ۾ شاگردن جو وڌندڙ انگ، ان جي ڪاميابيءَ جو روشن دليل آهي ته يقينن ورچوئل يونيورسٽي مُلڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ علم جي شمع سان جهالت جي انڌيرن کي مات ڏيڻ چاهي ٿي.

************************

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *