هٿيارن جي رد ٿيل لائيسنس تي عمل ٿيڻ گهرجي..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ٿيڻ وارو آهي.جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ٿيڻ واري اليڪشن جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا تمام گهڻا اثر پيل آهن.ڇو ته پنجاب کان ويندي سنڌ ۾ پهرين مرحلي اندر ڌانڌلين جا الزام ۽ هٿيارن جي نمائش جي ڪري ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشن بند ٿي ويون ۽ ڪيترن پولنگ اسٽيشنن تي ووٽر پنهنجا ووٽ ڪاسٽ نه ڪيا.انهي جو ڪارڻ اهو هو ته عوام هٿيارين جي نمائش ٿيڻ ڪري ڊپ ۽ حراس جي ماحول ۾ رهي .تنهن ڪري هنن پنهنجي جاني نقصان کان بچڻ ڪري.مڪاني چونڊن جي ڏينهن پنهنجو سمورو وقت پنهنجي گهر جي چارديواري ۾ گذاريو.جڏهن ته پنجاب جي ضلعن مان مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي اندر لاهور کان سموري پولنگ اسٽيشن جي تي ڌانڌيلن ٿيون ۽ خاص ڪري پي ٽي آءِ ن ليگ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون.جنهن ڪري مڪاني چونڊن جي ڏينهن وقت جو زيان ٿيون ۽ پولنگ به پوري طرح کان پنهنجي وقت تائين هلي نه سگهي.جڏهن ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي پنجاب جي مختلف پولنگ اسٽيشن جي جهيڙن جا واقعا سموري ڏينهن ٽي چيئنل جي زينت بڻِيا پر پنجاب اندر انهي ڪارڪنن جي ٿيل جهيڙن ۾ نه ئي ڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمي ٿيو ۽ نه ڪو مارجڻ جو اطلاح مليو.پر انهي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ضلعن ۾ نه رڳو ڌانڌليون ٿيون پر صبح سويري پولنگ اسٽيِشن شروع ٿيڻ کان پهرين مختلف ٽي وي چيئلن هٿيارن جي نمائش ڏيکارڻ شروع ڪري ڏني.پر جيئن تي مختلف پولنگ اسٽيشن تي وڏين گاڏين م ويٺل انهن نقاب پوش ماڻهن کي خطرناڪ هٿيارن سميت ڏيکاريو ويو.پر حڪومت طرفان انهي تي ڪو به عمل ڏسڻ ۾ نه آيو.ڇو ته جيڪڏهن واضع طور تي هٿيارن جي نمائش ڪئي پئي وئي ته حڪومت کي انهي هٿيارين جي نمائش کي روڪڻ گهرجي هان جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿي.جڏهن ته اها سڀني کي خبر آهي ته سنڌ انهي وڏيري پائي ۽ ڀوتار شاهي جو رواج عام آهي ۽ انهن وٽ جيستائين هٿيارن سميت گارڊ نه هجن تي کين سک ناهي ايندو ۽ اها به حقيقت آهي ته انهي وڏيري نظام اندر هن وقت قيبلين جون ذاتي دشمنيون ايتري ته حد تائين وڌي ويون آهن جو اهي مسئلن جي ڄار م ڦاسي پيون آهن جيڪي حل ٿيڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن.جڏهن ته سنڌ اندر اها روايت رهي آهي ته انهي دشمني جو فائدو يا ته سياسي جلسي جلوس ۽ شادي جي ڪاڄ يا ته وري اليڪشن جي وقت ورتو ويندو آهي.۽ اها به حقيقت آهي ته هٿيارن جي نمائش جڏهن به ٿي آهي ۽ انهي هٿيارين جي نمائش هميشه وڏيون خون ريزيون ڪرايون آهن.

مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي اندر به ڪجهه اهڙي صورتحال سامهون آهي جڏهن درازاه شريف اندر ٿيڻ واري مڪاني چونڊن ۾ هٿيارن جي نمائش سري عام ٿي ۽ انهي جو نتيجو اهو نڪتو ته انهي هٿيارن جي نمائش 12انساني زندگي جو موت جو ڪارڻ ٻڻي.جڏهن ته سنڌ اندر جيڪي ضلعا احساس هئا حڪومت کي گهرجي ها ته انهي ضلعن اندر وڏي تعداد اندر فوج ۽ ريجنرز مقرر ڪري هان. ڇو ته اها خبر صبح سوير ئي پئجي وئي هئي ته جيڪا هٿيارن جي نمائش ٿي رهي آهي.اها انساني زندگي جو الميو ضرور بڻبي.انهي ڪري حڪومت انهي طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو هيٺ نيتجو اهو نڪتو ته درازاه شريف اندر اهو اوقعو پيش آيو.جڏهن ته واقعو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت ته چيو ته اسان انهي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا. پر حقيقت طور اگر حڪومت سنجيدا هجي ها..ته شايد اهي نه ٿئي هان.برحال وقت ويو هليو آهي.پر اڄ وقت آهي ۽ اڄ وري به مڪاني چونڊون آهن ۽ سياسي ماحول جي گرما گرمي آهي.جڏهن ته مڪاني چونڊن کان پهرين ٻه حڪومت هٿيارن جي لائيسنس تي مڪلمل پابندي هڻي ڇڏي آهي.جڏهن ته بدين اندر ڪالهه جيڪي به آخري ريليون مختلف سياسي اڳواڻڻ ڪيون انهي اندر سري عام هٿيارن جي نمائش ڏسڻ ۾ آهي،جڏهن ته حڪومت طرفان پابندي هجڻ باوجود به هٿيارن جي نمائش ڏسڻ ۾ آئي انهي ڪري .سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت جيڪا علان ڪري ٿي انهن تي عمل ڇو ڪون ٿي ڪرائي سگهي.

جيڪڏهن حڪومت علان ڪري به انهي اعلان تي سختي سان نوٽيس وٺي ڪري عمل ڪرائي.ڇوته بدين ضلعي جي اڪثر پولنگ اسٽيشون حساس آهن.جن اندر جهيڙا ٿيڻ جو امڪان آهن.جڏهن ته هٿيارن جي پابندي هجڻ باوجود به عمل ٿي به سگهيو آهي.انهي ڪري ڇا مڪاني چونڊن ۾ عوام حصو وٺي سگهندي.عوام به اها عوام جيڪا پهرين درازا شريف جو واقعو اکين سان ڏسيو ويٺي آهي.سرڪار پاران بدين ضلعي اندر وڏي تعداد اندر فوج ۽ ريجنرز مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.جيڪا تمام سٺي ۽ بهترين عمل آهي.جنهن جي حڪومت کي جس ڏيڻ گهرجي،پر اتي هڪ اهو سوال اهو به آهي حڪومت جنهن هٿيارن جي لائيسنس تي پاپندي هئني آهي انهي تي عمل ٿين گهرجي،ڇو ته عام ماڻهو وٽ هٿيارن هجڻ جهيڙي جي نشاني آهي.۽ انهي کي تڏهن روڪي سگهجي ٿو جڏهن انهي کي لڳل پابندي تي عمل ٿيندو.ڇو ته بدين تمام حساس آهي جتي وڏين سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ مهاڏو اٽڪيل آهي.تنهن ڪري حڪومت کي خاص طور بدين جي ٿيڻ واري مڪاني چونڊن جي ڌيان ڏيڻ جي خاص ضروت آهي.جيتوڻيڪ سنڌ جي 14۽ پنجاب جي ٻارهن ضلعن اندر ٿين امڪاني چونڊون لاءِ حڪومت کي سموري ضلعن ڏانهن به ڌيان ڏيڻو پوندو.ڇو ته پنجاب اندر حفاظتي انتظام سنڌ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر آهن.پر سنڌ اندر حفاظتي پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن.جڏهن ته اليڪيشن دوارن نقصان پنجاب کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٿيندو آهي.جهيڙا.هڪ ٻئي تي خوني حملا،پولنگن جو بند ٿيڻ.مخالف ووٽرن مارڪٽ ڪرڻ،اهو اليڪشن دوران عام رواجي ٿي ويندو آهي.جڏهن ته شروعات لتن مڪن کان ٿيندي آهي ختم ڪنهن جي موت تي وڃي ٿيندي آهي.تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي جي عوام جي ڪو جاني نقصان ٿيڻ ۽ ڌانڌلين کان صاف شفاف چونڊون ڪرائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.!۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت هٿيارن جي رد ٿيل لائيسنس تي مڪمل عمل ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *