نيب جي گهيري هيٺ آيل شريف خاندان…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

نيب پاڪستان اندر نيب اهو واحد ادارو آهي جنهن جي اڪثر بحث هلندا رهن ٿا،پر سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهو ادارو پاڪستان اندر ڇا ڪري رهيو آهي.؟۽ سندس ڪهڙي ڪارڪردگي آهي،ڇا نيب سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهي آهي.يا سڀ ڪجهه غلط ڪري رهي آهي.؟نيب ڪنهن جي اشاري تي سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي يا پنهنجي مرضي هلائي رهي آهي.؟ڪيترا سوال ذهن ۾ ايندا رهندا آهن.جڏهن نيب پنهنجي ڪاروائين ۾ تيزي آڻيندي آهي.يا وري پنهنجي جاچ ۾ ڪنهن وڏي مڇي کي ڦاسائيندو آهي.پر اها به هڪ واضع ڳالهه آهي ته نيب ادارو اهڙو آهي.جيڪو  ڪجهه به نه ڪري پر تنقيد جو نشانو ضرور بڻبو آهي.۽ جيڪڏهن نيب پنهنجي ڪم ۾ تيزي آڻي ته پوءِ به کيس تنقيد جو نشانو ضرور بڻايو ويندو آهي.ان ڪري نيب به عجيب مشڪلاتن جي گهيري ۾ آهي.جڏهن ته نيب جي ڪاروائين جي هڪ سواليه نشان آهي.پر شايد هن وقت نيب ادارو عوام جي سوچ مطابق ڪجهه بهتر ڪم ڪري رهيو آهي.پر ان جي ڀيٽ ۾ نيب حڪمرانن جي سوچ مطابق سڀ ڪجهه غلظ ڪري رهيو آهي.ان ڪري اهو به هڪ سوال آهي ته ڇا نيب پاڪستان مان واقعي ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ڪو ڪرادر ادا ڪندو..؟ان ڪري هن وقت جيڪي ڳاليهون سامهون آيون آهن ان مان اهو واضع ظاهر آهي ته نيب جي جاچ به“ڪجهه دنون چاندي فر انڌيري رات”وارو ئي مثال بڻجي ويندي آهي.اهو ان ڪري جو نيب جيڪي به ڪيس پاڪستان اندر ظاهر ڪيا آهن.انهن مان ڪنهن به هڪ جو نتيجو سامهون نه آيو آهي..
جڏهن ته نيب اهو ادارو آهي جيڪو پنهنجي طاقت جي زور تي ڪيترن ئي ڪرادرن کي پنهنجي انجام تائين پهچائي سگهي ٿو .۽ نيب انهن لٽيرن جي خلاف سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.جيڪي پاڪستان جي معصوم عوام کي پئسي کي لٽي رهيا آهن.پر نيب ادارو اهڙو ڪو به ڪارنامو ڪرڻ ۾ اڃان تائين ڪامياب نه ويو آهي.ان ڪري شايد هاڻ عام ۽ ننڍي طبقي جو  ماڻهو،سرڪاري،ملازم،۽ حڪومتي اميدوارن کان ويندي،خد حڪومت به تنقيدي نشاني جي ور چڙهي ويو آهي..جڏهن ته ڪجهه وقت پهرين نيب ڪجهه اهڙيون به ڪاروايون ڪيون.جيڪي هليون ته ٿورڙي وقت لاءِ پر انهي ڪاروائي ملڪ جي ڪيترن ئي لٽيرن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هنيون.پر ڪجهه وقت لاءِ ئي هو.۽ جيئن وقت پاسو بدلي ڪيو ته نيب انهن وڏن مڇن کي ڇڏي ڪري ويچارن معصوم سرڪاري ملازمن جي اچي پويان پئي.ان ڪري خد حڪومت نيب جي حوالي سان پنهنجي هڪ موقف  ۾ چيو هوُ ته نيب معصوم سرڪاري تي ڪاروايون ڪرڻ بند ڪري..جڏهن ته ڪيتري عرصي کان پوءِ اهڙي بيان بعد آصف علي زرادي ۽ سابق وزيراعظم نواز شريف جي اهڙي بيان تي دلچسپي جو اظهار ڪيوهوُ.

پرهاڻي قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ٻارن کي ڪرپشن ڪيسن جي جاچ لاءِ 18 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.۽  نيب جي ٽيم لاهور پهچي جاچ ڪندي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو 10 هون واليم نيب کي ڏيڻ کان پڻ انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شريف خاندان خلاف ڪيسن جي جاچ ڪندڙ نيب جي ٽيم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سندس پٽن حسين نواز ۽ حسن نواز کان 18 آگسٽ تي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ نوٽيس اماڻيا ويا آهن ۽ اهي نوٽيس 11 آگسٽ تي وصول پڻ ڪيا ويا آهن. نيب جي ٽيم عزيزيه اسٽيل مل ڪيس بابت جاچ ڪندي، جنهن لاءِ نيب راولپنڊي جي ٽيم لاهور ۾ واقع نواز شريف جي رائيونڊ واري گهر پهچي جاچ ڪندي پر نواز شريف ٽيم آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سندس پٽَ پڻ ملڪ کان ٻاهر آهن، جڏهن ته نيب جي ٽيم ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بابت جاچ لاءِ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.جنهن بابت پڻ فيصلو اچي چڪو آهي ته نيب پاڪستاني جي ناڻي واري وزير ۽ سندس خاندان ڪمپنن جا پڻ تفصيل گهري ورتا آهن، ٻئي طرف  عدالت عظميٰ جي رجسٽرار آفس پاناما ليڪس جي جاچ جي لاءِ قائم گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي) جي رپورٽ جي جلد 10 جو نقل قومي احتساب بيورو (نيب) کي ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي تنهن هوندي شريف ڪٽنب خلاف ريفرنس داخل جي لاءِ رپورٽ جي باقي جلدن جون وڌيڪ 3 -3 ڪاپيون ڏنيون ويون آهن. رجسٽرار آفيس نيب جي درخواست تي جلد 10 کان سواءِ جي آءِ ٽي جي باقي رپورٽ جي نقل ڏيڻي هئي پر جلد 10 ڏيڻ جي درخواست خارج ڪئي هئي. نيب هڪ ٻي درخواست جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته 4 ريفرنسز داخل ڪرڻ جي لاءِ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جون وڌيڪ 3 نقل ڪاپيون گهربل آهن. نيب اهو به چيو آهي ته جلد 10 کي ريفرنسن جو حصو بڻائڻ جي لاءِ ان جي نقل به گهربل هوندي تنهن هوندي رجسٽرار آفيس جلد 10 ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪيو آهي انڪري

نيب هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جي دهشت کان هر ادارو ۽ آفيسر لهرائي ٿو.ان ڪري جو پاڪستان اندر گذريل پنجاهه سال کان وٺي ڪرپشن جو عروج رهيو آهي. انهي ڪرپشن ڪلچر جي ڪري سرڪاري آفيسر ۾ ڪارو ناڻو ٺاهيو آهي ۽ حڪومتي ادارن جي سياستدانن به ڪارو ناڻي مان گهر ڀريا آهن. نيب جنهن به اداري تي ڪاروائي ڪئي آهي.انهي نيب کان اهو ئي سوال ڪيو آهي ته آئون ڇو.جيڪو ڪجهه آئون ڪري رهيو آهيان اهو ته ٻيا به ڪن پيا.انهي ڪري اهي ادارا جيڪي ڪرپشن مان ڪارو ناڻو ڪمائي رهيا آهن.اهي  سوال ڪري جان ڇڏائڻ ٿا چاهين ته آخرمان ڇو.مان سمجهان ٿو ته نيب کي پنهنجي ڪاروائين کي شفاف ڪرڻ لاءِ پنهجي طريقڪار کي فوري بدلائڻ گهرجي ۽ پاڻ مٿان ٿيندر تنقيد جو جواب ڏيڻ گهرجي.هن وقت پاڪستان جو ڪهڙو ادارو آهي.جيڪو ڪرپشن کان

