نيٺ ٻلي ٿيلي مان ٻاهر اچي ويئي!: شفيق شاڪر

جنهن وقت اهو تجزيوسامهون آيو هو ته نواز شريف نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان موجوده آپريشن مان قطعي خوش نه آهي ان وقت چند دانشور اردو ميڊيا تي موجوده وفاقي حڪومت جي پارسائيء ۽ نيڪ ارادن جون يخيون هڻي رهيا هئا پر نيٺ ٻلي ٿيليء مان ٻاهر نڪري آئي جڏهن وزيراعظم نواز شريف چيو ته  ووٽ عوام ڏيندو آهي، حڪومت ڪو ٻيو ڪيرائي ڇڏي ٿو، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. نيب جا اهلڪار سرڪاري آفيسرن جي آفيسن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي کين ڌمڪائي رهيا آهن، بنا ڪنهن تصديق جي ڪنهن کي به تنگ نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن نيب چيئرمين معاملي جو نوٽيس نه ورتو ته  حڪومت ڪارروائي جو حق رکي ٿي. بهاولپور ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته نيب انتهائي اهم ادارو آهي، ان کي پنهنجو ڪم صحيح نموني   ۽ ذميواري سان ڪرڻ گهرجي. هـن چيو ته شڪايتون مليون آهن ته نيب جا آفيسر معصوم ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي کين ڌمڪائين ٿا، سرڪاري آفيسرن کي ڊيڄارڻ يا ڌمڪائڻ ٺيڪ نه آهي، ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته نيب جي اهلڪارن ڌمڪائڻ سبب سرڪاري آفيسر فيصلا ڏيڻ کان ڊڄن ٿا، جيڪڏهن نيب چيئرمين نوٽيس نه ورتو ته حڪومت ان معاملي تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. هـُن چيو ته نيب کي ماڻهن جي عزت سان نه کيڏڻ گهرجي، بنا ڪيسز جي ڪنهن کي ڌمڪائڻ صحيح عمل ناهي، نيب پاران غلط ڪيسن ۾ ماڻهن تي هٿ وڌا ويا آهن، اهي غلط ۽ صحيح جو فرق ئي نٿا ڪن.

اهائي ن ليگ حڪومت جيڪا ڪجھ وقت پهرين سنڌ ۾ ٿيندڙ نيب جي ڪاروائين جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪيل شڪايتن جي جواب ۾ قانون ۽ آئين جون شرنايون وڄائي رهي هئي اڄ اوچتو ڇا ٿي ويو جو نيب محرم مان مجرم بڻجي ويئي.وزيراعظم کي نيب جا هيسايل “معصوم” ته ياد اچي ويا پر انهيء ئي ڏينهن تي گجرانواله ۾ نادرا جي آفيس ٻاهران رش ۾ پنهن جو شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي آس ۾ بيٺل پوڙهي رسولان بيبي لتاڙجي ويئي.کيس شناختي ڪارڊ ته نه مليو پر کيس موت جو ڪارڊ ضرور ملي ويو پر وزيراغظم اهو ته نه چيو ته نادرا کي پنهن جو رويو سڌارڻ گھرجي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح ان پوڙهيء جي موت جو ذميدار آهي.اهي ڪهڙا “معصوم” آهن جن جو غم ميان صاحب کي کائي رهيو آهي.پاڪستان ۾ صرف اهي چند وزير،مشير ۽ ڪامورا ئي آهن جيڪي عزتدار آهن ۽ ڪنهن به اداري کي اهو حق ڏيئي نٿو سگھجي جو انهن “معصومن” کي ذرو به پريشان ڪن.هن وقت پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو احتسابي ادارن ڪن ڏاڍن ۾ هث وڌا آهن باقي عام ماڻهو ته سدائين قانون جي جائز توڙي ناجائز پڪڙ جو نشانو بڻبا رهيا آهن .ايستائين  جوعدالتن کان مٿانهان قتل به اسان جي ئي هن معاشري جو حصو رهندا پيا اچن پر جيئن ته اهي عام ماڻهو معصوم نه هوندا آهن ان ڪري انهن لاء اڄ تائين ڪنهن به حڪمران نوٽيس نه ورتو آهي.جن “معصومن” جي خلاف ڪاروائيء کان ميان صاحب ادارن کي روڪي رهيو آهي انهن جا هٿ ڪنهن نه ڪنهن طرح عوامي پئسي تي صاف ٿيل آهن ۽ اهي ئي عوام جي معاشي قتل عام جا ذميدار آهن.

اصل ڳالھ هيء آهي جو موجوده آپريشن جيڪو پنجاب ۽ وفاقي حڪومت طرف وڌي رهيو آهي،دهشتگردن کان پهرين اهي حڪمران ئي ان راھ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن.اهي پنهن جن ٻٽيهن نسن جو زور لڳائي ان آپريشن کي هر حالت ۾ ناڪام ڪرڻ لاء محاذ بنايو بيٺا آهن. موجوده عسڪري قيادت طرفان پنجاب ۾ رينجرز جي ذريعي آپريشن شروع ڪرڻ جي حوالي سان اڃا تائين ٽال مٽول جو سلسلو جاري آهي.وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي ڪيترن ئي وزيرن ۽ مشيرن جا نالا ملزمن جي لسٽ ۾ موجود آهن.تازو وزيراعظم طرفان حڪومت قطر سان ڪيل ايل اين جي ڊيل ماضيء جي سمورين بدعنوانين جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.نندي پور پروجيڪٽ،ميٽرو ۽ اورينج منصوبن ۾ ٿيل عظيم بي ضابطگيون،هن سال 38 قومي ادارن جي امڪاني نجڪاري ۽ حڪومتي سطح تي دهشتگرد تنظيمن جي سرپرستي،اهي سڀ الزام انهن “معصومن ”جي مٿان آهن.

ٻئي طرف کان سر ۾ سر ملايو ويو آهي ته رڳو نيب نه پر آيف آئي اي کي به “معصومن” خلاف ڪاروائين کان روڪيو وڃي ۽ آخري مطالبو اهو سامهون ايندو ته رينجرز کي به معصومن خلاف ڪاروائين کان روڪيو وڃي جنهن جو اظهار نوازشريف انهن لفظن ۾ ڪيو آهي ته “اهي چونڊيل حڪومتن کي ڪم ڪرڻ نٿا ڏين.” ڪهڙو ڪم؟ انهيء جي وضاحت جي ضرورت نه آهي.شايد نواز شريف ان عظيم غصي جي حالت ۾هڪ دفعو وري ڪا وڏي غلطي ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي جو پنهن جي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ سندس ماضيء جي روايت رهي آهي.پر هاڻي حالتون شايد ان موڙ تي پهچي چڪيون آهن جتي حڪمرانن جي هر ايندڙ غلطي کين وڌيڪ سوڙهو ڪندي ويندي.نواز شريف کي اها حقيقت نه وسارڻ گھرجي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪو بحران ايترو نقصان نه پهچائيندو جيترو نقصان نواز ليگ کي پهچندو جو ان جماعت ۾ سهپ جو مادو تمام گھٽ آهي. وقت جو بي رحم وهڪرو اڄ نوازشريف کي به ڌڪيندو ان موڙ تي وٺي آيو آهي جتي اڳ ۾ به  “معصومن” جي وڏي قطار لڳل آهي جيڪي وقت جي هن نه ٽرندڙ حادثي کان ڪنهن پناه جي تلاش ۾ آهن پر في الحال هر پناه گاه تي تالا لڳل نظر اچن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *