’هُو چَوَنِئي تُون مَ چَؤُ واتان وَرائي ؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

هُو چَوَنِئي تُون مَ چَؤُ واتان وَرائي،

اَڳ اَڳرائي جو ڪري، خَطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، وَيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.

اخلاقيات ۾، وڏن اسان کي جيڪي سهڻا سبق سيکاريا آهن، انهن موجب ماٺ ۾ سلامتي آهي، بلڪه جيڪڏهن ڪير ڪاوڙ مان توهان کي ڪجهه چوي ته به ورندي نه ڏيڻ ئي فائديمند آهي. ماٺ پيغمبرن جو ورثو، نيڪين جي ڏات ۽ نيڪ گڻن جي بلنديءَ سان گڏ خدائي حڪم آهي.

عام طور تي اسين ڏسنداسين ته ماٺ ۾ وڏي برڪت ۽ خوبي آهي. چوڻي آهي ته ”جيڪي منجهه ماٺ، سو ڪڇڻ مان ڪونه ٿئي“ ڪجهه ماڻهو ڪاوڙيل، جذباتي طبيعت جا ۽ ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تي مشتعل ٿي ويندا آهن، ڪجهه جي زبانن ۾ بي صبري، بي شڪري، طعني خوري ۽ غيبت جو عنصر هوندو آهي. اهڙن کي ورندي ڏيڻ يا ساڻن بحث ۾ اچڻ ۾ پنهنجي عزت ۽ جان کي جوکو هوندو آهي. انهيءَ ڪري شاهه سائينءَ صبر ۽ ماٺ جي تلقين ڪندي، خاص چون ٿا ته، ”هو چونئي“ پر ”تون مَ چئو“ اهو ئي صبر، سهپ ۽ برداشت جو درجو آهي. خدا پاڪ بصير، عليم ۽ سڀ ڏسندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي، جيڪو اڳرائي ڪري ٿو، انهيءَ کي ئي نقصان پهچائي سزا ڏئي ٿو. صبر واري جو صبر مٿس ضرور ڪري ٿو، بي صبر ۽ بي شڪر ماڻهو، ڪيني ۽ حسد جهڙين برين لعنتن ۾ گهيريل هوندو آهي. حسد لاءِ حديث پاڪ آهي ته ”حسد انسان کي ائين کائيندو آهي، جيئن باهه ڪاٺين کي“ حاسد يا رقيب خود سڙي ٿو، کيس ڪيني جي ڪري ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي، پر اها به حقيقت آهي ته حاسد جو نقصان محسود کي ضرور ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهڙن شخصن کان پاسو ڪيو وڃي. بي صبر، وات هڻندڙ، طعنن جي تيرن سان ٻين جي دلين کي مجروح ڪندڙن جي هر قول ۽ فعل تي انسانيت لڄي هوندي آهي. انهيءَ سبب کان دنيا جي سڀني مذهبن ۾ ماٺ کي سلامتي قرار ڏنو ويو آهي. سهڻي سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ٿور کائڪ، ٿورو ڳالهائو، گهڻو ساڱائيندڙ، ڪڏهن به مصيبت ۾ نه پوندو“ ماٺ جو عمل سوچي سمجهي ٿو ڪيو وڃي جو تڪليف ده ۽ انساني ضبط جي قوت جو هڪ وڏو امتحان آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون به هونديون آهن جو اسين سؤ سيڪڙو حق بجانب هوندي به ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهيون، صرف انهيءَ لاءِ ته جيئن جهڳڙو ٽري وڃي يا ڪٿي ڪٿي مجبوريءَ کان به چپ هجون ٿا، جو ڪو داد فرياد ڪرڻ وارو ڪونه هوندو آهي، انهيءَ وقت جي خاموشي ائين آهي جيئن ”مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“ پر اها به ڪاميابي جي ضمانت ٿيندي آهي.

صبر جو ڦل مٺو هوندي به دين ۾ ڪجهه حالتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ حڪم ڏنل آهي ۽ خاص طور ظالم حاڪم اڳيان، سچ چوڻ جهاد آهي. ڪڏهن ڪڏهن خاموشيءَ جي ڪري ائين به ٿيندو آهي، جو ماڻهو بي سبب دٻجي وڃي ٿو ۽ ڪجهه عجيب حالتون پيدا ٿي وينديون آهن ۽ ڪجهه حالتن ۾ گهڻي خاموشي ڪوڙ، منافقي ۽ بزدليءَ ۾ به هوندي آهي، انهيءَ نڪتي تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته ماٺ جو معيار ڇا آهي؟ ۽ پوءِ ان کي ئي پنهنجو ڪرڻ کپي. ڪنهن ڪنهن وقت جيون ۾ اهڙو سمو به اچي ٿو، جو اسان کي پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي، ته پوءِ اعتدال ۽ ميٺ محبت سان پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.

ڏٺو وڃي ته زبان ئي آهي، جيڪا ماڻهو کي اعليٰ کان اعليٰ مقام ڏياري ٿي ۽ اها ئي زبان آهي جيڪا کيس هيٺ کان هيٺ ڪرائي ٿي. ساڳي زبان اس ۾ ويهاري ساڳي زبان ڇانوَ ۾ ويهاري، اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اها ئي زبان پٽ تي ويهاري، پوءِ جيڪڏهن زبان بادشاهي آهي ۽ زبان بي حيائي پڻ آهي ته پوءِ اسين ڇو نٿا غور ڪري سوچي سمجهي ڳالهايون؟ ڪنهن کي به پنهنجي قول ۽ فعل سان ايذاءَ ۽ اهنج نه رسايو. ”زبان ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي“ آهي، زهر به آهي ته امرت پڻ. انهيءَ جي استعمال تي سڄو دارومدار آهي، اهو به ماڻهوءَ جي وس آهي. صرف عقل، سمجهه، سهپ ۽ صبر سان دنيا ۾ هلڻ کپي. دليون رنجائڻ واري طعني خور، غصه ور، جهڳڙالو، منافق ۽ گلاخور کان هرڪو پاسو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جو اهڙي قسم جي ماڻهن جي زبان ضابطي ۾ نٿي هجي. ”جيترو قاعدو ايترو فائدو“ وانگر هر هڪ قول ۽ فعل ۾ اعتدال تمام لازمي امر آهي. تلوار جو گهاءُ ڀرجي سگهي ٿو، پر زبان جو زخم ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. سنگت ۾ يا آس پاس واري ڪنهن به شخص کي زبان تي قابو نه هجي يا سندس مزاج برهم هجي ته ان کان پاسو ڪرڻ بهتر آهي، ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:

ويٺي جَنين وٽ ڏکندو ڏاڍو ٿِئي،

سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصلُ هوءِ هزار جو.

اهڙا گهڻ ڳالهائو (وندرائيندڙ) دوست ئي گهوريا جن مان ڪو مقصد حاصل نه ٿئي، گهڻي ڳالهائڻ سان دل سخت ٿي وڃي ٿي، جيڪو مؤمن جي لاءِ وڏو نقصان ۽ سانحو آهي، دلين جو سخت ٿيڻ ئي رب کان دوري آهي. گهڻو ڳالهائڻ، دل آزاري ۽ جهيڙي جو باعث به هوندو آهي، اسان وٽ گهڻن کي نه وقت جو قدر ۽ نه ئي کين نفس جي محاسبي جو فڪر آهي.

*******(جاري)********

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *