هر حڪومت عوامي حڪومت….! Long Way ۡ وينگس

پاڪستان ۾ هيل تائين جيڪا به حڪومت آئي آهي، اُها عوامي حڪومت آهي، ان ڪري ڪنهن وٽ شڪ جي گنجائش نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ عوامي حڪومت ناهي. هتي آمريت به عوامي حڪمراني ڪندي آهي.

اڄڪلهه پاڪستان ۾ گهڻي خوشحالي آهي، جيڪي واعده مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي يا ٻين پارٽين ڪيا، سڀئي پنهنجن واعدن کي پوري ايمانداريءَ سان نڀائي رهيا آهن. وزيراعظم نواز شريف ڏينهن رات محنت ڪن پيا، جن جو ثبوت ته هو ملڪ ۾ ترسندا ئي ناهن ۽ ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري عوام جي خدمت ڪندا رهن ٿا.

ٻاهرين ملڪن جي دورن سان وڏي تبديلي ۽ عوام جي لاءِ خوشحالي ايندي آهي. ان ڪري ڪجهه ناسمجهه ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ٻاهرين ملڪن جي دورن ڪرڻ ۾ ڪيترو نه فائدو آهي.

صوبائي حڪومتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ درحقيقت ٻين ملڪن کي صوبائي حڪومتن مان سکڻ گهرجي انهن جي محنت ۽ گڊ گورننس ڪري، عوام کي ڪا به تڪليف ناهي.

احتجاج ڪندڙن سان حڪومت جيئن پيش اچي رهي آهي، ڇا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ائين ڪير هيل تائين پيش اچي سگهي ٿو؟ سول نافرماني جي اعلانن کان پوءِ به حڪومت جو اندازِ بيان ٻڌڻ وٽان آهي ته براءِ مهرباني اسان سان ڳالهيون ڪيو.

جيڪي اِهو چون ٿا ته پاڪستان ۾ گڊ گورننس ناهي، اهي ڪنهن ٻئي دنيا ۾ رهن پيا. پاڪستان ۾ هينئر تائين جيڪي به حڪومتون آيون ۽ موجوده وقت ۾ حڪمراني ڪن پيا، اهي سڀئي نج عوامي ووٽ تي آيل آهن ۽ عوامي خدمت ڪري رهيا آهن.

ملڪ ۾ ٿوري گهڻي پريشان آهي، ان قسم جون پريشانيون ٻين ملڪن ۾ به هونديون آهن، جيڪڏهن پاڪستان ۾ پريشاني ٿي ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ هتي مڪمل خوشحالي آهي.

اسان کي حڪومتن تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، ڀلي کڻي اسپتالن ۾ آڪسيجن نه هُجڻ سبب ٻارن جي زندگي ختم ٿي وڃي. ٻين نجي اسپتالن ۾ وڃي ڏسو، جتي وڏي فيس ڀري امير طبقو تندرست ٿي نڪري ٿو. ان جو مطلب پاڪستان ۾ بهتر اسپتالون موجود آهن، پوءِ اُهي نجي اسپتالون آهن ته ڇا ٿيو پر آهن ته پاڪستان ۾.

ان ڪري توهان تنقيد ڪندڙن کي اهو ڏسڻ ۽ پڇڻ نه گهرجي ته حڪومتي اسپتالن ۾ سهولتون موجود ڇو ناهن؟ حڪومت بجيٽ رکي آهي ۽ ان جو استعمال به ڪيو ويو آهي. ان جي لاءِ ڪنهن وزير جي علائقي ۾ وڃي ڏسو اتي توهان کي بهترين اسپتال ملي سگهي ٿي.

حڪومت تعليم تي ايترو ڪم ڪيو آهي، ان جي لاءِ لفظ نه ٿا ملن، پر ٻارن کي گهٽيءَ ۾ راند کيڏڻ جي عادت آهي، جنهن ڪري اسڪول خالي نظر اچن ٿا. هاڻي اتي به استاد موجود آهن بس هڪ ڪال ڪري گهرائڻو پوندو آهي. اڪاڻ جو موبائل ڪلچر جو زمانو آهي ۽ موبائل فون کي استعمال به ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪري استاد کي فون ڪري به گهرائي سگهجي ٿو. اڃا توهان کي حڪومت بهتر نه ٿي لڳي جو حڪومت ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال به ڪري پئي. ڪير چوي ٿو عوام غريب آهي؟ عمران خان جا ڌرڻا ئي ڏسي وٺو، ڇا اُتي اوهان کي غريب عوام نظر اچي ٿو؟ اهي سڀئي توهان کي ائين لڳندا ڄڻ ڪنهن ميوزيڪل شو ۾ آيا آهن، ان جي باوجود به ميان خان صاحب کي حڪومت کان شڪايتون آهن.

حڪومت ۽ ايجنسين جا ادارا ڪيترا نه جمهوريت پرست آهن، جن اڄ تائين عمران خان جي جلسي خلاف قدم ته پري جي ڳالهه ٿيندي انهن کي دڙڪو به ناهي ڏنو. هاڻي جيڪڏهن بلوچستان مان ماما قدير بلوچ مسنگ پرسنز جي لاءِ لانگ مارچ ڪري اسلام آباد آيو، ان کي جيڪڏهن حڪومت سنجيدگيءَ سان نه ورتو ۽ نه ئي ميڊيا ڪا لائيو ڪوريج ڏني، ڇا ٿي پيو؟ هر هڪ کي ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ قانون ۽ آئين به ڪا شيءِ آهي. ان جو ڪنهن نه ڪنهن تي استعمال ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومت قانون جو استعمال بلوچن تي ڪندي باقي عمران خان جي ڌرڻن تي قانون جو استعمال ان ڪري نه ٿا ڪريون جو جمهوريت ۾ هر هڪ کي آزادي آهي ته اهي ڌرڻا ۽ لانگ مارچ ڪن.

جمهوريت جو کوڙو ڀلا هر هڪ تي لاڳو نه ٿيندو. حڪومت جمهوريت پرست آهي. عوام کي سال اندر خوشحالي ملي وئي ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڏسو 90 ڏينهن اندر تبديلي اچي وئي.

جنهن ملڪ ۾ امير طبقو آمريت کي جمهوريت سان ڀيٽي ۽ هڪ آمر کي جمهوريت پرست سڏي، اتي توهان کي ڪهڙي شڪايت آهي، توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي جو آمريت به جمهوريت جي جڳهه ولاري پئي.

جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾آمريت کي عوامي طاقت جي خلاف سمجهن ٿا ته انهن کي پاڪستان جي امير ۽ مفاد پرست ٽولي سان ملڻ گهرجي، انهن وٽ آمريتي تشريح جمهوري انداز سان ٿيل آهي.۽ ميڊيا هتي ايتري آزاد آهي جو توهان کي ڇا ٻڌايون! گلوبٽ کي ميڊيا پوري ڪوريج ڏني، وري توهان چوندؤ ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مسنگ پرسنز تي ميڊيا ڪوريج نه ڏني. توهان سڀئي عقل کان خالي آهيون، ڏسو گلوبٽ جو مسئلو گمشده ماڻهن کان وڌيڪ اهم هو، جيڪو رياست کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ها. گمشده ماڻهن جو ڪيس لانگ ٽرم آهي، ان کي عدالتون ڏسي رهيون آهن. پر ميڊيا مسنگ پرسنز تي هڪ نيوز هلائي هئي، وري به گلوبٽ ۽ عمران خان جا ايشوز قومي ۽ انسانيت تي ٻڌل آهن.

هاڻي انصاف جي ئي ڳالهه ڏسو… توهان مان ڪير به عدالت تي نه ٿو ڳالهائي سگهي پر عمران خان ۽ ان جي ٽيم کي ڏسو هر روز عدالت ۽ اڳوڻي جج تي ڳالهائيندا آهن. ڇا اِها آزادي ناهي!

اڳوڻي آمر مشرف کي ئي ڏسو، آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هجڻ جي باوجود به پنهنجي محل ۾ ترسيل آهي پر اسان جو قانون انتهائي سخت آهي، جيڪڏهن ڪنهن گهٽيءَ ۾ مک به ماري ته ان کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏينداسين، پوءِ ڀل سالن جا سال جيل ۾ هجي ۽ جيستائين وڪيل ڪري پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري تيستائين جيل جي هوا کائي.

اڳوڻي آمر مشرف تي اڃا آرٽيڪل 6 ثابت ٿيو ناهي ۽ ان پنهنجي دور ۾ آئين ئي تبديل ڪيو يا وري جمهوري حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان لاٿو، اهو سڀ ڪجهه جمهوريت جي لاءِ ئي ڪيو. جيڪڏهن ڪو شاگرد پنهنجن حقن جي لاءِ آواز اُٿاريندو ته پوءِ رياست پنهنجو قانون لاڳو ڪندي. هاڻي ائين به ناهي جو رياست پنهنجي قانون کي استعمال نه ڪري.

اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن کان وٺي احتجاج ڪندڙ اڳواڻ تائين هر هڪ کي ڏسو توهان کي خوشحال نظر ايندو ۽ جيڪڏهن عوام غريب ٿي پيو ته ڇا ان ۾ قصور حڪمرانن جو آهي؟

ان ڪري توهان سڀئي جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهيون، اُها تنقيد فضول ۽ غير جمهوري آهي. توهان کي ملڪ سان پيار ناهي… توهان کي ڏسڻ گهرجي ته ملڪ ۾ نج عوامي حڪومت رائج آهي، جيڪا ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪري پئي. ان قسم جي حڪومت توهان کي ڪٿي به نظر نه ايندي صرف توهان کي پنهنجي مُلڪ ۾ ملندي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *