هاڻي عيسائي ڇا ڪن..؟؛اياز امير

جڏهن گوجرا ۾ عيسائي برادري جي گهرن کي ساڙيو پئي ويو، ۽ جڏهن توهين جي ڪنهن واقعي تي عام رواجي نموني عوامي جذباتن کي ڇتو ڪري لاهور جي جوزف ڪالوني کي تباهه برباد ڪيو ويو، جڏهن سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ عيسائي زال مڙس کي جيئرو ساڙيو ويو ته ان وقت صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ پوليس ڪٿي هئي؟ تنهن ڪري لاهور جي ٻن گرجا گهرن ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۾ 15 ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ وڏي تعداد جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ جڏهن عيسائي برادري رستن تي نڪري احتجاج ڪندي عوامي ملڪيتن کي نقصان رسايو جنهن دوران ٻه ڄڻا ( جن جي باري ۾ اسان کي اڃان تائين پڪ سان اهاخبر ناهي ته اهي ڪير هئا ۽ انهن جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ ) کي شڪي سمجهي تشدد ڪرڻ کان پوءِ جيئرو ساڙيو پئي  ويو ته ان جو ڏوهه ڪنهن کي ڏجي جڏهن ته اهڙي سموري عمل جي دوران حڪومت روايتي نموني پاسيرو ٿي خاموشي جي تصوير ٺهيو بيٺي هئي؟جڏهن عوام لاءِ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وڃي ۽ اهم شخصيتون گاڏين جي ڊگهي قافلي ۾ محافظن جي  گهيري ۾ لنگهندي ڏٺيون وڃن ته پوءِ عوام جي صبر جو پيالو ته ڇلڪڻو ئي آهي. تنهن ڪري جڏهن معمولي واقعو به  ماڻهن کي ڇتو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي……… ۽ دهشتگردي وارو تازو واقعو معمولي واقعو  نه هو، تنهن ڪري عوام جي صبر جو پعمانو ڇلڪي پيو ۽ سندن اندر ۾ جيڪا باهه ٻري رهي هئي سا ڀمڀٽ ٿي ڀڙڪي پئي. جڏهن به شيعن جي امام بارگاهن تي حملو ٿئي ٿو ته شيعا نوجوانن جي دلين ۾ بدلي وٺڻ جي باهه ڀڻڪڻ لڳي ٿي. اهو آهي نفرت جو پاڻي ڏنل زمين مان اڀريل  زهريلو فصل. اسٽريٽجڪ گهرائي جي نظرين کي ٺاهيندي ۽ جهادي ڪلچر کي اڀاريندي ان کي رياستي پاليسي سڏيندڙ دانشور انهيءَ  زهريلي فصل پوکڻ جا آبادگار آهن. کين هاڻي ڪيترن ئي سوالن جو جواب ڏيڻو آهي. جيڪڏهن  پاڪستان  ۾ انصاف جو ڪو  نظام هجي ته انهن کي چئو واٽن تي بيهاري کلي عام پڇا ڪئي وڃي ته هنن وطن کي انهي ڌٻڻ ۾ ڇو وڌو؟اها ڳالهه وسارڻ نه کپي ته اهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي ادارا ئي هئا جن پاڪستان کي هڪ خاص مسلڪ، مختلف فرقن جي انتها پسندي جي ور چاڙهيو . ڪشمير ۽ افغان جهاد جي آواز تي لبيڪ چوندڙن جو  تعلق انهي فرقي سان هو. پر برحال هاڻي اطمنان رڳو ان ڳالهه جو آهي ته فوج هڪ مختلف قيادت ۾ پاڪستان ۾ ان جهادي ڪلچر  مان ڇٽڪارو ڏيارڻ جو پڪو پهه  ڪري چڪي آهي. جيستائين سويلن اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين جو تعلق آهي ته اهي ڄڻ ته ڀت سان لڳل ڪنهن تصوير  کان وڌيڪ ڪجهه به ناهن انهن کي رڳو پنهنجا مالي مفاد پيارا آهن ۽ کين ان ۾ برڪت نظر اچي ٿي. اصل ۾ انتها پسندن کي پالڻ ۽ سندن پٺي ٺپيندڙ  اصل طاقت فوج  ئي هاڻي انتها پسندي جي ان جن کي منهن  ڏئي سگهي ٿي.  اهو جهادي ڪلچر  اتر اولهه سرحد جي ويجهو مذهبي ۽ ڏاکڻي پاسي سامونڊي ڪناري ويجهو سيڪيولر شڪل اختيار ڪريو وڃي.انهي سموري عرصي دوران فوج  پنهنجي گهڙيل فڪري ٻڏتر جو شڪار رهي، عوام جي بيچيني بلڪه ائين کڻي چئجي ته مايوسي ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي، اهو ڏسي رهيا هئا ته انتها پسند طاقتون اڳيان وڌندي جتي کپين ٿو اتي پنهنجي مرضي سان وار ڪريو ڀڄيو وڃن جڏهن ته رياست کي خبر ئي ڪونهي ته اها ڪيڏانهن پئي وڃي ها هٿ ڇنڊيو  بيٺي آهي. پر هاڻي سو سيڪڙو  اطمينان جي ڳالهه اها آهي ته فوج هاڻي پوري بي جگري سان انهن قاتل دهشتگردن پويان هٿ ڌوئي پئجي ويئي آهي اسان سڀني کي خبر آهي ته چونڊيل جهموري حڪومت اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي ڪنهن کي به اها همت ڪونه هئي ته 90 تي ڇاپي جو حڪم ڏئي  اها فوج ۽ ڳجهه ادارن ۽ سندن حڪمن تي عمل ڪندڙ ريجنرس فورس هئي جن اهو ناممڪن ڪم ممڪن ڪري ڏيکاريو، ٻيو ته ٺهيو  ايپيڪس ڪميٽين جي ذريعي صوبائي حڪومتن کي به سڌي رستي تي لڳايو ويو  هاني توهان جي مرضي، توهان ان کيsoft coup  خاموش انقلاب چئو يا ٻيو ڪجهه، پر جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي تنهن جي تمام گهڻي ضرورت هئي ڇو ته ايترن هيڪاندن ائٽمي هٿيارن ۽ ميزائلن  ۽ هاني ڊرون جهازن  هجڻ جي باوجود اندروني دشمن ملڪ کي هٿ وٺي تباهه پئي ڪيو ۽ جيڪڏهن فوج اڃان به حرڪت ۾ نه اچي ها ته پوءِ سمجهيو ته پاڻي مٿي تان لنگهي وڃي ها.سياسي طبقي طرفان ملندڙ بي دلي واري حمايت تي فوج  کي پريشان ٿيڻ نه کپي، ڇو ته اهم ڳالهه اها آهي ته عوام جي راءِ سندن حق ۾ آهي ۽ ماڻهن جي اڪثريت حمايت هوندي سياسي طبقي جي بي همتي ۽ بزدلي سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. هن وقت ڳڻتي جي  ڳالهه رڳو اها آهي ته دفاعي ادارن جي سوچ ڪيتري حد تائين تبديلي جي عمل مان گذري رهي آهي؟ جيڪڏهن جهاد کان موڪلايو ويو آهي ته  پوءِ منطقي اعتبار سان ان کي اڀرندي سرحدن ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جهڙوڪ جماعت الدعوه تي به ٿيڻ کپي بيشڪ هن وقت جماعت الدعوه تمام وڏي پئماني تي ڀلائي جاڪم ڪري رهي آهي، ڪنهن کي به اهڙن ڪمن کان روڪڻ نه کپي پر جيستائين ڪشمير جي آزادي بابت  بيانن جو تعلق آهي ته اهي  اظهار جي آزادي طور ليکجن ٿا تنهن ڪري في الحال مٿن پابندي جي ڪا ضرورت ڪونهي تنهن هوندي به اڄ جهادي ڪلچر ۽ انتها پسندي جي ڪا گنجائش ڪونهي. حافظ سعيد هڪ محب وطن ۽ انتهائي قوم پرست شخص آهي تنهن ڪري ان مان ۽ سندسن تنظيم مان اميد رکڻ گهرجي ته کين هاڻي سمجهه اچي ويئي هوندي ته اسان جي ملڪ مان هاڻي جهاد ڪرڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان کي پريشانين جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي ته ان کي هڪ نئين رستي تي هلائڻو پوندو.پريشاني جو ٻيو سبب افغانستان آهي. اسان کي اتي امن لاءِ ڪوششون ڪندي اتي آئيني حڪومت کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهي ڪرڻ کپي جڏهن ته هاڻي اتي پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ واري روايتي ڪوشش بيوقوفي هوندي خدا کي خبر ته  ڪهنجي چوڻ تي ۽ ڪرڻ تي اسان گذريل ٽن ڏهاڪن کان افغانستان جي حڪومت جون واڳون به کڻڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو آڱريون ساڙڻ ته ٺيهو سڀ ڪجهه ساڙائي ويٺا آهيون جيڪڏهن اڃان به اسين عقل کان ڪم وٺون ته اتي پنهنجو اثر قائم ڪري سگهون ٿا پر جهادي ڪلچر ذريعي نه. دنيا ۾ ڪي ڪم دماغ سان به ڪيا ويندا آهن. ان دوران اسان کي تاريخ جي سبق مان به گهڻو ڪجهه سکڻو پوندو ننڍي کنڊ افغانستان کي ايترو متاثر نه ڪيو جيترو  افغانستان هاڻي  ننڍي کنڊ کي ڪيو آهي.  اهو صحيح آهي ته مغل دور ۽ ان کان پوءِ مها راجا  رنجيت سنگهه جي حڪومت ۾ افغانستان اسان جي ملڪ جو هڪ حصو هو اهو مها راجا ئي هو جنهن افغانين کان پشاور  کسي ورتو هو. نادر شاهه جي حملن ڪري افغانستان مغلن جي هٿن مان نڪري ويو پر تنهن هوندي به هن وقت اسين نه ته مغل آهيون نه ئي اسان جي صفعن ۾ ڪو مها راجا آهي تنهن ڪري اهڙا ڪم ڇو ڪجن جنهن مان ڪجهه وري سري نه ۽ جنهن جي لاءِ اسان ۾ ڪا صلاحيت ئي ڪونهي.اصل ۾ ان نظريي جي نالي تي اسين  اڳ ۾ ئي تمام گهڻين خرابين کي دعوت ڏيئي چڪا آهيون پاڪستان واري تحريڪ دوران به رڳو جذباتي نعرا هنيا ويا، جناح صاحب هڪ اهڙي رياست ٺاهڻ گهري ٿي جتي ذات ۽ عقيدن کي ڪا به اهميت نه هجي پر پوءِ  قائد جو پاڪستان  انتها پسندي جي ور ڪيئن چڙهيو، (جاري)

 

اها هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪهاڻي آهي. اڄ اسين پنهنجن انهن ئي بيوقوفين جي قيمت ڀري رهيا آهيون. جڏهن به ڪنهن گرجا گهر، ڪنهن امام بارگاهه، ڪنهن مسجد، ڪنهن اسڪول، ڪنهن عوامي جاءِ تي حملو ٿئي ٿو ته اها بيوقوفي انساني ضمير جي ڪٽهري ۾ بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو هاڻي فوج جي سربراهي ۾ اسان جو  “گهر ڏانهن واپسي جو سفر ” شروع ٿي چڪو آهي… هڪ اهڙو گهر جيڪو  اسان جي ملڪ کي ان وقت ٿيڻو هو جنهن جو خواب جناح ڏٺو هو ڪاش اسين  ٻين طاقتن جي هٿن جو رانديڪو ٿيڻ بجاءِ پنهجا فيصلا پاڻ ڪريون ها ته شايد اڄ پاڪستان هڪ مختلف ملڪ هجي ها.

ان دوران اڃان هڪ ٻئي حقيقت کي به منهن ڏيڻو آهي… مون کي ته اها ڳالهه وسري وئي هئي ته دمشق ۾ بشار الاسد پوري استقامت سان پنهنجا پير کوڙيو بيٺو آهي  ڪيترن ئي آزمائشن مان لنگهڻ کان پوءِ هاڻي  شامي فوج کي به وڙهڻ جو انداز اچي ويو آهي. تنهن ڪري اسان جا آمريڪي دوست به هاڻي ان حقيقت کي  نظر انداز ڪرڻ جي غلطي نه پيا ڪن. کين احساس ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن مسئلا حل ڪرڻا آهن ته مسٽر اسد سان  ڳالهائڻو ئي پوندو. حالتون کڻي ڪهڙيون به ٿين پڪو ارادو هڪ اهڙي دولت آهي جنهن جا سڪا ڪڏهن به کوٽا نه ٿيندا آهن ۽ ڪا به بازار انهن کي رد نه ڪندي آهي.  ان ۾ اسان لاءِ به سکڻ لاءِ وڏو سبق موجود آهي .

پس تحرير : (1) ڇا  ميڊيا لاءِ هاڻي اهو وقت نه اچي ويو آهي جو هو ڪراچي جي حوالي سان ڊپ کي وساري اٿي بيهي رهن؟  دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ ميڊيا پنهنجي ڪلاڪن جي حسابن وارو قيمتي ايئر ٽائم تشدد جو درس ڏيندڙ تقريرن ۾ ضايع ڪندو آهي؟  90 تي ڇاپو  هڪ تمام وڏو قدم هو ان کي هڪ نئين دور جي شروعات سمجهڻ کپي (2) ٺهيو، هاڻي ماڊل ٽائول واقعي جي پرولي به حل ٿي وئي وڏي وزير  کي خبر ئي ڪونه هئي ته اتي ڇا پئي وهيو واپريو.  قبلا سائين راڻا ثناءَ الله جو ڀلا ان  وقعي سان  ڪهڙو تعلق – توقير شاهه، جنهن کي واقعي کان يڪدم پوءِ WTO  ۾ سفير ڪري موڪليو ويو  تنهن کي ته ان معاملي جي صفا خبر ئي ڪونه هئي ته ڪهڙي پوليس آفيسر فائرنگ جو حڪم ڏنو هو  سچ پڇو ته  لاهور ته هڪ اهڙو پاڪ شهر آهي جتي آن گرائونڊ فرشتا اچي ڪم ڪندا آهن انهي ڏينهن هنن پنهنجي مافوق الفطرت  طاقت کان ڪم وٺي پوليس کي مجبور ڪيو ته اهي فائرنگ ڪن جيئن ته هنن پوليس جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي هئي تنهن ڪري انهن کي خبر ئي نه پئي ته ڪو سامهون مظاهرين بيٺا آهن. ٺهيو انهي کي به ڇڏيو، مون کي هن وقت عطا الله عيسيٰ خيلوي جي گيت جو هڪ ٻول ذهن ۾ اچي رهي آهي ………… “ سب مايه هي”

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *