هندن سان رويا بهتر ڪرڻ کپن …:ڊاڪٽر رابعه چانڊيو

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح چيو ته ”هاڻ هتي ڪير به سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، مهاجر، هندو يا مسلم ڪونهي، هاڻي هتي سڀ پاڪستاني آهن ۽ هتي سڀن کي برابر جا حق حاصل آهن، پر ڪجهه ئي وقت ۾ معاملا بلڪل ابتڙ ٿي ويا، هتي اقليتي برادري جي ماڻهن خاص ڪري هندن کي هر بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي،  مذهبن ۽ قومن وچ ۾ پيدا ٿيل اڻ برابري ۽ فسادن نه ڄاڻ ڪيتريون ئي جانيون گڙڪايون، ڪيترا ئي گهر اُجاڙيا، مذهبن وچ ۾ پيدا ٿيل نفرتن جو ٻج اڄ وڌي وڻ بڻجي ويو آهي ۽ انهن نفرتن جو شڪار خاص طور تي هندو برادري جي ماڻهن کي ڪيو وڃي ٿو، هتي هندو برادري جا ماڻهو ڪيترن ئي زيادتين ۽ ناانصافين کي منهن ڏين ٿا، ڪڏهن انهن جي نياڻين کي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن زوري مذهب مٽائي نڪاح ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪڏهن وري هندو ڀائرن کي ڦورو هئڻ جي ڪوڙن الزامن تحت قتل ڪيو وڃي ٿو، ڪيترن ئي مندرن کي ساڙي رک ڪيو ويو، جنهن سبب ڪيترائي هندو برادري جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن، پر انهن سڀن زيادتين تي ڪير آواز اٿارڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪير ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهي.

ٽي وي توڙي سوشل ميڊيا، جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ غيرضروري خبرون ته نشر ٿين ٿيون، پر ڪنهن جي به نظر ان ريشمه ڪولهي تي نه پئي، جنهن کي ريپ ڪرڻ بعد ڪڻڪ جي فصل ۾ اڇلايو ويو، اقتدار سنڀاليندڙ حڪمرانن کي ان معصوم ريشمه ڪولهي جو درد بلڪل به نظر نه آيو، جنهن کان اها تذليل برداشت نه ٿي ۽ هن پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ وسائي ڇڏيو! شايد ريشمه کي ان ڳالهه جو پتو هو ته هن کي هن بي حس سماج ۾ انصاف ملڻ وٽان ناهي، تنهن ڪري سڄي حياتي جي اذيت کان هن موت کي وڌيڪ ترجيح ڏني، نه ئي ان ٽنڊوالهيار جي مندر تي ڪنهن جي نظر پئي، جنهن کي تباهه ڪري ساڙي رک ڪيو ويو.

حڪمران جهڙي ريت هڪ ٻئي تي الزام تراشين ۽ غيرضروري دعوائن تي پنهنجو ٽائيم لڳائن ٿا، ايترو ٽائيم جي هندو برادري جي ڪنهن به هڪ اشو تي لڳائن ته ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، پر انهن جي ان حد تائين نظر اندازي مان لڳي ائين ٿو ته ڄڻ پاڪستان ٺهڻ مهل آئين ۾ هندن جي لاءِ ڪي به حق ڪونه رکيا ويا هئا، قومپرست توڙي سول سوسائٽي جا ماڻهو اهي دعوائون ته ڪن ٿا ته هندو ئي سنڌ جا اصل وارث آهن پر سچ ته اهي به زيادتين خلاف آواز اٿارڻ کان ڪيٻائن ٿا، يا ته اهي به بي حس بڻجي ويا آهن يا وري سندن ڪو خوف ڏياريو ويو آهي. سنڌ اندر جيئن ئي مذهبي عنصر وڌي رهيو آهي، تيئن ئي هندو برادري جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اڄ ڌرتي ڌڻي خوف واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهن جو هر نئون ڏينهن سندن لاءِ ڪا نه ڪا نئين واردات سان آجيان ڪري ٿو، هندو برادري جي ماڻهن کي اڪيلائي وارو احساس ڏياريو ويو آهي، ايتري اڪيلائي انهن ماضي ۾ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي، ڇو ته سنڌ اندر ماضي ۾ مذهبن تي ڪڏهن به ويساهه گهاتيون ڪونه ٿينديون هيون، هي ڌرتي سدائين پيار، امن ۽ ڀائچاري جي پرچار پئي ڪندي نظر ايندي هئي، پر اڄ لڳي ائين ٿو ته دشمنن سنڌ کي وڏي سازش تحت تباهه ڪرڻ جو سوچي ورتو آهي، جو هتي ڌرتي ڌڻي بي يقيني واري زندگي گذاري رهيا آهن. هندو نارين سان اغوا بعد زوري مذهب مٽائي نڪاح ڪرڻ کان وٺي ريپ جهڙن وارداتن جو سلسلو جاري آهي، پر ڪٿي به انصاف جي اميد نظر نٿي اچي، منيشا ۽ رنڪل ڪماري سان ڪهڙو انصاف ٿي سگهيو، جيڪي ڪيترن ئي مهينن تائين رڙيون ڪنديون رهيون ۽ جن جا والدين انصاف لاءِ تڙپندا رهيا، پر انهن کي انصاف نه مليو، ڇوته هتي جي عدالتن ۾ هندن جي لاءِ انصاف جا سڀئي دروازا بند ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت لڳي ايئن ٿو ته ريشمه سان به انصاف ڪونه ٿي سگهندو ۽ سندس ڏوهاري هڪ نئين ريشمه کي هڪ دفعو وري پنهنجي حوس جو نشانو بنائيندا، انهن سڀن زيادتين کي ڏسندي يا ته هندو برادري جي ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجو تحفظ ڪرڻو پوندو يا حڪمرانن کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته هندو به هن ئي ملڪ جو حصو آهن، تنهن ڪري انهن کي انساني زندگي جا بنيادي حق ملڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *