هليري ڪلنٽن هڪ اُميد ؛وينگس

”اسان سڀئي ان ڪري ماريا نه وينداسين ته اسان جي مٿان هٿيارن سان حملا ڪيا ويندا پر اسان جو موت، ان ڏينهن ٿيندو، جڏهن اسان جي دلين مان اُميد جي ڪوئل سڏ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندي. ان ڏينهن موت حقيقي روپ ۾ ايندو. اُميد هڪ طاقتور جوت آهي.“مون کي مٿيون سٽون ذهن تي ان وقت تري آيون، جڏهن خبر پڙهي ته آچر ڏهاڙي هليري ڪلنٽن، آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي.اِها صرف هڪ خبر نه هئي پر ان خبر هر ان چهري تي مسڪراهٽ آڻي ڇڏي جن ڪيترن سالن کان وٺي هليري ڪلنٽن کي آمريڪا جي پهرين عورت صدر طور ڏسڻ پئي چاهيو. مون کي ياد اچي پيو ته ”جڏهن مان آمريڪا ۾ هئس ان وقت هليري ڪلنٽن جي صدر نه ٿيڻ تي بحث هلي رهيو هو ۽ مان پنهنجن آمريڪي دوستن سان بحث ڪيو، آخر توهان هليري ڪلنٽن کي ووٽ ڏئي، آمريڪا جي پهرين عورت صدر ڇو نه ٿا چونڊيو؟ اسان کي ڏسو، اسان شهيد بينظير ڀٽو کي ٻه ڀيرا وزيراعظم لاءِ ووٽ ڏنو، جيتوڻيڪ هڪ اهڙو ملڪ جتي دقيانوسي سوچ رکندڙ گروپ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت هضم نه ٿي پر هوءَ وڙهندي رهي ۽ ان جي ويڙهه صرف ڪجهه ماڻهن سان نه هئي پر هر پاسي کان ان جي خلاف هٿيار اُڀا ڪيا ويا ڪن مذهب کي استعمال ڪيو ته ڪن عورت جي نالي کي استعمال ڪيو، ڪن الزام هنيا ته ڪن محترمه بينظير ڀٽو کي ڪمزور ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت جي خلاف وڙهي، پاڪستان جي تاريخ ئي نه پر ٻين ملڪن جي تاريخ کڻي ڏسو توهان کي گهٽ نظر ايندو، جن آمرن خلاف ويڙهه ڪئي هجي.هڪ اهڙي رياست ۾ جتي هر پاسي کان ٻوساٽيل ماحول ۽ جنهن جي تاريخ منجهيل هجي اهڙي رياست ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اُٿي کڙي ٿي. ”توهان آمريڪن وٽ بهترين سسٽم آهي توهان جي سماج ۾ انسان کي آزاد زندگي گذارڻ جو پورو حق آهي. ايترو ئي نه پر توهان جا ماڻهو جمهوري ۽ لبرل ازم جي پروي ڪندڙ پڻ آهن.آمريڪا جو هر قدم دنيا ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ٿو پوءِ توهان هليري ڪلنٽن کي ووٽ ڇو نه ڏنو ۽ ان کي صدر ڇو نه ٿا بڻايو؟“ان دوران هڪ آمريڪي دوست خوشيءَ ۾ مسڪراهٽ ڏيندي چيو ته ڳالهه تنهنجي درست آهي پر اسان هن ڀيري ووٽ نه ڏنوسين هاڻي جيڪڏهن هليري ڪلنٽن ٻيهر اُٿي ته شايد آمريڪن عوام هليري ڪلنٽن کي ڀرپور موٽ ڏئي سگهي ٿو.ان وقت مون خوش ٿي ڪري چيو ته ڳالهه صرف هڪ عورت جي صدر ٿيڻ جي ناهي پر ان سان پوري دنيا ۾ هڪ بهترين پيغام ۽ اُميد جاڳي پوندي خاص طور تي عورتن جي حقن جي حوالي سان هڪ مضبوط سهارو اڳيان ايندو.دنيا ڪيتري به ترقي ڪري، پوءِ به عورتن جي حيثيت ٻئي درجي جي آهي، اڄ به عورت جي طاقت ۽ ذهانت تي ضرب هڻڻ جي ڪوشش ٿئي پئي. ڪير ڪيترو به چوي ته اهي عورتن جي برابري جي موقف کي تسليم ڪن ٿا، پر ڪٿي نه ڪٿي اهي سڀئي سماج جي دقيانوسي سوچ تي قدم رکن ٿا، انهن جي اندر ۾ صدين واري پراڻي بوگس سوچ سامهون اچي وڃي ٿي.ان ڪري اهو چوڻ ته اسان جي سماج ۾ پروگريسو سوچ رکندڙ عورتن جي برابري کي تسليم ڪن ٿا ته پوءِ توهان سڀئي انهن جي عملي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏسو خبر پئجي ويندي، اهي ڪيتري برابري جي موقف تي قائم آهن…!هاڻوڪي دنيا هڪ ڄار ۾ ڦاسي پئي آهي، جيڪو ڄار دهشتگردي آهي، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارن جي وڏي قيمت لڳي پئي. عراق ۽ شام جي حالتن کي ڏسو جتي عورتن سان داعش دهشتگردن ڪيتري نه تذليل ڪئي آهي.کڻي سعودي عرب ملڪ کي ڏسو، جتي اڄ به عورتن جي آزادي تي بندش آهي. اهي ملڪ جيڪي غريب آهن اتي عورتن جي ڪيتري حيثيت آهي، مون کي ياد آهي ته پوڙهي عورت جنهن جو نالو سورٺ مائي هو، ان مون کي چيو ته ”ڌيءَ اسان (عورتن) جي حيثيت هڪ جانور کان به گهٽ آهي.“افغانستان ۾ فرخنده سان ڇا ٿيو؟ سرعام کيس قتل ڪيو ويو، هڪ مولوي جي الزام تي ڪنهن جي زندگي کي فل اسٽاپ ڏنو ويو ۽ ان کي مذهب جو رنگ ڏئي معصوم عورت جي قتل تي پردو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.اسان هڪ اهڙي سماج ۾ ساهه کڻون ٿا، جتي عورتن جي اڄ به قيمت لڳي پئي پوءِ اها قيمت ڪهڙي به سڪي جو روپ وٺي اچي، صليب تي چڙهيل عورتون ئي آهن.نائيجيريا ۾ 200 کان مٿي شاگردياڻين کي بوڪو حرام اغوا ڪيو. هليري ڪلنٽن انهن شاگردياڻين لاءِ آواز اُٿاريندي چيو ته ”اسان جون نينگريون واپس آڻي ڏيو.“ هليري جي آواز پوري دنيا کي هڪ ڪري ڇڏيو.هليري ڪلنٽن جي صدارتي مهم ۾ پير رکڻ سان انهن سڀني کي ڀرپور جواب ملندو، جن اهو سمجهيو پئي ته هليري ڪلنٽن هاڻي اڳيان نه ايندي پر تاريخ جي ورقن تي هڪ ڀيرو ٻيهر باب لکجي پيو ته هڪ ليڊي وري ٻيهر پنهنجي پوري طاقت سان اڳيان اچي پئي، ان پنهنجي اُميد جي جوت کي وسامڻ نه ڏنو.هليري ڪلنٽن جي صدارتي اميدوار مهم ۾ حصو وٺڻ سان دقيانوسي سوچ رکندڙ کي جواب آهي ته دنيا جي سياسي واڳ کي هوءَ هلائي سگهي ٿي ۽ خاص طور تي داعش جهڙيون دهشتگرد تنظيمون جيڪي عورتن جي تذليل ڪن پيون، انهن جي خلاف هليري ڪلنٽن جي اڳيان اچڻ ضروري آهي، جيئن دنيا جي هر عورت جي اندر ۾ اُميد جاڳي ۽ هوءَ پاڻ کي ڪمزور نه سمجهي.

*****************

هڪ پاسي هليري ڪلنٽن جتي هوءَ عورتن جي حقن جو آواز ٿي اُڀرندي پر ان سان گڏوگڏ هليري ڪلنٽن عالمي سياست تي بهترين ڪمانڊ رکندڙ آهي، جيڪڏهن هليري ڪلنٽن جي دور، جنهن ۾ هوءَ foreign minister هئي، ان دوران هن رڪارڊ ٽوڙ ملڪن جا دورا ڪيا ۽ ان وقت هليري ڪلنٽن بهترين  پرڏيهي پاليسي تحت ملڪن سان دوستاڻا ناتا رکيا پڻ عالمي ميڊيا کان وٺي لوڪل ميڊيا تائين هليري ڪلنٽن، خبرن ۾ رهي ۽ هر مسئلي کي سوچي سمجهي حل ڪيو.

جڏهن هليري ڪلنٽن پرڏيهي وزير هئي ته ان وقت مون لکيو هو ته “She has art of diplomacy” ، ايترا حساس مسئلا هئا جن کي هليري ڪلنٽن پنهنجي ذهانت سان حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.

هليري ڪلنٽن انسان جي آزادي تي پورو يقين رکي ٿي، هوءَ بوگس روايتن جي آڙ ۾ انسان تي بندش جي خلاف آهي. دنيا ۾ فقدان انسان جي آزادي تي لڳندڙ ضرب جو آهي.

جيڪڏهن هليري ڪلنٽن صدارتي چونڊن ۾ کٽي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ اهو چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن هليري ڪلنٽن صدر ٿي وڃي ٿي ته ان سان هڪ جمهوري ۽ انسان حقن جي لاءِ بهترين اُميد هوندي.

هليري ڪلنٽن جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ صرف آمريڪا جي لاءِ ئي خوبصورت اُميد ناهي، پر پوري دنيا جي لاءِ به هڪ اُميد آهي. هڪ اهڙي جوت جنهن سان دنيا ۾ ٻين اُميدن جي سهارو ملندو.

هليري ڪلنٽن جي هار مڃڻ کان انڪار ڪري هڪ ڀيرو وري اڳيان آئي آهي، يقينن ان دنيا کي اهو به پيغام ڏنو آهي ته عورت جيڪا ڪڏهن به پير پٺتي نه ٿي ڪري، هوءَ آخر ساهه تائين اُميد کي قائم ڪري زندگي کي سهارو ڏيندي رهندي.

ويلڊن ڊيئر هليري ڪلنٽن،

هليري صدارتي چونڊن جي مهم ۾ حصو وٺي، هڪ اُميد ۽ خواب کي ٻيهر جاڳايو آهي. اسان سڀني جي لاءِ اها ئي هڪ وڏي ڪاميابي آهي ته هليري ڪلنٽن ٻيهر واپس اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *