هڪڙو هو استاد بخاري: رکيل مورائي

ڄ استاد بخاريءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهن سندس ورسي ملهائي هڪ رسم پوري ڪئي ويندي. جيئن انساني جذبي هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون ورسيون ملهائڻ جو هڪ سبب کين ياد ڪرڻ  به آهي. جيتوڻيڪ سندن هر ڇپيل ڪتاب سندن يادن طور قومن وٽ محفوظ هوندو آهي، شايد هڪ سبب اهو به آهي ته سندن ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي، اسان پنهنجي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍيندا آهيون ۽ ايئن مستقبل ڏانهن پنهنجي اندر نسل کي رستو ڏيکاريندا آهيون. ڪنهن به اهڙي رسم کان اڳ يا پوءِ ، اسان پنهنجي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حقيقي معنيٰ ۾ اعزاز ڪهڙو ڏيندا آهيون، جيڪو اصل معنيٰ ۾ انهن کي ڏيڻ گهرجي.

اڄ جڏهن استاد بخاريءَ جي قبر تي گل چاڙهيا ويندا، کيس ڀيٽا ڏني ويندي، سندس اعزاز/ياد ۾ چڱوئي خرچ ٿيندو، ان موقعي تي کيس اصل ڀيٽا ڪير ڏيندو؟ اڄ جي نوجوانن ۾ ڪيترا اهڙا نوجوان هوندا جن ڏهين آڪٽوبر ٻه هزار تيرهن کان نائين آڪٽوبر ٻه هزار چوڏهن تائين پنهنجي هڪ ڏهاڙي مان صرف هڪ ڪلاڪ ڪڍي سندس ٻن درجن ڪتابن نئين سر اڀياس ڪيو هجي ۽ هڪ لاجواب پيپر لکيو  هجي، جنهن منجهان اسانکي استاد بخاري جي شاعريءَ جا ڪي نوان نقطا، نوان احساس، نوان رومانس، نوان فلسفا ۽ نئين احساسداري پلئه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته انهن شخصن کي ڪلاڪ ڪلاڪ ڳالهائڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي، هڪ ئي وقت سَون ماڻهن جو اهو وقت ڇو ٿو ضايع ڪيو وڃي، ٻن ڏهاڪن جي وٿيءَ بعد به اسانکي اهڙو پيپر نه ملي سگهيو آهي، جنهن استاد جي شاعريءَ جا ڪي نوان پهلو ظاهر ڪيا هجن.

اڄڪلهه اسانجي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ورسين تي لکندڙن جون ڪجهه به لکڻ وقت سمورين توانايون ان ڳالهه تي ختم ٿين ٿيون ته لکندڙ جو لکيو ويندڙ سان ڪيترو ويجهو تعلق هئو، ايئن جنهن تي لکيو وڃي ٿو اهو رهجي وڃي ٿو ۽ جيڪو لکي ٿو اهو مٿي اڀري اچي ٿو. مجموعي طور اسانجي ادب ۾ جيترو اديبن ۽ شاعرن تي شخصي طور ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. اوترو سندن ادب تي نه لکيو ويو آهي ۽ نه ڳالهايو ويو آهي، ايئن استاد بخاريءَ جهڙي، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي نرالي جڳهه حاصل ڪندڙ شاعر تي به نه لکيو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ خاص ۽ استاد بخاريءَ جي حوالي ۾ عام ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.

استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ گهڻي قدر سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، هن جا موضوع پنهنجا آهن، هن جي ٻولي پنهنجي آهي، هن جو لهجو پنهنجو آهي، ڪنهن به اعليٰ شاعر وٽ ٻيو ڇا هجڻ گهرجي.

اياز، تنور، شمشير ۽ امداد جي موجودگيءَ ۾ استاد جي شاعري ايتري نرالي آهي، جنهن تي معجزي جو گمان ٿئي ٿو. استاد بخاري جي شاعريءَ جا بنياد پنهنجي راويت تي بيٺل آهي. اها روايت جيڪا سچ پچ، عوامي آهي، هت سندس روايت جو ذڪر سندس واتان ٻڌل شاعري نه آهي. پر ڪتابن ۾ ڇپيل اها شاعري آهي،جيڪا اڄ استاد جي جسمانيءَ طور نه هجڻ کانپوءِ به اسانجي آڏو آهي، ٻي روايت شآعري ۾ شعر پڙهڻ واري آهي، جيڪا عارضي آهي، تنهن هوندي به استاد پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندو رهيو ، ڪيترائي شاعر مشاعرن ۾ ته پنهنجي موجودگي شدت سان محسوس ڪرائي سگهيا، پر ان قوت سان پني تي اڀري نه بيٺا، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو چڱوئي حصو پني تي پڻ اڀري بيٺو آهي، جنهن کان وڌيڪ سندس موجودگيءَ محسوس ٿيندي هئي. سنڌي ٻولي وري استاد بخاري جهڙو شاعر پيدا ڪندي، جنهن کي سچ پچ عوامي شاعرن ڪوٺي سگهجي. شايد اسانکي گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته استاد بخاري شاعر جي ان لسٽ ۾ نه آهي، جنهن کي ڳوليو وڃي. سندس قدر ايترو وڏو آهي جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ نه ان کي ڪو گهٽائي سگهندو نه ئي ان کي وڌائي سگهندو.

استاد بخاري سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏي حلقي جي اتساھ جو سبب پڻ رهيو آهي. اڄ به سندس ڪتاب تيزيءَ سان وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن ۽ بار بار ڇپجندا رهن ٿا.

گهڻن ئي شهرن وانگر دادو پڻ شهر نه پر هڪ احساس آهي. جنهن ۾ استاد بخاري جي شاعري شاھ کڻي ٿي ۽ محسوس ٿئي ان ڪري هو سدائين جيئرو رهڻو آهي. رسمي طور هن کي ياد ڪري ڄڻ اسان پاڻ کي ياد ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اهڙو شاعراڻو ورثو آهي، جنهن تي اسانکي فخر محسوس ٿئي ٿو. ان سان گڏ تڪليف به محسوس ٿئي ٿي جڏهن استاد تي هڪ درجي کان هيٺ لهي ڳالهايو ٿو وڃي ۽ پڙهيو ٿو وڃي. استاد جو اڀياس جنهن سطح تي ٿيڻ گهرجي انتظاميا کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ استاد کي انهن جو وارثيءَ کان به بچائڻ گهرجي. جن استاد کي ادب ۾ لاوراثي ڏانهن ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر استاد جي شاعريءَ سنڌ جي مضبوط وارثي حاصل ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌ جي شاعري هئي، سنڌين جي شاعري هئي ۽ وڌيڪ ته اها سندن جذبن جي ترجمان شاعري هئي.

استاد جي شاعري سنڌ جي اهڙي سونهن آهي جنهن تي ڪو به شخص موهت ٿي سگهي ٿو ۽ اهو موھ هو سدائين لاءِ پنهنجي دل ۾ سانڍي سگهي ٿو. استاد سدائين اسان جي وچ ۾ هئو. اسين سڀ سندس آس پاس هئاسين، اڄ هو پاڻ نه آهي، اسان کان وڇڙي ويو آهي. تڏهن ئي ته سندس ورسي ملهائي رهيا آهيون. هو جيڪو سانگين جي وچ سدائين سالگرهون محسوس ٿيندو هئو.

سانگين مان گڏ سالگرھ مان، وڇري ويس ته ورسي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.