نگليريا: بچاءُ ممڪن آهي؛تحرير: معين الدين، اطلاعات آفيسر

نگليريا هڪ موتمار مرض آهي. ان بيماري جو وائرس نڪ جي ذريعي دماغ ۾ داخل ٿي مرض الموت جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. ان مرض هلندڙ سال ۾ ايستائين ست ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو. انهن مان پنج جو تعلق ڪراچي، جڏهن ته هڪ جو ٺٽو ۽ هڪ تعلق حب چوڪي سان آهي. گذريل ٽن سالن ۾ نگليريا سبب 29 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. گذريل سال 14 ماڻهن جي موت ان موذي وائرس سبب ٿي هئي، هن وقت تائين ان مرض جو ڪوبه علاج دريافت ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن ته احتياطي اپائن جي ذريعي ان موتمار مرض کان بچاءُ ممڪن آهي. پيئڻ جي پاڻي ۾ ڪلورين جي مناسب مقدار سان ان مرض جو تدارڪ ممڪن آهي. نگليريا کان عام ماڻهو کي بچائڻ جي بنيادي ذميواري ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي آهي، ڇو ته پوري شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ان اداري جو ڪم آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ صحت کاتو به پنهنجن ذميوارين کان چڱي ريت ڪوششن ۾ مصروف آهي.

صورتحال جي سنگيني کي محسوس ڪندي سنڌ جي صحت کاتي اپريل 2015 ۾ ئي سمورن لاڳاپيل ادارن کي خط موڪلي ڇڏيا هئا ته هو نگليريا کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺن. واضح رهي ته نگليريا جو وائرس گرمي جي موسم ۾ 32 سينٽي گريڊ تي فعال ٿي وڃي ٿو. سنڌ جي صحت کاتي نه صرف لاڳاپيل ادارن کي بروقت خبردار ڪيو بلڪ صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر جي هدايت تي سمورن قومي ۽ مقامي اخبارن ۾ نگليريا کان بچاءُ لاءِ عوام جي آگاهي لاءِ اردو، انگريزي ۽ سنڌي زبانن ۾ اشتهار به شايع ڪيا ويا. صورتحال جي نزاڪت کي ڏسندي صوبائي وزير صحت اسپيشل سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر خالد شيخ جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ته جيئن هو شهر جي مختلف هنڌن تي پاڻي جا نمونا حاصل ڪري ڪلورين جي مقدار جو جائزو وٺن. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي اعليٰ عملدارن جو هڪ اجلاس به طلب ڪيو، جنهن ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي هاشم رضا زيدي سميت ٻين اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نگليريا کان متاثره علائقن ۾ سنڌ جي صحت کاتي واٽر بورڊ ڪراچي جي تعاون سان سوڊيم هائپو ڪلورائٽ (گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ عام بليج) جون بوتلون ورهائيندو ۽ ان کان علاوه ڪلورين جون گوريون به ورهايون وينديون. اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته واٽر بورڊ ڪراچي ماهوار هڪ ڪروڙ 30 لک رپين جي ڪلورين جون گوريون خريد ڪري پنهنجن پنج وڏن فلٽرن ۾ وجهي ٿو جيڪي پوري شهر کي پاڻي فراهم ڪن ٿا.

اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ پيئڻ جي پاڻي ۾ گهربل مقدار يعني 2 پي پي ايم ڪلورين ملائي رهيو آهي، جڏهن ته اها به هڪ حقيقت آهي ته پائپ لائنن ۾ پاڻي جي چوري لاءِ ڪيل سوراخن سبب ڪلورين جي صحيح مقدار پائپ لائنن جي آخري حصن تائين پهچي نٿي سگهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر جي هدايت تي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته شهر ڪراچي ۾ پاڻي کي اڳتي بوسٽ ڪندڙ بوسٽرز جي تعداد 11 مان وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 22 ڪئي ويندي ته جيئن پاڻي جي آخري سروي وارن کي به ڪلورين جي صحيح مقدار ملي سگهي. صورتحال جو معائنو ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر واٽر بورڊ ڪراچي جي اعليٰ عملدارن سان ڪلورينشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ واٽر بورڊ جي سي او ڊي فلٽر پلانٽ جو معائنو ڪيو ۽ پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. سنڌ جي صحت کاتي جي تعاون ۽ هدايت تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪلورين جون گوريون ۽ سوڊيم هائپو ڪلورائيٽ جي بوتلن جي ورهاست شروع ڪئي وئي آهي. واٽر بورڊ ڪراچي سخي حسن، فيوچر ڪالوني، ڪورنگي ساڍا پنج، نارٿ ايسٽ ڪراچي، ڊملوٽي 1، 11، پپري 1، 11، نيپا پمپنگ اسٽيشن، ايل ايس آر (نيو اولڊ) يونيورسٽي ريزروائر 1، 11 ۾ سوڊيم هائپو ڪلورائيٽ جي پلانٽس جي ذريعي ڪلورين جي گهٽتائي کي پورو ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي صحت کاتي، واٽر بورڊ، بلديه عظميٰ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن تي مشتمل ڪميٽيون ڏينهن رات پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهن.

سنڌ جي صحت کاتي شهرين کي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي. شهرين جي به ذميواري آهي ته هو حڪومت سان تعاون ڪن. هو پاڻي ذخيرو ڪندڙ ٽئڪين ۾ لازمي صفائي ڪرائين، بغير ڪلورين مليل پاڻي وارن سوئمنگ پولز، تلائن ۾ هرگز نه وهنجن. اها ڳالهه به تمام اهم آهي ته ڪلورين جي گورين جو استعمال ماهرن جي مشاورت سان ڪن، ڇو ته ڪلورين جي وڌيڪ مقدار به انساني صحت لاءِ مضر آهي.

نگليريا هڪ موتمار بيماري آهي. ان کان بچاءُ صرف احتياطي اپائن ذريعي ئي ممڪن آهي. سنڌ جي صحت کاتي لاڳاپيل ادارن سان گڏجي پنهنجون ذميواريون پوري ڪري رهيو آهي. مختلف سطحن تي ان بيماري متعلق آگاهي ڏني پئي وڃي. اسان سڀ گڏجي ئي ان وائرس کي شڪست ڏئي سگهون ٿا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.