آجو آهي.جهن اندر ڪرپشن نه ٿيندي هجي، پاڪستان اندر ميگا ڪرپشن جو نالو ڇو ڏنو ويو آهي.پر ايترو ضرور آهي جو نيب پنهنجي ڪاروائين ۾ جيتري تيزي آِڻيندي آهي.جيڪڏهن انهي ڪسين کي حل ڪرڻ ۾ به اهڙي تيزي آڻي ته شايد اها پوءِ ڪجهه تنقيد کان بچي وڃي. سرڪاري ملازم سڀ هڪ جهڙا نه ناهن.ڪي پنهنجي فرض سان سچا ۾ فاڪا ڪشي ته برداشت ڪري سگهن ٿا.پر حرام جو هڪ رپيو به کائي نه سگهن.مون ڏٺو آهي.انهن ايماندار آفيسرن کي جن جي گهرن جي چلهه ڪيترائي ڏينهن ناهي ٻرندي جن مان معصوم ٻار پنج رپين واري چاڪليٽ لاءِ پيا سڪندا آهن ۽ پنهنجي پاڙي ۾ ڪاري ناڻي سان پيٽ ڀريندڙ وڏن پيٽن وارن جي ٻارن کي مهانگيون شيون کائيندي پيا اکين مان لڙڪ واهيندا آهن.پر ميان صاحب کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي اگر اهڙن آفسيرن جي خلاف اگر نيب جاچ به ڪري ٿي جنهن ۾ هو خد به شامل آهي ته انهن جي گهرن مان نڪرندو به ڇا..جن جي ٻار کي بکايل پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ وقت تي ماني به نصيب نه ٿي انهن تي اگر نيب ڪاروايون به ڪري پوءِ به انهن جي دامن مان ڇا نڪرندو.ان ڪري اهو ضرور آهي ته نيب انهن جي خلاف ئي جاچ ڪئي وڃي.جن ڪاري ناڻي مان گهر ڀريا آهن.ان ڪري هن دفعي ميان صاحب جي نيب جي گهيري ۾ آهي. نيب ڪا ڪالهه پاڪستان ۾ ايجاد ناهي ٿي ۽ نه ئي تازيون ڪارايون ڪيون آهن.ڇو ته نيب پ پ جي ڪيترن ئي سياستدانن خلاف وٽ پڪڙ ڪري کين گرفتار ڪيو.پر ان تي به ان وقت ميان صاحب ڪو بيان نه ڏنو هو.ڊاڪٽر عاصم گرفتار ٿيو ته ميان صاحب کي حڪومت ۾ چوڌري چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي اسان وٽ فر فر واري اعتراَضي وڊيو پيل آهي.پر افسوس ته اهو آهي ته  آخر نيب تي اهڙو تنقيدي بيان ڇو ڏنو هو، ان ڪري لڳي ائين ته شايد نيب هاڻي سنڌ کي ڇڏي ڪري پنجاب جو رخ ڪيو آهي.ان ڪري  وفاق کي نيب تي ڪاروائين تي اعتراض ٿي پيو آهي ۽ اهو سجهه کان ٻاهر آهي.برحال نيب اگر سنڌ کان پوءِ پنجاب اندر ڪرپشن جي ڪيس جاچ جو گهيرو تنگ ڪري ته اها به سٺي ڳالهه ٿيندي.آخر سنڌ کان پنجاب جو وارو به اچڻ گهرجي .ان ڪري نيب اگر پنجاب حڪومت خلاف ڪاروايون ڪرڻ تي موڊ ۾ آهي ته کيس تنقيد کان ڊڄڻ نه گهرجي.ڇو ته اگر هو ڪارويوان ڪندي ته به تنقيد ٿيندس.. نه ڪندي ته به تنقيد ٿيندس.ان ڪري ايترو ضرور آهي ته جيڪڏهن نيب پنهنجي ڪاروايون ڪري ته ان ۾ سچائي هجي.ته جيئن انهن ڪاروائين جي ور ڪو معصوم نه چڙهي…..

*****

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *