
نڊن(اسپورٽس نيوز) نيٽ ويسٽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪٽ ٽرافي ۾ پاڪستان جي ناليواري آل رائونڊر شاهد آفريدي ۴۲ بالن ۾ ۱۰۱ رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، برطاني نشرياتي اداري موجب انگلينڊ ۾ کيڏي ويندڙ نيٽ ويسٽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪٽ ٽرافي جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جي ناليواري آل رائونڊر شاهد آفريديءَ همپشائر طرفان کيڏندي ۴۲ بالن ۾ ۱۰۱ رنس ٺاهي شاندار اننگ جو مظاهرو ڪيو، شاهد آفريدي اوپنر جي حيثيت سان کيڏندي ڊربي شائر جي بالرن جي سُٺي ڌُلائي ڪئي، آفريدي جي طوفاني بيٽنگ جي ڪري مقرره ۲۰ اوورن ۾ ۸ وڪيٽن جي نقصان تي ۲۴۹ رنسون ٺهيون.(۰۲)